Thursday, January 18, 2024

اڻ سڌرِيل ڀاءُ - منظور ڪوھيار

اڻ سڌرِيل ڀاءُ

ننڍڙي ڪھاڻي

منظور ڪوھيار



ڪکو خان اينڊرائڊ سيٽ جي اسڪرين ۾ جھوت وجھيون ويٺو هيو۔ پهريان زور زور سان کلندو رهيو، ۽ پوءِ روئڻ لڳو.

پڇيومانس؛ ”ڇا مسئلو آهي جو پهريان چرين وانگر کلئين پئي، ۽ هاڻي روئين پيو؟“


وراڻيائين؛ ”پنهنجي ننڍي ڀاءُ چکو خان جي سوشل ميڊيا تي وائرل ويڊيو پئي ڏٺم!“

”ڇا هيو ويڊيو ۾؟“

”سياسي جلسي ۾ بريانيءَ جي پليٽ کڻي، کيس والهانه انداز ۾ جھمر هڻندي ڏسي کل نه روڪي سگھيم!“

پڇيومانس؛ ”ڀلا! رنين ڇو؟“

”رنم ان ڪري ته هميشه وانگر ذليل و خوار ٿيڻ کانپوءِ به ناهي سڌريو!“

 

(منظور ڪوھيار جي فيسبڪ پوسٽ تان ۱۸ جنوري ۲۰۲۴ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

Post a Comment