Saturday, January 13, 2024

تانگهه نه تاڙي تانگها تڙ - حسين ڪپري

تانگهه نه تاڙي تانگها تڙ

مختصر ڪهاڻي

حسين ڪپري



دنيا ۾ هونئن ته گهڻو ئي بي داد آهي پر هن ملڪ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! هتي معاملو ئي ڪجهه اور آهي. دريا آهي پر پاڻي ناهي! هيڏي سخت گرميءَ ۾ وڻ ٽڻ، پکي پکڻ ۽ ماڻهو مرون، پاڻي لاءِ واجهائين ٿا!

ڪن نيڪ مردن ثواب خاطر بس اسٽاپن، چوڪن، رستن تي ناديون ۽ ٽانڪيون ٺهرائي انهن ۾ ٿڌا پاڻي رکائي ڇڏيا آهن.


خبر ناهي نالي جو اثر آهي يا نصيب جو چڪر، جو آئون ڏاڍو اڃايل ماڻهو رهيو آهيان. سو اهڙي ئي هڪ جاءِ تي پاڻي پيئڻ لاءِ ويس.

اتي بيٺل همراهه پاڻيءَ جو گلاس ڀري مون کي ڏنو پر زنجير ۾ ٻڌل گلاس چپن تي آڻيندي آڻيندي اڃ ئي مري وئي!

”هي ڪا فضيلت ناهي!“ سنگهر تي اعتراض واريندي مون چيو.

”جڏهن اڃايل ماڻهو پاڻي پي ڍئو ڪندا آهن ته هيڏانهن هوڏانهن لوڻو هڻي گلاس به کنيو ويندا آهن. هيءُ اسان جو يارهون گلاس ۽ ٽين سنگهر آهي! ڇا ڪريون سائين ماڻهن جي اک جو پاڻي مري ويو آهي!“ هن منهنجي اکين ۾ نهاريندي جواب ڏنو.

ننڍي هوندي کان وٺي مختلف نظرياتي پارٽين ۾ رهي دماغ اهڙو ٿي ويو آهي جو ڳالهه ڪيڏي به صحيح ڇو نه هجي پر مڃڻي ڪونهي. سو چيم، ”پوءِ ڇا ٿيو، اوهان ٻيا گلاس ڇو نٿا وٺو؟“

 ”وٺنداسين، دعا ڪريو صاحب جي سسپنشن ختم ٿئي ته کوڙ گلاس.“

مون دعا ڪرڻ بدران وري سوال پڇيو؛ ”هيءُ خرچ ڪيئن ٿا پورا ٿين ۽ تنهنجي صاحب جو پگهار ڪيترو آهي؟“

”پگهار کي ڪير ٿو پڇي، الله پيو هلائي. شيخ صاحب سدائين پنهنجي چوائس جي پوسٽنگ ورتي آهي. اينٽي ڪرپشن جو آخري ڇاپو به مٿس ڪوٽڙيءَ جي انڊسٽريل ايريا ۾ لڳو هو. ڏيڍ کان ٻه ڪروڙ جي پئدا هئي.“ هن فخر سان چيو.

مون دل ۾ سوچيو؛ حلال جي ڪمائيءَ مان پاڻي پياري ها ته صحيح هو، باقي رشوت ته حرام جي ڪمائي آهي، ان مان الائي ڪهڙو اجر حاصل ٿيندو! انهيءَ ڪري ئي ته معاشرو جائز جي تعريف ڪندو آهي ۽ ناجائز تي تنقيد. پر هن تي ان جو اثر ئي ڪونهي!

مون کي سوچ ۾ ڏسي هن وري ڳالهه شروع ڪئي؛ ”سڀ ٺيڪ پئي هليو. بس پوءِ دشمن جي نظر لڳي ويئي. جنهن ڏينهن ڇاپو لڳو، شيخ صاحب آفيس ۾ خير ڪو هو. کيس ٿوري سڻس ته اڳواٽ ئي هئي پر تڏهن به هليو ويو هو.“

”اهڙو ڪهڙو ضروري ڪم هو جو هليو ويو؟“

”عادت موجب جمعي جي رات ننڍي گهر واري ڏي ويو هو.“ هن اک ڀڃندي چيو.

آئون شيخ صاحب جي ثابت قدميءَ جو دل ئي دل ۾ قائل ٿي ويس. مونکي سوچ ۾ ٻڏل ڏسي هن ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چيو؛ ”ايڪسين صاحب في الحال نوڪري تان لٿل آهي. تڏهن به شابس هجيس ته هي سبيل هلائي پيو.“

”واهه! جس هجي هن نيڪ انسان کي.“ بي اختيار مون چيو.

منهنجي واتان پنهنجي مالڪ جي تعريف ٻڌي، سندس من وڌي ويو. صاحب جي مستقل مزاجيءَ جو هڪ ٻيو مثال ڏيندي چوڻ لڳو؛ ”سائين! شيخ صاحب وڏي دل گردي وارو ماڻهو آهي. لکاءُ پوڻ نه ڏيندو آهي. ٻيو ته ٺهيو جڏهن ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿي ويو تڏهن به هي ڪم جاري هو!“

”هن جهڙي چڱي ماڻهوءَ کي ڪهڙن ڪافرن اغوا ڪيو هو؟“ مون پڇيو.

چيائين؛ ”سائين! انهن کي ڪافر نه چئو. هي اهي ئي ڌاڙيل هئا جن پر سال جيڪب آباد جي مندر ۾ زائڦائن کان سونا زيور ۽ ڳهه ڦريا هئا.“ مون کي حيران ڏسي هن بيت پڙهيو:

”سو پرِين، سو پساھُ، سو وٖيري، سو واھَرُو“.

اهڙو فلسفيانه شعر ٻڌي منهنجا تاڪ لڳي ويا.

پڇيم؛ ”صوفي آهين.“

چيائين؛ ”سنڌ سڄي، صوفي آهي!“

سندس جواب، سمجهه کان ٻاهر هو. هو هڪ گهرو ۽ دلچسپ ماڻهو لڳو ٿي. مون کوٽ کوٽان ڪئي ته سندس زندگي، ڪتاب وانگر کلندي وئي.

هن جو نالو ته الهه ڏنو هو پر سڀ ڪامريڊ سڏيندا هئس. جي ڪامريڊ نه به هجي ها تڏهن به اهڙو ئي هجي ها! سندس طبيعت ئي عجيب هئي. غلط ڳالهه هن کان برداشت نه ٿيندي هئي ۽ دنيا جا سڀ خراب ڪم ڄڻ ته سندس ئي هٿان درست ٿيڻا هئا. پراون معاملن ۾ ٽپي پوڻ جا جيڪي خراب نتيجا نڪرندا آهن تن جو کيس تجربو ته هو پر پرواهه ڪا نه هئي.

شيخ صاحب سان سندس پهرين ملاقات يونيورسٽيءَ ۾ ٿي جتي هو انجنيرنگ جو شاگرد هو. ان ڏينهن ڪامريڊ، پرائي ڦڏي ۾ ٽنگ اڙائي ٺونشا کائي، ڏند ڀڃائي اچي هاسٽل تي پهتو هو. دوستن کيس سمجهايو پئي؛ ”اڙي تو کي لوفر ٿيڻو آهي يا ليڊر؟“

 ”مون کي ٻئي ٿيڻو آهي.“ هن وات مان رت ڳاڙيندي چيو.

”مطلب؟“

”مون کي قائد ٿيڻو آهي.“

هنن چيس؛ ”هيءُ آخر ڪهڙو طريقو آهي.“

”مسلم ليگين وٽ قائد اعظم جو ورثو، پيپلز پارٽين وٽ ڀٽن جو ورثو، سڀ ڪنهن وٽ ڪو نه ڪو ورثو آهي. سڀ پارٽيون ڪنهن نه ڪنهن نالي ۾ هلن پيون. مون وٽ ڇا آهي؟“

ٻين ڇوڪرن ته مڙيئي ڳالهيون پئي ڪيون پر شيخ ڪم جي ڳالهه ڪئي؛ ”هلو ته اسپتال مان ڪامريڊ جي ملم پٽي ڪرائي اچون.“

هن جڏهن پوليٽيڪل سائنس ۾ داخلا ورتي هئي تڏهن به ڪن دوستن سمجهايو ھيس ته انهيءَ سبجيڪٽ ۾ نوڪريءَ جو آسرو گهٽ آهي.

”مون کي نوڪري نه، سياست ڪرڻي آهي. تنهن ڪري انهيءَ فيلڊ ۾ ڊگري لازمي آهي.“ هن فيصله ڪن لهجي ۾ جواب ڏنو.

”تون مولائي ماڻهو، سياست آخر ڪيئن ڪندين؟“ هنن پڇيس.

هن شيخ ڏي نهاريو جنهن ڪو به مشورو نه ڏنو. سندس خاموشيءَ کي پنهنجي حق ۾ سمجهي دل ئي دل ۾ خوش ٿيو، ڪو ته سندس حمايت ڪري ٿو.

يونيورسٽيءَ واري زماني ۾ هن ٻڌو هو ته سرخ انقلاب ڏهه پندرنهن منٽ پري آهي ۽ جيڪي انقلابي نوجوان جيل ۾ ويندا آهن تن کي ڇوڪريون سڻڀا خط لکي، آهستي آهستي پاڻ ئي محبت جي ڄار ۾ ڦاسي پونديون آهن.

هن به جيل وڃڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون. رات جو رنگ جو ڏٻو کڻي لکي ايندو هو، ”انقلاب زندهه باد! فلاڻي بهادر اڳواڻ کي آزاد ڪريو، ڍينگڙي رهنما تان ڪوڙا ڪيس ختم ڪريو!“

اهڙين حرڪتن جي باوجود سي آئي ڊي وارا کيس کنگنهندا ئي ڪو نه هئا. انهن سندس خلاف رپورٽ موڪلي نه جيل ويو ۽ نه ئي ڪنهن خاتون لفٽ ڪرائي!

متان ڪا عورت رحم کائي عشق ڪري وجهي، انهيءَ آسري تي هن ديوداس بڻجڻ جي اداڪاري به ڪئي. پاڻ کي لا ابالي، البيلو ۽ لاپرواهه بنائي ڇڏيو. ٽائيم تي ماني کائڻ، سمهڻ، شيو ڪرڻ، سڀ وساري ڇڏيو. مگر ڪجهه ڪو نه ٿيو.

اهو ذري گهٽ ”سچ سير“ وارو دور هو! ان زماني ۾ مايون، بقول ڪامريڊ، ايڏي پڪي دل واريون هيون جو ٺهنديون ئي ڪو نه هيون. جيڪڏهن ڪنهن سان ڳالهائينديون هيون تڏهن به ”ادا“ ڪري مخاطب ٿينديون هيون ۽ ان ڳالهه تي به ماڻهو شڪ ڪندا هئا!

ايترين ڏکياين کان پوءِ به جيڪڏهن پيار ٿي ويندو هو ته اهو زباني ڪلامي هوندو هو. تڏهن وڻن جي ٿڙن تي نالا لکڻ جو رواج ڪو نه پيو هو. عاشق جوڙا لڪ ڇپ ۾ ملندا هئا. جي ڳالهه اڳتي وڌندي هئي ته علامه قاضي جي مزار تي وڃي گڏ جيئڻ مرڻ جا قول اقرار ڪندا هئا.

هر شي جو هڪ پروٽوڪول مقرر هو. عشق ۾ ناڪام ٿيڻ تي ماڻهو سنڌو دريا ۾ خودڪشي ڪندا هئا. انهيءَ ۾ هڪ رومانس هوندو هو ۽ اهو موت عاشق کي محبت جي شهيد جو رتبو ڏيئي سندس درجا بلند ڪندو هو. ان لاءِ دليل اهو هو ته علامه صاحب به پرين پڄاڻان ائين ڪيو هو! اهي روايتون پنهنجي جاءِ تي پر ڪامريڊ کي ته پاڻيءَ کان مورڳو ڊپ ٿيندو هو!

اڄڪلهه ٻڌو آهي ته دلبريءَ جا انداز بدلجي ويا آهن، ڇورين ڇرڻ سکي ورتو آهي. دل تريءَ تي رکي عاشقن کي ائين ڳولينديون ٿيون وتن، جيئن بسن تي سرمه فروش گراھڪ تلاش ڪندا آهن!

ڪافرن کي مسلمان ٿيندي اسان ڏٺو آهي، مگر هن نموني سان ماين جا قلوب بدلجي وڃڻ تي ڏاڍي حيراني ٿئي ٿي. ڪي چون ٿا؛ ”هيءُ جينريشن گيپ جو چڪر آهي، جيڪو اوهان کي سمجهه ۾ نه ايندو!“

پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جا انداز به بدلجي ويا آهن. استادن اهڙيون تنظيمون ٺاهي ڇڏيون آهن، جيڪي مهينن جا مهينا يونيورسٽيءَ کي تالو هڻي چاٻيون کوهه ۾ اڇلايو ڇڏين.

اڳي شاگرد، سياست ڪندا هئا، استاد ڪتابن جي دنيا ۾ گم هوندا هئا. هن دور ۾ استاد سياست ڪن ٿا ۽ شاگرد پڙهن ٿا. بقول ڪامريڊ ٻئي هڪ ٻئي کي خراب ڪن ٿا. ان سان اهو انديشو پيدا ٿي پيو آهي ته استاد جي ڪمپني ۾ اچي شاگرد وري سياست کي نه لڳي وڃن. ڪامريڊ جي دل چوي ٿي ته وري رنگ جو ڏٻو کڻي ۽ ڪيمپس جي ڀتين تي لکي اچي؛ ”بري صحبت کان بچو!“

اتي سندس سياست ته ڇا هلڻي هئي پر تڏهن به ماٺ ڪري نه ويٺو ۽ لڳو رهيو. نيٺ ريسٽيڪيٽ ٿي يونيورسٽيءَ مان نڪري ڳوٺ اچي پهتو.

سندس غلطي اها هئي ته هن سياست کي عبادت سمجهيو هو ۽ عبادت کي ڇڏبو ناهي. سو جڏهن اليڪشن آئي ته صوبائي اسمبلي جي سيٽ تي بيهي رهيو!

ماڻهن چيس؛ ”ٿڪ ٿئي مير صاحب جي سامهون فارم ڀرايو اٿئي!“

ضمانت ضبط ٿيڻ کان پوءِ هو سياست مان ئي هٿ ڪڍي ويو.

هاڻي رڳو واندڪائي هئي، ڪري ٿا ڇا ڪري! کيس طبيعت جي جولاني ماٺ ڪري ويهڻ نٿي ڏنو، سو هن شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. پر جتي وڃي اتان انڪار ٿيو وڃي.

ننڍي هوندي کان وٺي شڪل اهڙي هئس جو ماءُ کان سواءِ ڪنهن کي ڪو نه وڻيو!

رشتي نه ملڻ جو سڀ کان وڏو سبب سندس اڱار جهڙو رنگ هو.

آخري دفعو ته سڱ ملندي ملندي رهجي ويو هو. ڇوڪريءَ وارا مذهبي سوچ جا ماڻهو هئا. هو انهيءَ دليل کان زبردست متاثر ٿيا ته اسلام ڪاري ۽ گوري رنگ جو فرق ختم ڪري ڇڏيو هو. هو ها ڪرڻ وارا هئا جو ان مهل ڪامريڊ جي پيءُ، جيڪو پنهنجي سنگت ۾ ابتا پهاڪا ۽ بي ٽيما شعر پڙهڻ جي ڪري بدنام هو، لوهه کي گرم ڏسي آخري ڌڪ هنيو، ”ڇوڪرو جهڙو آهي ٻاهران، تهڙو اندران!“

سندس مطلب هو ته پٽ صاف دل آهي. پر جيئن ته هو پهاڪو ابتو چئي ويو هو، تنهنڪري ڇوڪريءَ جي والد ان جو مطلب ابتو ئي سمجهيو، يعني ڇوڪرو جهڙو ٻاهران ڪارو آهي تهڙو اندران پليت! هو ڊڄي ويو ۽ انڪار ڪري ڇڏيائين!

هن تقدير کي تدبير سان بلائڻ جو فيصلو ڪيو. رنگ ڳورو ڪرڻ واري ڪريم جا ڪيترا ئي پيڪٽ وٺي آيو! صبح شام منهن ڌوئڻ کان پهرين انهيءَ ڪريم جي مالش پيو ڪندو هو. چئن مهينن جي مهٽ سهٽ کان پوءِ نتيجو اهو نڪتو جو سندس رنگ اڱار مان بدلجي بوٽ پالش جهڙو ٿي ويو ۽ چهرو موهيڙن ۽ ڦرڙين سان ڀرجي ويو.

هاڻ هن فيصلو ڪيو ته شادي نه ڪندو. آئون سندس دور انديشي جو قائل ٿي ويس.

دنيا ۾ اڳي بدصورتي گهٽ آهي ڇا، جو هو شادي ڪري اڃان ان ۾ وڌيڪ بدصورتي جو اضافو ڪري ها.

ان کان پوءِ هن ڪمپنيءَ جي سيٺ تي، گراھڪن سان دوکيبازيءَ جو ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو.

 ”هن ملڪ ۾ ماڻهو اڳي ئي ڪاري رنگ جي ڪامپليڪس جو شڪار آهن! رنگ ڳؤرو ڪندڙ ڪمپنين، پنهنجو ڪاروبار چمڪائڻ لاءِ لکين ماڻهن کي اڃا به وڌيڪ احساس ڪمتري ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي.“ هن الزام هڻندي چيو.

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ڪمپنيءَ جي وڪيل اٽلندو مٿس هتڪ عزت جو جوابي ڪيس داخل ڪندي چيو ته؛ فرياديءَ جو رنگ ڳؤرو نه ٿيڻ جو سبب، سندن ڪريم جي ناقص ڪارڪردگي نه پر هن جو ڪوڙو قسم کڻڻ آهي!

شنواين مٿان شنوايون لڳنديون ويون، ڪيس ڊيگهه وٺندو ويو. قانون جي رڻ پٽ ۾ رلندي، ڪورٽن ۾ ڌڪا کائيندي ڪافي وڪيلن سان ڏيٺ ويٺ ٿي ويس. انهن جي ڪچهرين ۾ کيس انساني حقن جو چشڪو لڳي ويو، سو هو ماڻهن جي جاڳرتا لاءِ مهم هلائڻ لڳو. چي؛ ’جرڳا ڪرڻ ڏوهه آهي، ننڍپڻ جي شادي ناجائز آهي!‘ کيس تحرير جي طاقت جي خبر هئي، ان سان ماڻهوءَ جي سوچ بدلجو وڃي.

هن پنهنجي پر ۾ هڪ طاقتور پمفلٽ ”کوهه ۾ يا کڏ ۾“ جي عنوان سان لکيو، جيڪو بلڪل ڪميونسٽ مينيفيسٽو جهڙو هو.

مضمون هن طريقي سان ٿي شروع ٿيو، ”ماڻهو کوهه ۾ ڪري يا کڏ ۾، چاچي جي گهران شادي ڪري يا مامي جي گهران؟ جيڪڏهن اڃا به لانگ رينج ۾ اچي مرڻو آهي ته پوءِ چئبو، ڏاڏاڻن مان پرڻجي يا ناناڻن مان!

جي عذاب کي دائمي ۽ ناقابل برداشت بنائڻو آهي ته بدي جا سڱ ڪري! رشڪ ٿو اچي انهن ماڻهن تي جن وٽ ذلت جي زندگي يا عزت جي موت جهڙا آپشن موجود هوندا آهن. هڪڙي ئي ڳوٺ ۾ گهر گهر سان گڏ هجن ته معمولي ڳالهيون به مسئلا بنجيو وڃن، جيڪي ماريو وجهن. ’پنهنجو ماري، ڇانو ۾ رکي.‘ وارو پهاڪو اهڙين حالتن کي بيان ڪرڻ لاءِ ئي ٺهيو آهي...“

جيتوڻيڪ مضمون کي ڪافي جاين تي پسند ڪيو ويو، مگر جڏهن اها خبر اخبار ۾ شايع ٿي ته ممڻ مچي ويو. وڏيرا، پٽيل ۽ سردار خلاف ٿي پيا. هنن ڪجهه ماڻهن کي هن جي پويان بڇي ڇڏيو. انهن کيس بدنام ڪرڻ لاءِ مشهور ڪري ڇڏيو ته ڪامريڊ ڪافر آهي. پوءِ ته سر ٿي ويس. خوف ۾ روپوش ٿي ويو.

ڊپ پنهنجي جاءِ تي پر هن چڱائيءَ مان ڪڏهن به هٿ نه ڪڍيو هو. هڪڙي ڏينهن منهن ويڙهي سرڪاري اسپتال ۾ ڪنهن لاوارث مريض کي رت ڏيئي واپس پئي آيو ته رستي ۾ ڪمزوريءَ سبب ڪري پيو. ڪنهن رحم دل شخص اچي کيس اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي ته سڃاڻي ورتائينس. سندس وات مان امالڪ نڪري ويو؛ ”اڙي هي ته ڪامريڊ آهي!“

هن کي اچي خوف ورايو. سو جهيڻي آواز ۾ پنهنجي پوزيشن واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين ته آئون ڪافر نه آهيان. مگر نستائي ايتري هئي جو ڳالهه پوري ڪرڻ کان پهرين بيهوش ٿي ويو.

هن ڊوڙندي وڃي لائوڊ اسپيڪر تي اعلان ڪرايو ته هڪڙو ڪافر هٿ آيو آهي!

پوءِ ته بنا دير جي ڪيترا ئي ماڻهو پنهنجي پنهنجي حصي جو سروٽو کڻي پهچي ويا. هي اڃا اتي ئي رستي تي ڪريو پيو هو.

جلد ئي هڪ هجوم گڏ ٿي ويو. هن جا شايد ڀاڳ زور هئا جو ان هجوم ۾ شيخ صاحب به شامل هو. هن تي نظر پيس ته هٿ مان سروٽو ڪري پيس!

هي ته اهو ڪامريڊ هو جيڪو يونيورسٽيءَ ۾ ساڻس ملندو هو. هن فورن حاضر دماغيءَ کان ڪم ورتو ۽ ماڻهن جي اڳواڻي ڪندڙ حاجي صاحب کي ڪنڊائتو وٺي ويو. ويهه هزار رپيا صدريءَ جي کيسي مان ڪڍي سندس ور ۾ وڌائين ۽ ڪامريڊ جي جان بخشڻ جو عرض ڪيائين. هو به مهل وارو ماڻهو هو، شيخ صاحب جا اڳي به مٿس احسان هئا.

سو ’وات کائي، اک لڄائي واري اصول تحت، هن مختلف تاويلون ڏيئي ماڻهن جي توجه ڪامريڊ تان هٽائي ٻين ارجنٽ مسئلن تي مبذول ڪرائي.

اڌ ڪلاڪ کن پرجوش تقرير ٻڌڻ کان پوءِ، سڄو جلوس سندس قيادت ۾ اسرائيل مردهه باد، آمريڪا مردهه باد جا نعرا هڻندو، سروٽن پٿرن سان سائن بورڊ ۽ سرڪاري عمارتن جا شيشا ٽوڙيندو، اڳتي روانو ٿي ويو.

شيخ صاحب سندس زندگي بچائي ڄڻ ته خريد ڪري ورتو هو. هو هن جي مڪمل ڇپر ڇانو ۾ اچي ويو، ايتريقدر جو جلد ئي سندس شفقت ڀري نگراني ۾ پنج وقت جي نماز ۽ هڪ وقت جي شراب به پيڻ شروع ڪري ڇڏي.

سندس حساس طبيعت لاءِ اتي به هڪ مسئلو پيدا ٿي پيو. نماز پڙهڻ مهل اجايا خيال ايندا هئا ۽ شراب پيڻ دوران دوزخ جو ڊپ ٿيندو هو!

عبادت ۾ سڪون نه اچڻ ۽ نشي ۾ خمار کان محرومي کيس منجهائي وڌو. اهو سراسر گناهه هو. سندس اندر ۾ آنڌ ماند متل هئي. هن پنهنجو حال پنهنجي پير مرشد شيخ صاحب سان اورڻ چاهيو ٿي. پر شيخ کي پاڻهي خبر پئجي وئي. هو وڏو زماني ساز شخص هو. کيس اکيون ڏسي، ماڻهوءَ جي دل جو ۽ کيسو ڏسي، دولت جو اندازو ٿي ويندو هو. هڪ ڏينهن ڪامريڊ جي اکين ۾ نهاري چيائين؛ ”ڪڏهن کان انهيءَ آتش ۾ سڙي رهيو آهين؟“

سڄي حقيقت ٻڌڻ کان پوءِ هن کيس شادي ڪرڻ جي صلاح ڏني. حقيقت ۾ اهو ڪو مشورو هو ئي ڪو نه، ڇو ته هن اسٽيج تي هو اهو افورڊ ئي نٿي ڪري سگهيو. اندر ۾ جا هورا کورا متل هئي، تنهن جو اظهار ڪري ته ڪيئن ڪري.

هن قلم کنيو ۽ روحاني شاعري لکڻ لڳو. انهيءَ شاعري جي خاص ڳالهه اها هئي ته ان ۾ ايڏي رواني ۽ تجنيس حرفي هوندي هئي جو مقصد الائي ڪٿي گم ٿي ويندو هو. تنهنڪري هو رات جو جيڪا شاعري ڪندو هو، سا صبح جو ساڙي ڇڏيندو هو.

هاڻي کيس سمجهه ۾ آيو ته صوفي شاعر پنهنجو ڪلام ڍنڍ ۾ ڇو ٻوڙي ڇڏيندا هئا!

سڀ ڪجهه ٺيڪ پئي هليو، مگر هن پر سڪون شهر کي اوچتو هڪ خبر لوڏي ڇڏيو. خبر اها هئي ته ميڊم صاحبه پنهنجي ڊائري شايع ڪرائڻ جو اعلان ڪيو هو. هو شهر جي مشهور شخصيت ۽ آرٽ جي قدردان هئي. وٽس راڳ ساز ۽ ناچ جون محفلون ٿينديون هيون. شهر جا اشراف ۽ معتبر ماڻهو، لڪ ڇپ ۾ سندس حاضري ڀريندا هئا. اهو اعلان ٻڌي، هنن کي اچي کٽڪن ورايو ته ڪاتب تقدير پيريءَ ۾سندن لاءِ خبر ناهي ڪهڙي خواري نصيب ۾ لکي ڇڏي هئي!

هن کان اڳي ڪنهن کي به خبر ڪو نه هئي ته ڪا اهڙي ڊائري لکجي رهي هئي!

مگر رازداري، ميڊم صاحبه جي عادت هئي. سندس شخصيت به ڏاڍي نرالي هئي. جيتري هئي ملوڪ، اوتري وري دل جي سخي. جواني سڀني تي اچي ٿي پر جي پيسو هجي ته ان سان رنگين ڪهاڻيون جڙيو وڃن. اهي سڀ ڪهاڻيون هن نيڪ پروين سنڀاري رکيون هيون، پنهنجي دل ۾.

الائي ڪيترا راز، جيڪي هيستائين سندس سيني جي ٽجوڙيءَ ۾ محفوظ هئا، سي هاڻي ڊائريءَ ۾ ڇپجي پڌرا ٿيندا. انهن رازن کي بنا پگهار جي ڪم ڪندڙ اخباري نمائندا، لوڻ مرچ لڳائي، اهڙو ته چشڪيدار بنائي ڇڏيندا جو ٻڌڻ کان پوءِ ڪنهن رومانٽڪ فلم ڏسڻ جو خيال به لهي ويندو، ماڻهو ٽمي ڳڙي پوندا!

بدناميءَ کان علاوهه ان مسئلي جو هڪ ٻيو سنجيدهه پاسو به هو، جيڪو ڳڻتيءَ جوڳو هو. خيراتي ادارا، يتيم خانا ۽ غريبن جي ٻارن لاءِ سستا اسڪول هلائيندڙ حاجي، قاضي ۽ شهر جا ٻيا چڱا مڙس پڌرا ٿي پوندا. پوءِ انهن کي چندو ڪير ڏيندو؟ رقم نه ملڻ ڪري اهي سڀ فلاحي ادارا بند ٿي ويندا. انهي ڊائريءَ هڪ ئي ڌڪ ۾ بي آسرا ۽ ڏتڙيل ٻارن جو مستقبل داءَ تي لڳائي ڇڏيو هو.

اهڙو سچ ڪهڙي ڪم جو جيڪو هيترن ماڻهن کي نقصان پهچائي. مگر اها ڳالهه ميڊم کي ڪير سمجهائي، جيڪا سچ جو جهنڊو، جنهن کي هن پرچم ٿي ڪوٺيو، بلند ڪرڻ لاءِ پنهنجو سڀ ڪجهه داءَ تي لڳائڻ جو فيصلو ڪري چڪي هئي!

انهيءَ مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهرين ڪوشش، شيخ صاحب ڪئي. هن پنهنجي طرفان هڪ اعتبار واري ماڻهوءَ سان تجويز ڏياري موڪلي ته ميڊم صاحبه اسان جي خرچ تي ڀلي پار جون زيارتون ڪري اچي.

ميڊم جواب موڪليو ته هو اڳيئي اهو فرض هڪ دفعو نڀائي چڪي هئي ۽ اتي ئي کيس ننڊ دوران خواب ۾ بشارت ملي ته سڀ سچ لکي ڇڏ! اهو سچ ظاهر ڪرڻ سندس زندگيءَ جو آخري مقصد هو ۽ ڪير به کيس ان ثواب حاصل ڪرڻ کان روڪي نٿي سگهيو.

هن جواب ۾ ڌمڪي به لڪل هئي، ڇو ته جيڪي ڪم ثواب خاطر ڪبا آهن تن ۾ ڊڄبو ناهي. انهيءَ جو مطلب هو ته دٻڙ دوس سان به ڪم نه ٿيندو. شيخ صاحب جا تاڪ لڳي ويا!

ڪن اشرافن پراڻي پريت جا واسطا ڏيندي ميڊم کي عرض ڪيو ته سندن اڳڙي کڻڻ سان کيس ڇا ملندو ۽ پرزور اپيل ڪئي ته انهي ضد تان لهي وڃي!

معاملو آهستي آهستي زور وٺڻ لڳو. ڳالهه سرگوشين مان نڪري، زبان زد عام ٿي وئي ۽ سرڪاري آفيسن، جيم خانن جي ميٽنگن ۽ اشرافن جي ڪچهرين ۾ بحث جو موضوع بنجي ويئي.

معززين فيصلو ڪيو ته مٿس عزت جو ڪيس داخل ڪيو وڃي.

ان جي جواب ۾ شهر جي حقوق نسوان تنظيم جي بيگمات ۽ ٻين شڪي زالن ميڊم کي باقاعدي اپيل ڪئي ته هوءَ انهيءَ چڱي ڪم ۾ دير نه ڪري.

ٻئي ڌريون مورچه بند ٿيڻ لڳيون. ماڻهن کي رونشو هٿ اچي ويو.

انهيءَ دوران هڪ ڏينهن، ناشتي جي ٽيبل تي شيخ صاحب جي ڪاليج ويندڙ پٽ، پيءَ کي اکيون اکين ۾ وجهي چيو ته مردن کي ڪو حق ناهي ته ڪنهن عورت جي آواز کي دٻائي سگهن!

”مون کي خبر ناهي ته اقوام متحدهه جي چارٽر ۾ ٽرڙپائي ٻار جو بنيادي حق آهي يا نه مگر اسان جي گهر ۾ اهو حق باقائدهه رائج آهي ۽ تون ان جو بي دريغ استعمال ڪري رهيو آهين.“ شيخ صاحب پنهنجي ڪاوڙ کي دٻائيندي چيو.

هن وراڻيو؛ منهنجا سڀ دوست به ائين ئي چون ٿا.

نئين ٽهيءَ جي نوجوانن ۾ ميڊم جي ايڏي مقبوليت ڏسي، شيخ صاحب کي اچي شڪ ورايو ته متان سندس فرزند ارجمند به اڳتي هلي انهيءَ فيض مان جهوليون ڀري!

پوءِ جلد ئي هڪ اشتهار شايع ٿيو، جنهن ۾ ٽيلر طور ڊائريءَ جو پهريون ورق هن طرح ڏنو ويو هو:

”۲۱ اپريل، ۲۰۱۷ عيسوي، بمطابق ۲۴ رجب المرجب، ۱۴۳۸ هجري، بروز جمعه مبارڪ.

ڪافي ڏينهن کان طبيعت ناساز رهندي پئي اچي. دنياداريءَ کان دل کڄندي پئي وڃي. اڳي جوانيءَ ۾ هيءُ جسم جيڪو خواهشن جو ميدان جنگ هوندو هو، سو آهستي آهستي قبرستان ٿيندو پيو وڃي! ساهه جي تند ٽٽڻ ۾ دير ڪيتري ٿي لڳي؟ سوچيان ٿي وڃڻ کان اڳ جيڪي چار ڏينهن زندگانيءَ جا دنيا جي ميلي ۾ گهاريا اٿم، تن جو احوال لکي وڃان ته جيئن ماڻهو ان مان سبق سکن ۽ رهنمائي حاصل ڪن.

ڊائري لکڻ جي شروعات مون ان زماني ۾ ڪئي، جڏهن هر ڇوڪريءَ جي ننڊ دور ديس جو شهزادو چورائي ويندو آهي ۽ احساس ٿيندو آهي ته دل ۾ ڪي اهڙيون بي نام انساني خواهشون رهن ٿيون، جيڪي چوڻ جهڙيون نه سلڻ جهڙيون هونديون آهن. پوءِ مسئلو تڏهن شروع ٿيندو آهي، جڏهن اهي خواهشون بنا ٽڪيٽ مسافرن وانگر ذهن تي سوار ٿي وينديون آهن.

منهنجي زندگي آرام ۽ گمناميءَ سان گذري وڃي ها جيڪڏهن انهيءَ ۾ .... صاحب نه داخل ٿئي ها. (نوٽ، باقي اصل ڪتاب ۾ پڙهندا جيڪو جلد شايع ٿي رهيو آهي.“

شيخ صاحب سمجهي ويو ته سندس داڻو پاڻي هن شهر ۾ کٽي ويو آهي. اها ڊائري اصل ۾ شهر جي عزت وارن ماڻهن خلاف، هڪ سازش هئي. ٻين جي مرضي جيئن معاملي کي حل ڪن پر هن هيٺانھين وٺڻ جو فيصلو ڪيو. پنهنجي بچتن، ڳوجهين جو حساب لڳايو، بينڪ ۾ ڪيش جو جائزو ورتو ۽ الائي ڪيترا پيسا ميڊم کي ڏيئي، هٿ ٻڌي بخشائي معافي ورتي.

پوءِ هن پنهنجي ٽرانسفر ٿي وڃڻ جو اعلان ڪيو. اثر رسوخ وارن شخصيتن سندس مان ۾ الوداعي دعوتون ڪيون ۽ بدلي روڪائڻ جون پيشڪشون به ڪيون. پر شيخ صاحب جواب ڏنو ته بدلي آفيسر جو ڏاج آهي. هاڻي جتي سندس روزي لکيل آهي اوڏانهن ويندو.

وڏو عيالدار مڙس هو، ٽپڙ ٽاڙي ٻڌڻ، پيڪنگ ڪرڻ ۽ ٻين انتظامن ۾ مهينو کن لڳي ويو. سڀ بندوبست ٿيڻ کان پوءِ لڏي اچي قاسم آباد ويٺو. هتي اچڻ کان پوءِ هن پهرين ٻي شادي ڪئي ۽ پوءِ هي سبيل ٺهرائي ان جو انتظام ڪامريڊ جي حوالي ڪري ڇڏيو.

اها سبيل شيخ لاءِ آخرت جو توشو هئي، ڪامريڊ لاءِ مصروف رهڻ جو بهانو ۽ مسافرن لاءِ اڃ اجهائڻ جو ذريعو. سندس ڳالهين ۾ ايترو وقت گذري ويو جو آفيس ٽائم ختم ٿي ويو.

موڪلائڻ لڳس ته هن ٿورو ترسڻ لاءِ چيو، پوءِ زنجير ڇوڙي، گلاس ڌوئي پاڻي ڀري مون کي ڏنو. صاف ٿڌو پاڻي پيئندي ڪا حلال حرام ۽ جائز ناجائز واري سوچ نه آئي، دماغ ۾. اصل ۾ اڃ ڏاڍي لڳي هئي.

 

(حسين ڪپريءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تي ۰۸ سيپٽمبر ۲۰۲۲ع تي رکيل)

No comments:

Post a Comment