Sunday, January 14, 2024

ڪيئن ڀنڀوليو ڪرهو - حسين ڪپري

ڪيئن ڀنڀوليو ڪرهو!

مختصر ڪهاڻي

حسين ڪپري



عليءَ جي نجما سان واقفيت، ڪتابن جي دڪان تي ٿي. هيءُ هڪ نظرياتي پارٽي جو ڪارڪن هو ۽ پمفليٽ لکڻ لاءِ مارڪر، ڪاغذ کونئر وٺڻ آيو هو. هوءَ ڪتاب خريد ڪرڻ آئي هئي ۽ هيستائين ڦلهوري سلهوري ايترا ٿلها سنها ڪتاب وٺي چڪي هئي جو هاڻي انهن کي کڻڻ مسئلو ٿي پيو هو.

”شاباس آهي انهن ماڻهن کي جيڪي هن دور ۾ به ڪتابن تي پيسا خرچ ڪن ٿا.“ هن حوصله افزائي واري انداز ۾ چيو.


ڪتاب پڙهندڙ ماڻهن جو قدر کيس ڪامريڊن سان اسٽڊي سرڪل هلائڻ دوران پيو هو ۽ بنا ڄاڻ سڃاڻ جي ڳالهائڻ به انهن کان سکيو هيائين.

”بس شوق جو ملهه ڪونهي.“ هن، ڏانهس ڪنڌ ورائيندي، سادگيءَ سان جواب ڏنو.

’اهڙن ماڻهن لاءِ ٻيو کڻي ڪجهه نه به ڪجي پر ڪا سولائي پيدا ڪري سگهجي ٿي.‘ اهو سوچي هن ڪتابن جا بنڊل کڻي ٻاهر رڪشا تائين پهچايا.

مدد ڪرڻ تي ڇوڪريءَ مهرباني مڃي ته هن فون نمبر گهري ورتو. سٺي ڳالهه اها ٿي ته ھُن ڏيئي به ڇڏيو.

انهيءَ مختصر ملاقات کان پوءِ هنن جو فون تي سلسلو شروع ٿيو.

هيءُ ميسيجن ۾ گڊ مارننگ چوندو هوءَ ته هو صبح بخير سان جواب ڏيندي هئي. هيءُ شاعري موڪليندو هو ته هوءَ اقوال زرين سينڊ ڪندي هئي. جمعو مبارڪ ته هر هفتي باقاعدگي سان اماڻيندي هئي.

ٽي مهينا ڳالهائڻ کان پوءِ، کيس احساس ٿيو ته سوليون شيون ماڻهن پهرين ئي حاصل ڪري ورتيون. وڻن تي هيٺ لڙڪندڙ ميوات اڳي ئي پٽجي وئي. چوٽيءَ تي پڪل ميوا باقي بچيا آهن.

هو جنهن سان پيچ پائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو سا ڏکي ڇوڪري هئي. کيس تازو ٽيچر جي نوڪري ملي هئي ۽ هن سان ائين پيش اچي رهي هئي ڄڻ ڪو شاگرد هجي. حالانڪ هن کيس ٻڌايو به هو ته ڪامريڊ هئڻ سان گڏ، هو روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ ڪلارڪ به هو ۽ روزگار جي فڪر کان آجو هو. پر خاتون انهن شين کي ليکيو ئي نٿي. هٿ رکڻ ته پري رهيو، هن ته ويجهو به اچڻ نٿي ڏنو. تڏهن به هن همت نه هاري، احتياط سان لڳو رهيو.

ميسيجن ۾ هو ڪتابن تي تبصرا ڪندا، هڪ ٻئي کان موسمن جا حال پڇندا ۽ زماني جون ڳالهيون ڪندا هئا. پوءِ پنهنجي پسند ۽ ناپسند ڊسڪس ڪرڻ لڳا. پر انهيءَ ۾ به ڪا ذاتي ڳالهه شامل نه هوندي هئي.

ساڻس ڳالهائڻ مهل هو ٻن ڳالهين جو خيال رکندو هو. هڪ ته ڪو اهڙو جملو يا لفظ نه چئجي جنهن سان هوءَ ٽهي وڃي يا ناراض ٿئي. ٻيو جيڪو چئجي ان ۾ پنهنجي زندگيءَ جا ڪجهه بيوقوفيءَ وارا واقعا، غلطيون ۽ ناڪام دل لڳيون به ضرور شامل ڪجن. ماڻهن کي پنهنجون ڪاميابيون ٻڌايو ته ڇڊا ٿيو وڃن پر ناڪاميون سڻايو ته نزديڪ اچيو وڃن. سبب اهو هوندو آهي ته هو به ساڳيون ئي غلطيون ڪندا آهن.

هو جنهن مصنوعي سادگيءَ سان پنهنجي زندگيءَ جو ڪچو چٺو کوليندو ويو، تنهن مان نجما کي احساس ٿيو ته هو هڪ ايماندار ۽ صاف دل ماڻهو آهي. اهڙو ماڻهو، جنهن کي هوءَ هاڻي پر خلوص دوست چئي سگهي ٿي.

آهستي آهستي هو گفتگو ۾ توهان کان تون تائين پهتا ۽ مذاق به ڪرڻ لڳا.

هڪ دفعي چوڻ لڳي؛ ”سچي ٻڌايان؟“

”ڀلي ٻڌاءِ پر ڪا اهڙي سيريس ڳالهه نه ڪجانءِ. پاڻ نرم دل ماڻهو آهيون، روئي پونداسين. اڳي ئي ڏاڍا لڙڪ لاڙي چڪو آهيان.“

”دل ڦينڪ ماڻهن سان ته ائين ٿيندو آهي.“ هن چيڙائڻ واري انداز ۾ چيو. ”ٻڌڻ لاءِ صرف ڪن کپن، تون دل سان نه ٻڌجانءِ، جذباتي نه ٿيندين.“

”هڪڙي موسم گرم، ٻيو رت گرم، جذباتي ڪيئن نه ٿيندس.“ هن چلولائيءَ سان چيو.

”ٺيڪ آهي، پاڻيءَ جو گلاس پيءُ، ٿڌو ٿي. اسڪول ۾ موڪل ٿي وئي آهي، آئون به وڃان ٿي پنهنجي گهر.“

هن کي شرارت سجهي آئي؛ ”پيءُ جو گهر، مڙس جو گهر، ڀاءُ جو گهر ٿيندو آهي، باقي عورت جو پنهنجو گهر ته ٿيندو ئي ناهي.“

”ها پر سڀ گهر، ماين سان ئي هلن ٿا!“ هن کلندي جواب ڏنو.

هو ڄاڻي واڻي اهڙيون ڳالهيون ڪندو هو، ڇو جو کيس خبر هئي ته خواتين وندر لاءِ سڪايل هونديون آهن ۽ تفريحي ڳالهين کان هڪدم متاثر ٿينديون آهن.

ڳالهائڻ ۾ هوءَ پاڻ به گهٽ ڪا نه هئي. الائي ڪهڙيون ڳالهيون، ڪٿان ڪڍي ايندي هئي ۽ لاجواب ڪري ڇڏيندي هئي.

ڪالهه چوڻ لڳي؛ ”اڄ ڪلاس ۾ اسٽوڊنٽس سوال ڪيو ته فرهاد جيڪا شيرين لاءِ نهر وهائي، انهيءَ ڪهڙيون آباديون ڪيون، ڪهڙا فصل پوکيا، لڻيا، بٽايون ڪيون؟ عاشقن جا ڪم سدائين ابتا، ڦٽيو وڃن. ٻارن کي ڇا ٻڌايون ته ان ليسن مان ڪهڙو سبق ملي ٿو!“

”درسي ڪتابن ۾عاشقيءَ وارا سبق ان ڪري رکيل آهن جو عشق، قسمت وارن ماڻهن کي نصيب ٿيندو آهي.“ سندس طنز کي نظرانداز ڪندي هن جواب ڏنو.

بنا سوچڻ جي هن چيو؛ ”قسمت ۾ ته ٺڳجي ويا آهيون، پاڻ مان ڪير به مطمئن ناهي. هيڊ مسٽريس فرمائي ٿي؛ تو وٽ مستقبل جي پلاننگ ناهي. سهيلين چون ٿيون؛ تون حالتن مان سبق نٿي سکين. گهر ۾ ناني پڇي ٿي؛ تو کي عقل آخر ڪڏهن ايندو!“

هوءَ طبيعت ۾ خوش مزاج، ڳالهائڻ ۾ هوشيار ۽ ڪردار ۾ مضبوط هئي، ظاهري طرح سندس ٺهڻ جو امڪان گهٽ هو. تڏهن به هو کيس بار بار چوندو هو ته رڳو ڳالهين سان دل نٿي ڀرجي، ڪا نويڪلي ڪچهري به ٿيڻ گهرجي. مگر هوءَ، هر وار انڪار ڪري ڇڏيندي هئي.

نيٺ هڪڙي ڏينهن دل سڙندي هن جي واتان نڪري ويو؛ ”ايڏي ظالم آهين، جو شڪ پوي ٿو ته تنهنجو تعلق ڪنهن ڪاسائي خاندان سان آهي!“

ان مهڻي مٿس الائي ڪهڙو اثر ڪيو جو ڪجهه گهڙيون ته ماٺ ڪري وئي.

پوءِ وضاحت ڪندي چيائين؛ ”اسين ڪاسائي نه پر پراڻن خيالن وارا ماڻهو آهيون. اسان جو ماحول ڏسندين ته تون پاڻ ملاقات تان هٿ کڻي ويندين. اعتبار نه اچئي ته ٻه پير ڀري، خود اچي ڏسي وڃ.“

انهيءَ دعوت خير تي عمل ڪندي، هو سندس پاڙي ۾ وڃي نڪتو. ڇا ڏسي، ڪنهن کي اڇي ٽوپي مٿي تي پاتل، ڪنهن کي ڄار جو ڏندڻ، جدا ننڍڙي کيسي ۾ لڳل ۽ ڪنهن کي ٽوال ڪلهي تي رکيل! حلئي ۾ سڀ ماڻهو شريف پئي لڳا.

پوءِ هن وري سندن ڪم ڏٺو. ڪي ڪتابن تي جلدون پيا ٻڌن، ڪي عينڪن تي شيشا پيا لڳائين، ته ڪي گهڙيالن ۽ واچن جون مرمتون پيا ڪن!

جيڪي هروڀرو سياڻا پيا لڳن، سي ڪنهن واندي بي روزگار ماڻهوءَ کي ٻانهه مان جهلي ڌنڌي روزگار ڪرڻ جون صلاحون پيا ڏين.

باقي بچيا پوڙها، سي به واندا نه ويٺا آهن. ظاهري طرح ته نَوَ-ٽِڻِي راند پيا کيڏن، پر اصل ۾ پاڙي جي جوان ڇوڪرن جي وک ۽ اک تي چوڪسي رکيو ويٺا آهن. انهن سان ڳالهائڻ بيڪار هو. اهڙا ماڻهو ڪنهن جي ٻڌندا ناهن.

اڳيان هليو ته هڪڙو نوجوان مليس، خوش گفتار ۽ خوش اخلاق. پاڻي، چانهه ۽ مانيءَ جي ترتيبوار صلاح هڻڻ بعد چوڻ لڳو؛ ”حضرت اوهين شايد پهرين دفعا هتي آيا آهيو، اسان جي پاڙي ۾، ڪجهه کايو ٿا نه پيو ٿا. جي نصيحت ڪرڻ چاهيو ته بندو اها به ٻڌڻ لاءِ حاضر آهي.“

هونئن ته دنيا ۾ ڪئين لطف آهن پر ٻين کي نصيحت ڪرڻ ۾ جيڪو مزو اچي ٿو تنهن جي ڳالهه ئي اور آهي. هو سندس مهمان نوازيءَ ۽ قربانيءَ واري جذبي کان متاثر ٿيڻ کان سواءِ رهي نه سگهيو. گڏوگڏ اهو به احساس ٿيس ته نام نهاد نصيحت بازن ڪيڏو تنگ ڪري وڌو هو خلق کي.

واپس ورندي رستي ۾ هو پاڻ سان دليل بازي ڪندو آيو ته ايڏي سخت مزاج ڇوڪريءَ سان پيار ڇو ڪيو، ۽ اهو به هڪ-طرفو! شايد ان ڪري جو هوءَ ٻين کان مختلف هئي، يا ان ڪري جو گهڻي سهڻي هئي يا گهڻي ذهين هئي! کيس ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو.

محبت جي هڪڙي خاصيت اها به آهي ته لڪائي نه سگهبي آهي، ضرور ڪنهن کي همراز بنائڻو پوندو آهي. هن پنهنجو راز، سنگت کي ٻڌايو. انهن چيس؛ جتي مائٽ روايتي خيالن جا هوندا آهن، اتي ڇوڪريون به برقعو پايو نڪرن. پوءِ جنهن سان پيار ٿئي، اهڙيون ٿيو وڃن. عورت ته شفاف جهرڻي جي پاڻيءَ وانگر آهي، جنهن ٿانو ۾ هجي تهڙي ٿيو وڃي. تون لڳو رهه، ضرور سٺا نتيجا نڪرندا.

هن اڳي به ڪامريڊن سان گڏجي ڪيترن ئي ماڻهن تي ڪم ڪيو هو ۽ انهن کي هم خيال بنائي پارٽيءَ ۾ شامل ڪيو هو. کيس پاڻ تي ڀروسو هو، ڪيڏي به سخت دل خاتون ڇو نه هجي، پر پيار اهڙو پاڻي آهي جيڪو پٿر ۾ به ٽنگ ڪريو ڇڏي!

گهر پهچي هن ميسيج ڪيو؛ ”شريف اسان گهڻئي ڏٺا پر اوهين ته صفا دنگ جو پٿر آهيو!“

جواب آيو؛ ”تو تي سڄي صورتحال واضح ٿي وئي. هاڻي ملاقات ڪري سگهجي ٿي!“

ريسٽورانٽ ۾ ويهڻ لاءِ هنن ڪنڊ واري ميز چونڊي. هوءَ ڪرسي سوري، مناسب فاصلو رکي اهڙي نموني احتياط سان ويٺي جو هو اتفاقي بهاني سان به ٽچ نٿي ڪري سگهيو. ايتري ويجهي هوندي به دور هئي، ميوزم جي شو ڪيس ۾ بيٺل ڪنهن مورتيءَ وانگر.

چانهه جي ڪوپ تي، هلڪي روشنيءَ ۾ هن پڇيس؛ ”مون ۾ اهڙي ڪهڙي خاص ڳالهه آهي جو تون ڊوميسائل واري ٽيبل ڇڏي، ڊي سي آفيس مان اڌ ڇٽي وٺي هتي هليو آئين؟“

ٽيبل ڀلي کڻي ڪلارڪ واري هجي پر ايڏي سڻڀي آهي جو منسٽر تائين سفارش ڪرائي پنهنجو ماڻهو رکرائيندا آهن. ان ٽيبل تي چند ڪلاڪن ۾ هفتي جو خرچ نڪريو اچي، اتان ڪجهه دير لاءِ اٿڻ به چڱو خاصو نقصان آهي پر سهڻيءَ سان ڪهڙا ليکا.

سندس سوال مان ظاهر هو ته هوءَ پنهنجي ڪا اهڙي تعريف ٻڌڻ چاهي ٿي جيڪا اڳي ڪنهن به نه ڪئي هجي، پوءِ ڀلي کڻي اهو ڏٽو ڇو نه هجي.

هو پاڻ به جانو ٻٽاڪيءَ سان گڏ پڙهيو هو ۽ پريمي شاعر سندس سنگتي هو، سو ڪوڙ کي شاعرانا مبالغي ۾ ملائيندي، چيائينس؛

”تو ۾ ايتريون ڳالهيون خاص آهن، جو ڳڻي ڳڻيان ڪيتريون!“

هن جي چهري تان حياءَ جو پاڇولو، چورن وانگر گذري ويو.

”ڪوڙي واکاڻ جو ڪهڙو فائدو!“ چهري تي لڙي آيل وارن کي هٽائيندي، بناوٽي خفگي سان هن چيو.

ان کان پوءِ گفتگوءَ ۾ گرمجوشي اچي وئي. هو ڪاريگريءَ سان رکي رکي اڻسڌي نموني اهڙيون واکاڻون ڪرڻ لڳو جو مائيءَ جي آڪڙ وئي ڍري ٿيندي.

عورت لاءِ عاشق جي تعريف ائين آهي، جيئن هرڻيءَ لاءِ شڪاريءَ جي بندوق؛ ٻنهي جو بچڻ مشڪل هوندو آهي.

اٿڻ مهل هن پاڻ وري ملڻ لاءِ چيو ته کيس لڳو ڪجهه انچ اڃا وڌيڪ ويجهو ٿي وئي آهي.

هن اها پراگريس رپورٽ، ڪامريڊن کي پيش ڪئي ته ٺري پيا. عورت کي سياست ۾ آڻڻ جا ايترا فائدا آهن جو ڳڻائي نٿا سگهجن. ملڪ ۾ ڪيتريون ئي جماعتون آهن پر نوان ماڻهو انهي پارٽيءَ کي جوائن ڪن ٿا، جنهن ۾ مايون جهجهيون هجن. وقت سکيو هجي يا ڏکيو، حالتون سٺيون هجن يا خراب، ڪنهن کي فائدو پهچائڻو آهي يا نقصان، هوءَ هر جاءِ ۽ ھر موقعي تي ڪم اچي ٿي.

پوليس لٺ بازي ڪري ته عورت کي اڳيان ڪري ڇڏيو، ڪنهن کي غيرت ڏيارڻي هجي ته عورت کان چوڙيون لهرائي منهن ۾ هڻايو، مخالفن کي ڍڪڻ جي پاڻيءَ ۾ ٻوڙي مارڻو هجي ته عورت واتان الزام لڳرائي ڇڏيو. ان کان سواءِ قومي گيت ڳائڻا آهن ته مائيڪ پڪڙائي ڇڏيوس، جلوس ۾ جوش جاڳائڻو هجي ته نعرا لڳرايوس، آفيسرن کي گيسيون ڪرائڻيون آهن ته انهن خلاف پريس ڪانفرنسون ڪرايوس.

هوءَ وڏي کان وڏي مخالف جون وايون بتال ڪري سگهي ٿي ۽ هر امتحان ۾ پاس ٿئي ٿي. جي هيءَ ڇوڪري ڪامريڊ ٿي وئي ته پنهنجي سهيلين کي به ڇڪي ايندي، پارٽيءَ کي ڪيڏو فائدو ٿيندو! هو تصور ۾ الائي ڪهڙيون يوٽوپيائون اڏڻ لڳا.

يارن کان مليل شاباسين جي نتيجي ۾ هو وڌيڪ پراعتماد ٿي ويو. تعلقاتن ۾ ايتري بهتري اچي وئي جو هڪ ٻئي کي ڪتاب، ڊائري، پرفيوم ۽ ٻيون ننڍيون سوکڙيون ڏيڻ لڳا. نيٺ اهو وقت به آيو جو هن کي لڳو ته هاڻي هو پڪل ميوات وانگر ڪنهن به مهل ڇڻي سگهي ٿي. هو ته اڳي ئي جهول جهلي تيار بيٺو هئو.

 الائي ڪيترا هفتا لنگهي ويا پر ڪجهه ڪو نه ٿيو، معاملو اتي جو اتي هو.

هن سوچيو، عورت ڀلي ڪيتري به پڙهيل ڇو نه هجي پر پنهنجي وات سان ڪا نه چوندي، شروعات مرد کي ئي ڪرڻي پوندي آهي. اهي معاملا قسمت، اتفاق وغيرهه تي نٿا ڇڏي سگهجن. برابر دنيا ۾ گهڻيون شيون ناڻي سان ملن ٿيون پر ڪي شيون ٽاڻي سان ملنديون آهن. هو مناسب وقت جو انتظار ڪرڻ لڳو.

ٿوري انتطار کان پوءِ اهو وقت به اچي ويو. هو ساڻس ائين مليو، ڄڻ پراڻي واقفيت هجي.

هو اسٽوڊنٽس وانگر ٻه چوٽيون ٺاهي آئي هئي ۽ پنهنجي عمر کان ننڍي لڳي رهي هئي. هن کيس ڏٺو ۽ وري ڏٺو.

پوءِ بي تڪلفيءَ سان چيائينس؛ ”تازي بسڪوٽ جهڙي فريش پئي لڳين، دل چوي ٿي چانهه ۾ ٻوڙي کائي وڃان.“

”چانهه گرم آهي، متان سڙي نه پوين.“ هن شرمائڻ بدران شوخيءَ سان جواب ڏنو.

هو ڪجهه ڪڇي ان کان پهرين وري چيائين؛ ”هر شئي کائڻ لاءِ نه هوندي آهي، ڪجهه ڏسڻ لاءِ به ڇڏجي.“

انهن جملن ۾ کيس هلڪي وارننگ جو احساس ٿيو. هو شايد تڪڙ ڪري ويو هو.

پشيماني مِٽائڻ لاءِ هن جلديءَ ۾ ٻي ڳالهه ٺاهي، جنهن هڻي سڄي ڳالهه جو خانو خراب ڪري ڇڏيو!

ڳالهيون ڪرڻ لاءِ زبان نه دماغ کپندو آهي، دماغ هينئر هن جي انگن ۾ اٽڪيو پيو هو.

هن پاڻ کي سنڀاليو ۽ موڊ بدلائڻ لاءِ لطيفا ٻڌائڻ لڳو.

گهڙي کن کان پوءِ وري ميارون ڏيڻ لڳو ته هن دوستي رکڻ ۾ ڪيڏي دير لڳائي، ڪيترو نظر انداز ڪيو ۽ ڪيڏي مغروري ڏيکاري. حسين هئڻ جو اهو مطلب ڪونهي ته ڪنهن جي دل ٽوڙي ڇڏجي!

هوءَ صبر سان شڪايتون ٻڌندي، ڪنڌ لوڏيندي ۽ مسڪرائيندي رهي. عورت جي مسڪراهٽ ۾ خبر ناهي ته ڇا هي جو مرد جو من وڌيو وڃي، احتياط وسريو وڃي.

واپس ورڻ مهل ويران رستي ۾ هن گاڏي سلو ڪئي ۽ اکيون اکين ۾ وجهي ڪِس ڪرڻ جي اجازت گهري.

”ان سان ڇا ٿيندو؟“ هن سنجيدگي اختيار ڪندي پڇيو.

”ان سان مون کي گهرڻ جي عادت پوندي ۽ توکي ڏيڻ جي عادت پوندي!“ هن هجت سان چيو.

هوءَ چڙي پئي؛ ”اڄ ڪِس ٿو گهرين، سڀاڻي ڀاڪر گهرندين، پرينهن الائي ڇا گهرندين. مان ڪو دڪان کوليو ويٺي آهيان ڇا!“

اهي لفظ سخت هئا. هو ککو وکو ٿي ويو. ڪجهه دير خاموشي ڇانئجي وئي.

پر هو سور پي نه سگهيو؛ ”تو سان ڪِٽي آهي.“

ان ڏينهن کان ڳالهائڻ جو سلسلو بند ٿي ويو. ڪنهن ڪم ۾ دل نه لڳي. آرام ڪري سڪون نه ملي، سگريٽ ڇڪي مزو نه اچي، شراب پئي نشو نه ٿئي! مايوسي، غير يقيني ۽ عدم دلچسپي ڇانئجڻ لڳي. مهينو کن ائين ئي گذري ويو.

هو سوچڻ لڳو؛ غلطي ڪٿي ٿي آهي! کيس پهرين هٿ جهلڻو هو، پوءِ چيلهه تي ٻانهه رکڻي هئي، ان کانپوءِ اڳتي وڌڻو هو. هو ٻئي دفعي به تڪڙ ڪري ويو هو.

ساڳي غلطي ٻه دفعا ڪرڻ سان دل ۾ شرمندگي ٿئي ٿي، دماغي صلاحيت تي سوال کڙو ٿيو وڃي. پر محبت اهڙي شئي آهي جنهن ۾ غلطيءَ کان سواءِ ماڻهو رهي نٿو سگهي. انهيءَ جو حل اهو آهي ته جنهن کان ڪوتاهي ٿي آهي سو پرچائي.

هن لکيو؛ ”توهان جي مهرباني، تمام سٺو ساٿ هو، گهڻو مزو پئي آيو، مون کي ايترو اڳتي نه وڌڻ کپندو هو...“ اهو ٺيڪ نه لڳو.

هن وري ٽائپ ڪيو؛ ”پاڻ جيڪي گهڙيون گڏ گذاريون سي وساري نٿيون سگهجن. ان رات جيڪا بدمزگي ٿي تنهن لاءِ...“ هن اڌ ۾ ڇڏي ڏنو. وري ڪوشش ڪئي پر لفظ نه اچن دماغ ۾. موبائل اڇلائي ڇڏيو.

هونئن ته تقريرون لکڻ، اخباري بيان ڪڍڻ ۽ ٻيا تحريري ڪم آسانيءَ سان ڪري ويندو هو پر هن شريف زادڙي کان ايس ايم ايس نٿي لکي سگهيو! اصل ۾ سندس انا کيس ”ساري“ چوڻ نٿي ڏنو.

کانئس رهيو نه ٿيو، آخر جيئن تيئن ڪري ٽيڪسٽ ٺاهي ورتائين؛

”تو ويڻ ڪڍيا، تو کي ڦٻيا. دوست آهين، ٻاڙو ٻولڻ جو پورو اختيار رکين ٿي. آئون به وضاحتون ڪرڻ، صفايون ڏيڻ ۽ پرچائڻ جا مڪمل حق ۽ واسطا قائم رکان ٿو.“

ميسيج جو مفاهمتي انداز، کيس سٺو لڳو ۽ اهو خدشو دور ٿيو ته هو هميشه لاءِ ڪاوڙجي ويو آهي. کيس ٿورو زيادتيءَ جو احساس به هو. لچڪ ۽ سهپ ڏيکارڻ جو سڄو ڪم هن جي حوالي نه ڪرڻو هو، ڪجهه فضيلت پاڻ کي به ڏيکارڻي هئي. تاڙي ٻنهي هٿن سان وڄندي آهي. کيس پاڻ تي ڪاوڙ به هئي ته ساڻس ايترو سخت نموني ڇو پيش آئي.

هن جواب اماڻيو؛ ”هينئر واشينگ مشين چالو ڪري، تو سان مخاطب آهيان. ڪيترا ئي ڏينهن ٿي ويا آهن پاڻ ڳالھايو ناهي. يڪو گهر جي ڪمن ۾ مصروف آهيان. امان کي پير جي سور ڪري ڊاڪٽر ھلڻ کان منع ڪيو آهي. سڀ ذميداريون مون تي آهن. اسر جو بابا نماز جي ٽائيم اٿاريندو آهي! چانھ نيرن تيار ڪريان، کٽون بسترا ٺاهيان، ٻوھاري ڏيان، صفائي ڪريان، ٿانو ڌوئان، بوتلون ڀري فرج ۾ رکان، تيسين ٻنپهرن واري مانيءَ جو ٽائيم ٿيو وڃي.

تون چوندو ھئين؛ چار ڄڻن جي ماني پچائڻ ڪھڙو ڏکيو آهي. ظاهري طرح ته ڏکيو ناهي پر ان ڪم ۾ به ٻه ڪلاڪ ٻيا لڳيو وڃن. ٿورو ليٽڻ کان پوءِ شام وارن ڪمن کي لڳي ويندي آھيان. رات جو نو وڳي واندي ٿيان ته ننڊ اکين کي گھيريو وٺي، وري صبح جو سويري اٿڻو به ھوندو آهي.

سڄي ڏينهن جي ھڻ وٺ ۾ پاڻ وڃايو ڇڏيان. تو تي ڪاوڙ هئي پر هاڻ گهٽ ٿي وئي آهي. پنھنجو خيال رکجان.

وڃان ٿي. واشنگ مشين مان ڪپڙا ڪڍي سڪائڻا آهن.“

اڄ وڃي هن کي سمجهه ۾ آيو ته پنهون ڌوٻي ڇو ٿيو هو!

پرچڻ کان پوءِ هوءَ ساڻس ائين پيش اچڻ لڳي جيئن اڳي ايندي هئي. ائين لڳو ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي نه هو.

شريف ڇوڪرين جي عادت هوندي آهي ته پنهنجي اميج جو خيال رکنديون آهن. ڀلو تاثر قائم ڪرڻ جي چڪر ۾ ڳالهه وڻي نه وڻي، برداشت ڪنديون آهن ۽ هر قيمت تي سٺو نظر اچڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن. مگر هن اهڙي ڪا به ڪوشش نه ڪئي.

هوءَ پنهنجي روين ۾ لچڪدار پر موقف ۾ اٽل هئي. ملاقاتون جاري هيون پر هن هڪڙي حد کان اڳتي وڌڻ نٿي ڏنو.

هن جو سک ڦٽي ويو، بي چيني وڌي وئي ۽ رويو جارحانه ٿيڻ لڳو.

سندس اها حالت ڏسي هن پڇيو؛ ”تو کي آخر ڇا گهرجي؟“

”مون کي تون گهرجين، سڄي ساري، ننهن کان چوٽي تائين.“ هن ڦهڪائي چيو.

ان لمحي لاءِ ته هو ڄڻ اڳواٽ تيار ويٺي هئي. هڪدم جواب ڏنائين؛ ”ته پوءِ حرام ڪري ڇو کائجي، سڀ ڪجهه شادي کان پوءِ ڪجي.“

”اهڙن معاملن ۾ يارن سان ليکا نه ڪبا آهن!“ هن سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي.

”تون ڇا به چئو پر مائٽن جي عزت ۽ پنهنجي قيامت ڪاري ڪا نه ڪنديس.“ هن فيصله ڪن لهجي ۾ چيو.

کيس پاڻ تي ڪاوڙ آئي ته عشق ڇو ڪيو! عشق به اهڙو جو مٿو مٿي تي! انهيءَ ۾ هن جو ڏوهه نه هو، هوءَ هئي اهڙي! ڪنهن مائيءَ کي طاقت نه هئي جو هن جي جتيءَ ۾ پير پائي سگهي. محبت ناما لکڻ، رسڻ، پرچڻ، دل کي لٽڻ، ناز نخرا ۽ ادائون، سچ پڇو هوءَ عورت پيار جو پورو فن هئي!

کيس انهيءَ تي به حيرت هئي ته اهڙي ماحول ۾ رهندڙ ڇوڪري، اهي شيون ڪيئن سکي، ڪٿي سکي ۽ ڪنهن کان سکي! اهڙين ماين لاءِ ته پراڻي زماني ۾ جنگيون لڳنديون هيون. هن دور ۾ به هوءَ هڪ اهڙي لالچ هئي جنهن کان پاڻ پلڻ محال هو.

شاديءَ وارو شرط ٻڌي ڪامريڊن چيو؛ اهو ته ماڳهين ڀلو. جي مڙس نظرياتي آهي ته شاديءَ کان پوءِ زال به ساڻس گڏ جهنڊو کڻي هلندي. انهيءَ لاءِ ذهني تربيت کپي. پوءِ هنن ويهي سڄو پلان ٺاهيو. پهرين کيس ”ڳاڙهو لالٽين“، ”ماروئڙن جا ڌڪ“ ۽ ”ڪميونسٽ ميني فيسٽو“ جهڙا ڪتاب پڙهائڻا آهن.

پوءِ سوال جواب ٿيندا ۽ بحثن ۾ قائل ڪرڻو پوندو. پاڻهي پير تي اچي ويندي. خواتين جدوجهد جو هر اول دستو هونديون آهن. ڀاڄائي عورتن ۾ جاڳرتا آڻيندي، پارٽيءَ جا ميمبر وڌائيندي، منزل لاءِ راهه هموار ڪندي. تنهنجو پيار پيو هلندو، ٻار پئي ڄڻيندي، مطالعو به جاري رکندي، آخر هڪڙي ڏينهن ”ناري دانشور“ ٿي ويندي. پنهنجو نالو ڪڍرائيندي.

کيس ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي، دل تان مونجهاري جو پٿر لهي ويو.

شادي عام ماڻهن لاءِ خواهشن ۽ خوابن جي تعبير هوندي آهي پر ڪامريڊن لاءِ انقلاب جي فتح هئي، جنهن ۾ سڀني پنهنجو حصو وڌو. هڪڙن دعوتين جي لسٽ ٺاهي، ڪارڊ ڇپرايا ۽ ورهايا. ٻين دعوت واري تاريخ تي تنبو لڳرايا، نمڪين ۽ مٺي ڀت جون ديڳون لهرايون، قورمه رڌايا، مانيون پچرايون ۽ مهمانن کي پيش ڪيون. رضاڪار ڇوڪرا ٿڌي پاڻيءَ جا گلاس کڻي هڪيا حاضر بيٺا هئا. ماني نڪي کٽي، نه بچي ضايع ٿي. ڪاڄ جو انتظام اهڙو هو جو بلي بلي ٿي وئي!

وهانءَ کي اڃا مهينو مس گذريو جو پاسي واري گهر مان چور الهو تلهو ٻهاري ويا. ان کان اڳ چوڪيدار کان موبائل ڦرجي ويو هو. هن چيو اسان جي پاڙي ۾ هلي رهون جتي سڪون آهي، چوري، لوفرائپ ۽ ڪوئي ڏوهه ناهي.

آخري دفعو پوليس اٺ سال اڳي تڏهن آئي هئي جڏهن ڪائونسلر صاحب وي سي آر تي ڇاپو هڻائي هاڪي ميچ ڏسندڙ نوجوانن کي لاڪپ ڪرايو هو! ماڻهو ايڏا شريف آهن جو هرڪو فيمليءَ وارو اتي رهڻ چاهي ٿو. اسان جا بزرگ، ڌارئي ماڻهوءَ کي جاءِ نٿا وٺڻ ڏين پر پاڻ کي اجازت ڏيندا.

هو سهريجن جي پاڙي ۾ هرگز نه لڏي وڃي ها پر بدامني، واقعي وڌي وئي هئي. ان کان سواءِ پلازا جي لائف به ڪا ايتري مزي واري نه هئي. ننڍڙن فليٽن ۾ ويهه ويهه ماڻهو ائين رهيا پيا هئا، جيئن ٽرڪ ۾ ڪماند سٿيل هوندو آهي.

پر سڀني کان وڏي مجبوري اها ٿي پئي هئي جو اڪابرن چيو؛ پنهنجو طريقو اهو آهي ته هارين ۾ هاري ٿي ڪم ڪجي، مزورن ۾ مزور ٿي ۽ شاگردن ۾ شاگرد ٿي. تون وڃي اتي رهه، پهرين هنن جي رنگ ۾ رنگجي وڃ، پوءِ انهن کي پنهنجي رنگ ۾ آڻي ڇڏجان.

هنن جو چوڻ صحيح هو. اڳي به هنن جيئن چيو، تيئن ٿيو هو. پهرين واقفيت ٿي، پوءِ دوستي، پوءِ پيار ۽ پوءِ نڪاح ٿيو هو. هو ڏاڪي به ڏاڪي سڀ مرحلا اڪري آيو هو. اڳتي به هنن کي اميد هئي ته ٺيڪ ٿيندو. هو نظرياتي ماڻهو هو، هڻي وڃي هنڌ ڪندو.

ڪالهه هنن شاديءَ جي ٻي سالگرهه ڏاڍي پيار ۽ اهتمام سان ملهائي. خاندان جا ويجها رشتيدار جن کي شروع ۾ انديشا هئا ته جوڙي جي مختلف سوچ جي ڪري شايد هي شادي هلي نه سگهندي، سي خوش هئا ته ٻنهي ۾ زبردست ذهني هم آهنگي پيدا ٿي چڪي آهي. انڊر اسٽينڊنگ جي حد هوندي آهي، هنن اهي سڀ حدون پار ڪري ڇڏيون آهن. جيڪا خواهش عليءَ جي دل ۾ اچي ٿي سا هوءَ چوڻ کان سواءِ سمجهيو وڃي ۽ پوري ڪريو ڇڏي، جيڪا نٿي سمجهي سا پڇي وٺندي آهي.

ڪالهه پڇيائينس؛ ”ڇا پيو سوچين؟“

”سوچيان پيو؛ وهنجان نه وهنجان، جي وهنجان ته پوءِ هينئر وهنجان يا شام جو؟“

اهو جواب هن سندس موڊ جو اندازو لڳائڻ لاءِ ڏنو هو. جي هوءَ چوندي هينئر وهنج ته معنيٰ وڃي پنهنجو ڪم ڪار ڪر. جي چوندي شام جو ته پوءِ ان جو ٻيو مطلب آهي. هن جو مقصد وڻ ڳڻڻ سان ناهي، ميوو کائڻ سان آهي. زندگي مزي سان گذري پئي.

پاڙي جي پاڪيزهه ماحول جو اثر مٿس چٽو ڏسڻ ۾ اچي پيو.

هاڻي هو ڪچهري ۾ ڳالهائي گهٽ، ڳالهائڻ ۾ کلي گهٽ ۽ کلڻ ۾ ٽهڪ گهٽ ڏئي ٿو. زندگيءَ جي ٻين معاملن ۾ به رسم رواج، شائستگي ۽ معتبري جو قائل ٿي ويو آهي.

بري صحبت کان پاسو ڪري ٿو ۽ واندڪائيءَ ۾ پنهنجي سهري حاجي ڌڻي پرتي صاحب کان سنت جون روايتون، قربانيءَ جون منزلون ۽ ٻيون ايمان افروز حڪايتون ٻڌي ٿو.

وضوءَ جا مسئلا، مسواڪ جا فائدا ۽ غسل جي ثواب جون برڪتون ته بيگم صاحبه کان اڳي ئي سکي چڪو آهي.

ڪامريڊن جو اندازو هو ته ڪنهن به ماڻهوءَ جي سوچ بدلائڻ ۾ سال کن لڳندو آهي پر هتي ٻه سال لڳي ويا. دير برابر ٿي، مگر ڪم پڪو ٿيو آهي.

هن سڀ خراب عادتون ڇڏي ڏنيون آهن. سگريٽ ترڪ ڪيا، شراب کان توبنهه ڪئي ۽ پارٽيءَ جي بنيادي ميمبر شپ تان به استعفيٰ ڏيئي ڇڏي آهيس!

 

(حسين ڪپريءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تي ۱۰ آگسٽ ۲۰۲۲ع تي رکيل)

No comments:

Post a Comment