Sunday, January 28, 2024

رسو وڪڻڻ - حسين ڪپري

رسو وڪڻڻ

مختصر ڪهاڻي

حسين ڪپري



دڪاندار اٽو، گيهه ۽ ٻيو سامان توري دنگ ڪيو ته ڪرمشي چيو؛ ”پنج فٽ رسو ڏي.“

ڪرمشي مزور ماڻهو هو ۽ پاسي واري ڳوٺ ۾ رهندو هو. اڪثر ڪري سيڌو سامان وٺڻ دڪان تي ايندو هو. چئن ڳوٺن جي وچ تي هي وڏو دڪان هو جتي هر شئي ملي ويندي هئي ۽ جيڪڏهن پيسو ناهي ته اڌار تي به ملي ويندي هئي. پر سندس عادت هئي ته اڌار ڪو نه وٺندو هو، ڇو ته گلا کان لهرائيندو هو. انهيءَ ڪري هر شئي خريد ڪرڻ مهل ڪفايت ڪندو هو.


”ايتري رسي سان ته ٻڪري به ڪو نه ٻڌبي!“ دڪاندار سامان جي رقم جو ٽوٽل لڳائيندي چيو.

هن هيڏانهن هوڏانهن نظر ڦيرائي. آس پاس بيٺل وڻن مان خزان جا پن پئي ڇڻيا. ٽپهري جو ٽاڻو هو، پري تائين ٻيو ڪو ماڻهو نظر ڪو نه ٿي آيو.

”ٻڪري آهي ڪٿي جو ٻڌان؟ رسو ته ڦاهو کائڻ لاءِ ٿو وٺان!“ هٻڪندي چيائين.

سندس ڳالهائڻ ۾ بندوق جي ڌڪ کان بچي ويل پکيءَ جي هيڻائي هئي.

دڪاندار کيس جانچي ڏٺو، گشو ته ڪو نه ٿو هڻي. ڪي گراھڪ ڀوڳ رونشي ۾ به اهڙيون ڳالهيون ڪري ويندا هئا پر هو بلڪل سنجيدهه هو.

”مسئلو ڪهڙو آهي سچي ٻڌاءِ؟“ هن سندس ڪلهي تي هٿ رکي پڇيو.

”توسان ڪوڙ ڪونهي سيٺ، اسين مرد، مايون ۽ ٻار سڀ ڪم سانگي گهر کان ٻاهر وڃون ٿا. ڪمزور ماڻهو آهيون، اسان سان ڪڏهن به ڪجهه ٿي سگهي ٿو. زماني ۾ رهيو ڪجهه ڪونهي، ماڻهو زناور (جانور) ٿيو پيا هلن. عزت ويندي دير گهڻي ٿي لڳي. عزت وئي ته جيئڻ ڪهڙو! رسو گهر ۾ پيو هوندو ته وڃائيندو ڪو نه، ڪيڏي مهل ڪم ڏيئي ويندو!“ هن دور انديشي سان چيو.

اها ڳالهه غلط ڪو نه هئي، سڀني کي خبر آهي ته اڄڪلهه ڪيترائي غريب ماڻهو پنهنجي گهر ۾ رسو ائين رکن ٿا جيئن امير ماڻهو گاڏيءَ ۾ اسپيئر ٽائر رکن ٿا. ڪا ويل نه ڪنهن جهڙي. انسان کي ڪنهن به مهل ڦاهو کائڻ جي ضرورت پئجي سگهي ٿي.

”اڳي اسان جا ماڻهو جيت مار دوا پيئي آپگهات ڪندا هئا. منهنجي ماسيءَ جي ڌي ڪيسري ڏيڍ ٻُنجي پيتي هئي ايڊرين (ايلڊرين) دوا جي. ٻن ڪلاڪن ۾ پوري ٿي وئي. پر پوءِ اها ملڻ بند ٿي وئي!“ هن غمگين لهجي ۾ چيو.

خبر ناهي ته کيس ماسيءَ جي ڌي جي مرڻ جو ڏک هو يا دوا جي بند ٿي وڃڻ جو پر ڳالهه هن جي سچي هئي. ايلڊرين خطرناڪ دوا هئي، جنهن کي آبادگار مرچن جي فصل کي اڏوهيءَ کان بچائڻ لاءِ استعمال ڪندا هئا. اڏوهيءَ سان گڏ ڏيڏر به مري ويندا هئا. انهن کي جيڪي پکي کائيندا هئا سي به چٽ ٿي ويندا هئا. پکين کي ڪتا کائيندا هئا ته ڪتا به مري ويندا هئا. انهيءَ ڪري سرڪار ان جي ٺاهڻ، وڪڻڻ ۽ استعمال ڪرڻ تي بندش وجهي ڇڏي هئي.

دوائون ته خير ٻيون به هيون ۽ اڃا به آهن پر انهن ۾ ڏوجرا گهڻا آهن. هڪڙو ته ماڻهوءَ جو ساهه دير سان ٽٽي ٿو. ٻيو ته ايتريون الٽيون اچن ٿيون ۽ دست ٿين ٿا جو تڏو ئي تيڪ ٿيو وڃي. پوءِ گند جا گاڏا ڪير ميڙي! جيتوڻيڪ اهو ميڊيڪو ليگل ڪيس هوندو آهي پر ان لاش جي پوسٽ مارٽم ۾ اسپتال جا ڀنگي به هٿ ڪو نه ٿا وجهن. ان جي ڀيٽ ۾ ڦاهيءَ جو موت تيز، گهٽ تڪليف دهه ۽ نسبتن ٺيڪ هوندو آهي.

”اوهان کان ته اوهان جا ٿر وارا مائٽ سولا آهن. جيڏي مهل دل ڪري سڌو وڃي کوهه ۾ ٽپو ڏيو ڇڏين!“ دڪاندار بظاهر ٿرين تي رشڪ کائيندي ۽ هِنن سان همدردي ڏيکاريندي چيو.

”ها يار ڪنهن جي قسمت سان ريس ناهي. اسان کي ته هاڻي رسي تي گذارو ڪرڻو پوي ٿو.“

رسو انساني تهذيبن جي وڏين ايجادن مان هڪ آهي. ان جا تمام گهڻا استعمال آهن. رسي سان کٽ ۾ واڏڻ وجهو، پينگهه لڏو، جهولا کايو، ڪاٺين جون ڀريون ٻڌو. رسي سان مال ٻڌو، چور ٻڌو، ڦاسي گهاٽ ۾ لاش لڙڪايو.

رسو، ماڻهوءَ کي ڄمڻ کان مرڻ تائين ڪتب اچي ٿو. دڪان ۾ ٻيا وکر به گهڻا آهن پر رسو وڪڻڻ ۾ ڪمائي سرس آهي. اڳي جام وڪامندو هو، هاڻي استعمال گهٽجي ويو آهي ته وڪڻڻ مشڪل بنجي ويو آهي.

دڪاندار کي خبر آهي ته واپار ۾ ڪڏهن موڙي، ڪڏهن تيزي هوندي آهي. سڀ قسمت جو چڪر هوندو آهي. ٻه سال اڳ سندس پاڙيسري ڪفن جو دڪان کوليو. اچي جو ڪورونا وبا پکڙي ته اهڙي اچي ڌنڌي ۾ برڪت پئي جو پوري سال جو ذخيرو هڪڙي مهيني ۾ وڪامڻ لڳو! همراهه جي چاندي ٿي وئي. ڀاڳ ڏي ڀيڙو ته دال منجهان شيرو.

هن سوچيو، وڌيڪ نه، رڳو هفتي ۾ ٻه ٽي ظالم گراھڪ اچي وڃن ته ٻيڙو پار ٿي وڃي. ظالم جو رسو ڪيترو ڊگهو هوندو آهي، تنهن جي کيس صحيح خبر ڪونهي پر تڏهن به ٿلهي ليکي اندازو آهي ته ايترو منافعو ٿي ويندو جو ڇهن مهينن ۾ ماڻهو وڃي ٻيو دڪان کولي!

گراھڪ ڪهڙو ٿو اچي، اها قسمت جي ڳالهه آهي، مگر ان کي لڇي ۾ لاهڻ دڪاندار جو ڪم آهي، جنهن لاءِ چالاڪي ۽ اٽڪل کپي.

”توکي ڀائرن واري صلاح ٿو ڏيان ته انهيءَ ڪم لاءِ به ايترو ڇوٽڙو رسو پورو ڪو نه پوندو، ڇو ته وڻ ڊگها آهن!“ هن پنهنجائپ ڏيکاريندي چيو.

”آئون ٻنيءَ ۾ هڪڙو نميل وڻ جانچي آيو آهيان، جيڏي مهل ضرورت پئي اتي ڪم ٿي ويندو!“ هن پنهنجو سامان ٽوال ۾ ٻڌندي چيو.

دڪاندار کي انهيءَ جواب تي دل ۾ ڪاوڙ ته ڏاڍي آئي پر هن ظاهري طرح پنهنجو لهجو ٿڌو رکيو.

”تيز هوائون لڳن، طوفان اچن، وڻ ڪري پوي، ٽار ڀڄي پوي، پوءِ تون ڇا ڪندين؟“

سندس ڳالهه ۾ وزن هو. هو ٻڏ تر ۾ پئجي ويو.

ڪجهه دير سوچي پوءِ چيائين؛ ”تڪڙ ڪانهي، رسو ٻئي چڪر وٺنداسين.“

سيٺ پيڙهائتو واپاري هو. هڪڙي دفعا گراھڪ دڪان تي چڙهي ۽ شئي پڇائي ڇڏي وڃي سا ڳالهه هن لاءِ مهڻي برابر هئي. پر مسئلو اهو هو ته هو پڪائي ڏيکاري رهيو هو. مگر ڪنجوس گراھڪ کي منهن ڏيڻ هن کي آيو ٿي. برابر هو غريب ماڻهو هو، هن سان رعايت ڪرڻ گهربي هئي پر گهوڙو گاهه سان دوستي ڪندو ته کائيندو ڇا. رسو ته هر صورت ۾ وڪڻڻو هو ۽ هن کي وٺڻو هو. سو کيس راضي ڪرڻ لاءِ هن هڪ واقعو ٻڌايو.

”ڪافي سال اڳي سترام نالي هڪڙو همراهه، جيڪو شايد تنهنجي ئي ڳوٺ جو هو، منهنجي دڪان تان ڇوٽڙو رسو وٺي ويو. هڪڙي ننڍڙي وڻ تان ڦاهو کائي لڙڪيو ته هلڪو جهٽڪو آيس، ذري گهٽ اڌ مڻڪو ٽٽي پيو، پير زمين تي پئي لڳا، پورو گهٽو نه اچي. الائي ڪيترا ڪلاڪ لنگهي ويا، مڙس مري، نه جيئي.

پوءِ پوليس آئي تنهن ڳچيءَ مان سرڪ ساهي ڪڍي، هٿن ۾ هٿڪڙيون لڳائي همراهه کي مرڳو لاڪپ ڪري ڇڏيو.“

ڪرمشي جي چهري تي ڏک جا آثار ائين پئي نظر آيا جيئن اڀري ٻارن جون پاسراٽيون ڏسڻ ۾اينديون آهن. ڪجهه گهڙيون اکين ۾ آيل لڙڪ روڪڻ ۾ لڳي ويس. مگر سندس حالت کان بي پرواهه دڪاندار پنهنجي ڳالهه جاري رکي.

”هو غريب، سرڙيو هاري هو. گرفتار ٿي ويو ته پويان ڪو مرد ڀاتي ڪو نه بچيو. کيس ڇڏائڻ لاءِ سندس زال، ٻار ٻچا نياڻيون ميڙ وٺي ڊي ايس پي صاحب جي بنگلي تي وئي. صاحب نياڻيءَ کي مان ڏيندي ڌرمشي کي ڇڏي ڏنو پر سندس ڌيءَ وڻي ويس، ان کي ويهاري ڇڏيائين. هيءُ روئڻ لڳا ته ڌمڪي ڏنائين جي گوڙ ڪندا ته ڇوڪريءَ جو ڪورٽ ۾ بيان ڪرائي سڀني کي جيل ۾ بند ڪري ڇڏيندس. مائٽ جيئري ڇوڪريءَ کي مئي ساسائي موٽي آيا. هو پوءِ جيترا سال جيئرو رهيو، ڌيءَ کي ياد ڪندو رهيو. پڇاڙيءَ جو روئي روئي انڌو ٿي ويو!“

سندس ٻڌائڻ جو انداز اهڙو هو جو سڄو منظر اکين اڳيان ڦري ويو. ڪرمشي سندس سحر ۾ اچي ويو.

”تون سچو آهين!“ ڪنڌ لوڏيندي چيائين.

کيس سخت جذباتي ڪيفيت ۾ ڏسي دڪاندار کي يقين اچي ويو ته هن گراھڪ جي ڏکندڙ رڳ پڪڙي ورتي هئي. هاڻي لوهه گرم هو، سو هن فيصلائتو وار ڪيو.

”ميان جا فقير ڏسو نٿا، اوهان جي اڳيان ماڻهو اهڙا ڌڪ کايو ويٺا آهن، پوءِ به سڌرو نٿا. معمولي غلطيءَ جي ڪري پورو خاندان ڏچي ۾ اچيو وڃي.“

سندس لهجي ۾ اهڙي تنبيهه هئي جو کيس يقين اچي ويو ته سيٺ سندس ڀلائي لاءِ چئي رهيو هو. هن نٿي چاهيو ته هڪڙي ننڍڙي غلطي جي ڪري پوري آڪهه سورن ۾ پئجي وڃي.

”تنهنجي مرضي، جيترو صحيح لڳي اوترو رسو ڏي!“ هن مزاحمت ڇڏيندي چيو.

گراھڪ وڌيڪ رسو خريد ڪرڻ تي راضپو ڏيکاريو ته دڪاندار جو من وڌي ويو. هن پينترو بدلايو.

”بيٺو ڇو آهين، ويهه! ڏس، عام رسو کهرو هوندو آهي، جنهن سان ڪنڌ ۾ گهپو پئجيو وڃي. اهو نشان لاش تي خراب لڳندو آهي. مگر تو جهڙي خاص گراڪ لاءِ سٺي شئي ٽاري رکندو آهيان، ترس.“

پوءِ هو دڪان اندر ٺهيل سرنگ جهڙي خفيه حصي ۾ ڍري ويو ۽ اتان هڪ ويڙهو کڻي آيو.

”هي پشم جو نرم ۽ ملائم رسو وٺ. ٻه پيسا وڌيڪ لڳندا، خير آهي. پر ساهه نڪرڻ وقت هڪ ريشمي احساس ڪنڌ کي ويڙهيو پيو هوندو.“

”پر اهو مضبوط ته آهي نه؟“ ڪرمشي ويڙهي تي هٿ ڦيريندي پڇيو.

”مضبوطيءَ کان تون بي فڪر ٿي وڃ، ڀلي سڄو گهر ڦاهو کائي مري وڃي، رسو نه ٽٽندو!“

 

(ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد ۾ ۱۵ مئي ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment