Wednesday, January 31, 2024

ھڪڙي ڪلارڪ جو موت - انتون چيخوف - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

ھڪڙي ڪلارڪ جو موت

(روسي ڪھاڻي)

ڪھاڻيڪار: انتون چيخوف

سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



ھڪڙي سندر شام جو، ھڪڙو سھڻو ڪلارڪ ايوان ديمترچ چيروياڪوف، ٿئيٽر اندر، اڳين سيٽن جي ٻيءَ قطار منجھ ويھي، دوربين جي مدد سان اوپيرا ’ڪارناويل جا گهڙيال‘ کان محظوظ ٿي رھيو ھيو. سندس اکيون اسٽيج ۾ کُتل ھيون ۽ ھو پاڻ کي دنيا جو وڏو خوش نصيب انسان سمجھي رھيو ھيو. ايتري ۾ اوچتو... ھيءُ ’ايتري ۾ اوچتو‘ واقعي گٺل پيٺل فقرو آھي، ليڪن جڏھن زندگيءَ ۾ ئي ايڏن غير متوقع ڳالھين جي ججھائي آھي ته ويچارا اديب، اھو استعمال نه ڪن ته ٻيو ڇا ڪن؟ خير! ايتري ۾ اوچتو سندس چھري ۾ سَرَ پئجي ويا، اکيون آسمان ڏانھن کڄي ويس، ساھ مونجھو ٿيڻ لڳس. ھن ٻوٿ کي دوربين کان ھٽايو، پنھنجي سيٽ تي صفا ٻيڻو ٽيڻو ٿي ويو ۽... آخ ڇو!!! مطلب ته کيس ڇڪ اچي وئي. ڇڪ اچڻ ۾ ڇا ھي؟ جنھن جي جڏھن دل گهري، بي ڌڙڪ ڇڪ ڏئي سگهي ٿو. ڀلا ڪير آ، جيڪو ڇڪ نه ڏيندو ھجي. ھاري، پوليس جا آفيسر حتانڪ شاھي مشاورتي ڪائونسل جي ميمبرن تائين، ڇڪون ڏيندا رھندا آھن. کيس ڪنھن به قسم جي ڪا شرمساري محسوس نه ٿي. ھن کيسي مان رومال ڪڍي، پنھنجو نڪ اگهيو ۽ تھذيب يافته ماڻھوءَ وانگر ھيڏي ھوڏي نظر ڦيريائين ته سندس ڇڪ سان ڪنھن کي ڪا تڪليف ته نه پھتي آھي. ۽ تڏھن کيس شرمساري محسوس ٿي، جڏھن ھن ڏٺو ته پھرين قطار ۾ ٺيڪ سندس اڳيان ويٺل ھڪڙو بندري قد جو ڪراڙو، پنھنجي ٺوڙھي ٽڪڻ ۽ ڪنڌ کي احتياط منجهان دستانن سان اگهي رھيو آھي ۽ چپن ئي چپن ۾ ڀڻ ڀڻ به ڪري رھيو آھي. چيروياڪوف، ان ڪراڙي کي سڃاڻي ورتو. اھو ته مواصلات جي وزارت وارو سول جنرل بزيزيالوف ھيو. سول جنرل- غير فوجي وڏو آفيسر، جنھن جو عھدو، جنرل جي برابر ھوندو آھي.



”اڙي! مون ته ھن کي ڦڻنگون ھڻي ڪڍيون!“ چيروياڪوف سوچيو؛ ”ائين ته ھيءُ منھنجو بالا آفيسر ناھي، پر پوءِ به ٿيو ڏاڍو خراب. معافي وٺڻ گهرجي.“

”معاف ڪجو! يوئر ايڪسيلنسي! ڇڪ اچي وئي ۽ اوھان تي ڇنڊا پئجي ويا. منھنجو ھرگز اھو ارادو نه ھيو.....“

”ڪا ڳالھ ناھي، ڪا ڳالھ ناھي...“

”خدا جي واسطي معافي ڏيو! اھا حرڪت مون ڄاڻي واڻي ناھي ڪئي.“

”اوھ! مھرباني ڪري چپ ڪري ويھ! مون کي ٻڌڻ ڏي!“

چيروياڪوف ٿورو گهٻرائجي ويو. ڦڪائيءَ مان مُرڪي، اسٽيج ڏانھن ڌيان ڏيڻ جي ڪوشش ڪيائين. ھيءُ اداڪارن کي ته ڏسي رھيو ھيو پر ھاڻ پاڻ کي دنيا جو وڏو خوشنصيب نه پئي تصور ڪيائين. پشيمانيءَ جي احساس کيس، عجيب جنجل ۾ وجهي ڇڏيو ھيو. انٽرويل ۾ بزيزيالوف وٽ پھچي، ٿوري دير اوسي پاسي ۾ ڦيراٽيون ڏيندو رھيس ۽ پوءِ آخرڪار دل ٻڌي چپن ئي چپن ۾ چوڻ لڳس؛

”مون اوھان تي ڇنڊا وڌا ھيا، يوئر ايڪسيلنسي..... مون کي معاف ڪجو.. ڏسو نه منھنجي ھرگز اھا نيت نه ھئي.“

”اوھ! واقعي! ... مون ته وساري ڇڏيو ھيو. مگر تون آن جو تھوت لايو ڀيٽو آھين.“ جنرل چيس ۽ سندس ھيٺيون چپ، بي صبريءَ منجهئون ڦڙڪيو پئي.

”زبان سان چئي ته پيو ٿو ته وساري ڇڏيو اٿم پر سندس اکيون اڃا ڪو ٻيون پيون چون.“ چيروياڪوف، جنرل تي شڪ ڀري نگاھ وجهندي سوچيو. حقيقت ۾ مون سان ڳالهائڻ ئي پسند نه ٿو ڪري. مون کي پنھنجي صفائي ڏيڻ گهرجي. کيس ٻڌائڻ گهرجي ته منھنجو ھرگز اھو ارادو نه ھيو... ڇڪ ته ڇا، اھا ته ھڪڙي قدرتي ڳالھ آھي ور نه ته ھيءُ سوچيندو ته مان مٿس ٿڪون اڇلڻ پئي چاھيون. ھن وقت اھا ڳالھ ڀل دل ۾ نه ٽليندو ھجي، پر پوءِ وڃي اھا ٽَلي به سگهي ٿو....

گهر پھچي چيروياڪوف، جوءِ سان به سرٻاٽ ڪڍيو ته کانئس اڄ ڪھڙي نه بيھوده حرڪت ٿي وئي آھي. ائين لڳو ته ڄڻ جوڻس سندس ڳالھ کي ڌوڙ جيتري به اھميت نه ڏني. اھا جهٽ سوا لاءِ ته ضرور سوچ ۾ ٻڏي وئي، ليڪن اھو ٻڌندي ته بزيزيالوف ’غير‘ آفيسر آھي، سندس اطمينان بحال ٿي ويو.

”وري به منھنجو خيال آھي ته تو کي وڃي معافي وٺڻ گهرجي.“ ھن مڙس کي چيو؛ ”ور نه ته ھو تو کي مجلسي آدابن کان وانجهيل سمجهي ويھندو.“

”اھا ئي ته ڳالھ آھي! جو مون معافي وٺڻ جي ڪوشش ڪئي پر ھن موٽ ئي ابتي ڏني... ھڪڙو لفظ به اھڙو نه چيائين جيڪو ٺيڪ ھجي.. وري ڳالهائڻ جو وقت به ڪاٿي ھيو.“

ورندي ڏينھن تي چيروياڪوف پنھنجو نئون سرڪاري فراڪ ڪوٽ پاتو، وار ڪٽرايائين ۽ پنھنجي صفائي ڏيڻ لاءِ بزيزيالوف ڏانھن ويو... جنرل جو ملڻ جلڻ وارو ڪمرو، عرضدارن سان ٽنڊڙيو پيو. پاڻ جنرل به اتي ئي ھيو ۽ ماڻھن جون عرضداريون پئي ورنايائين. آخرڪار چند ماڻھن سان سندن مسئلن بابت ڳالھائي ٻولھائي ۽ پوءِ پنھنجون نگاھون چيروياڪوف ڏانھن کڻي ڏٺائين.

”گذريل شام جو. آرڪياوا ۾، جيڪڏھن اوھان کي ياد ھجي، يوئر ايڪسيلني!” ڪلارڪ چوڻ شروع ڪيو؛ ”م.. مو... مون کي ڇڪ اچي وئي ھئي.... ۽ ... ۽ .... اتفاق سان.... منھنجي التجا آھي.....“

“ٿو! ڇا بڪواس آ“ جنرل چيو. ”چؤ! مان اوھان جي لاءِ ڇا ٿو ڪري سگهان؟“ ھن ٻئي شخص سان مخاطب ٿيندي پڇيو.

”ھيءُ ته منھنجي ڳالھ ئي نه ٿو ٻڌي!“ چيروياڪوف، جنھن جو ٻوٿ ڀيلو ٿي ويو ھيو، سوچيو؛ ”ان جو مطلب آھي ته وڏي ڪاوڙ ۾ آھي.. مان ڳالھ کي ان حالت ۾ ڇڏي نه ٿو سگهان... مون لاءِ چٽائي ڪرڻ، اشد ضروري آھي.“

جنرل، پنھنجي آخري عرضدار کي اڪلائي، اڪيلائيءَ ۾ ويھڻ واري پنھنجي جاءِ ڏانھن وڃڻ لاءِ جيئن مڙيو ته چيروياڪوف به سندس پويان پويان ھلندي آھستڙي آھستڙي ڪري چوڻ شروع ڪيو؛

”مون کي معاف ڪجو! يوئر ايڪسيلنسي! فقط پنھنجي دل جي ندامت سببئون يوئر ايڪسيلنسيءَ کي پيو تڪليف ڏيڻ جي جرئت ڪيان....“

جنرل، روئڻي شڪل ڪئي ۽ پنھنجي ھٿ کي جهٽڪو ڏنو؛ ”دراصل اوھان مون تي ٺٺوليون ۽ چٿرون پيا ڪيو، جناب عالي!“ ائين چئي، اندر گهڙيو ۽ دروازو بند ڪري ڇڏيائين.

”ٺٺوليون ٿو ڪيان!“ چيروياڪوف سوچيو؛ ”مون کي ته مشڪري ڪرڻ جي ڪا به ڳالھ ٺاھڻ ئي ڏانءُ نه ايندي آھي. جنرل آھي جو اڃا به ڪجھ نه ٿو سمجهي. چڱي ڳالھ آ. مان ھاڻي معافيون وٺي وٺي، ھن ڀلي-مانس جو مٿو نه چٽيندس. باھ ۾ وڃي پئي! مان ھاڻي کيس ھڪ خط لکي ڇڏيندس ۽ بس. ٻيھر وٽس نه ايندس. ھرگز نه ايندس. بس قصو ئي ڪوتاھ!“

اھي خيال ذھن ۾ اوريندو، چيروياڪوف گهر موٽي آيو، ليڪن ھن خط نه لکيو. ھن گهڻي ئي مغز ماري ڪئي پر خط جو ڪو به متن نه سُجهيس. نتيجو اھو نڪتو جو معاملي کي سلجهائڻ لاءِ کيس ورندي ڏينھن تي جنرل وٽ وڃڻو پئجي ويو.

”مون ڪالھ اوھان کي تڪليف ڏيڻ جي جرئت ڪئي ھئي، يوئر ايڪسيلنسي!“ جنرل جي سواليہ نگاھ جي جواب ۾ ھن چوڻ شروع ڪيو؛ ”ليڪن اوھان تي ٺٺول ڪرڻ جي لاءِ نه! جيئن اوھان فرمايو ھيو، يوئر ايڪسيلنسي! دراصل مان معافي وٺڻ لاءِ حاضر ٿيو ھيس، ڇو جو مون کي آيل ڇڪ، اوھان جي تڪيلف جو سبب بڻي ھئي... جيستائن اوھان تي ٺٺول ڪرڻ جو سوال آھي، ته اھڙي بدتميزيءَ جو مان تصور به نه ٿو ڪري سگهان. ڀلا! مان ان جي جرئت به ڪيئن ٿو ڪري سگهان! جيڪڏھن اسان ٻين تي ٺٺوليون ڪرڻ تي لھي اچئون ته احترام جو وجود ئي ڪو نه رھندو.... اعليٰ آفيسرن جي عزت ئي ڌوڙ ٿي ويندي...“

”نڪري وڃ ھتان!...“جنرل تپي باھ ٿيندي، ٿڙڪندي رڙ ڪئي.

”ڇا فرمايَوَ!“ چيروياڪوف، ڀؤ جي شدت کان بلڪل سُنِ ٿيندي آھستڙيان چيو.

”نڪري وڃ!“ جنرل، پيرُ ڌرتيءَ تي سٽيندي ٻيھر چيو.

چيروياڪوف کي لڳو، ڄڻ سندس اندر منجھ ڪا شيءِ ٽڙڪو ڪري ڀڄي پئي. ھاڻ نه ھو ڪجھ ٻڌي پئي سگهيو ۽ نه ئي ڏسي پئي سگهيو ۽ انھيءَ حالت ۾ دروازي ڏانھن پوئتي موٽيو. سڙڪ تائين نڪري آيو ۽ ھلي پيو. انھيءَ حالت ۾ ٿيڙ کائيندو، غير شعوري طور گهر پھچي، پنھنجو سرڪاري فراڪ ڪوٽ پاتي پاتي ئي صوفي تي آھلي پيو... ۽ سندس روح، خاڪي پتلي مان اُڏار ڪري ويو.



(ماھوار ھمسري حدرآباد آنلائين جي فيبروري ۲۰۲۴ع واري شماري ۾ ڇپيل)

No comments:

Post a Comment