Thursday, January 18, 2024

گوگي پير جو نئون قصو - حسين ڪپري

گوگي پير جو نئون قصو

مختصر ڪهاڻي

حسين ڪپري



موهن جي ڦٽل دڙي کان ڳپل پنڌ اڳتي جتي هڪ وسيع علائقو سم، ڪلر ۽ فصلن جي هيٺ اچي ويو آهي، اتي ڪنهن زماني ۾ وڏو شاهي ٻيلو هوندو هو جنهن جو هڪ ڪنارو ته سنڌوءَ سان ملندو هو پر ٻئي پاسي جو ڪو به ڇيهه نه هو. وڏا خوني ۽ رهزن ڌاڙيل جن تي حڪومت طرفان انعام رکيل هو سي اتي وڃي لڪندا هئا. مگر اهي به ان جي ٻاهرئين ڪناري جي ويجهڙائي تائين محدود رهندا هئا ڇو ته جيئن جيئن ان ۾ اندر گهڙبو هو ته اڳيان وڻ ايترا گهاٽا ۽ ڊگها ٿيندا ويندا هئا جو ٿوري فاصلي کان اڳتي ڪجهه به نه نظر ايندو هو. ساون ولين، پنن ۽ گاهه سان ڍڪيل غير هموار زمين تي لڌڙا، ٻگلا، مرون ۽ ٻيا شرميلا جانور پيا هلندا هئا.


دريا سان ويجهڙائيءَ ڪري سڄو ٻيلو هنڌ هنڌ تي خوني ڌٻڻ جو روپ اختيار ڪري چڪو هو! انهن ڌٻڻن جي مٿاڇري پاڻيءَ مٿان سائو سينور پيو ترندو هو جنهن مان عجيب قسم جي ڌپ ايندي هئي! اندر گپ چڪ ۾ ڪميون، سانپا ۽ پشم جي ڌاڳي جهڙيون نرم ڄورون پيون سُرنديون هيون. جڏهن وڻن ۾ ويٺل چٻرا، انڌا چمڙا يا ٻيو ڪو پکي ان ۾ ڪرندو هو ته چهٽي انهي جو رت چوسي وٺنديون هيون. وڏا وڏا جانور جڏهن انهن ڌٻڻن ۾ ڦاسندا هئا ته آهستي آهستي غرق ٿيندا هئا. ڦاٿل جانورن جون دردناڪ رڙيون، آسپاس جي ڳوٺن ۾ ٻڌڻ اينديون هيون ته ماڻهو چوندا هئا، ”اڄ وري گرڻ ٿو رڙي!“

اهو هڪ اداس، تنها ۽ خطرناڪ جهان هو جنهن لاءِ ڪن ڏاهن جو خيال هو ته؛ ”دوزخ جو هي ٽڪرو ڄڻ ته گناهگارن جي عبرت لاءِ ٺاهيو ويو آهي.“

ٻيلي جي وچ جي ڪا خبر ڪا نه هئي، اڄ ڏينهن تائين اتان ڪو به ماڻهو جيئرو واپس ڪونه وريو هو. انهيءَ کان به اڳتي نانگن جو مرشد گوگو سائين رهندو هو!

واسينگ کان وٺي ڊمڻ، کپر، ڪاريهر، ڪٻرو، واڇر، پهاڙي، ارڙ، چوڙيل، پدم، ڊمي، سمي، تليهر، ڦڻيهر، اجگر تائين سڀ نانگ، بلائون ۽ زهريلا جيو سندس سڳي ۾ هئا. خشڪي، پاڻي، هوا جتي به ڪو نانگ سرندو، ترندو يا اڏري وار ڪندو هو گوگي جي سلامي ڀريندو هو!

جيتوڻيڪ هو سڀني سان هڪ جيترو پيار ڪندو هو پر هر نانگ پنهنجي سڀاءَ ۾ ٻئي کان مختلف هو. ڪاري اصيل نانگ جي ڪيٽيگري ڌار هئي. سندس ڏنگيل پاڻي نه گهري سگهندو هو. کيس هيرا، موتي، لعل مرجان وڻندا هئا ۽ سون سان ته صفا دل هوندي هئس، اڪثر ڪري خزاني جي پوريل ديڳ تي ديرو دمائي ويهي رهندو هو.

گڊو ڏاڍو اُگرو هو، هميشهه ڦرڻي گهرڻي هلت هلندو هو مگر استاد جي اڳيان سڀ ور وڪڙ ڇڏي سڌو گز ٿي ويندو هو. مهن گر نانگ وري ڍونگي هو، سهڻي لٺ جو روپ ڌاري چو واٽي تي پيو هوندو هو. ڪو واٽهڙو اتان لنگهندي لٺ کڻي روانو ٿيندو هو ته هي ان کي ڏنگ هڻي ڪڍندو هو.

هڻ کڻ بلا جيڪا چڪ هڻڻ شرط ساهه ڪڍي وٺندي هئي تنهنجي ياري گهوڙيل نانگ سان هئي جيڪو پوري رفتار سان ڊوڙندڙ ڀلي گهوڙي تي چڙهيل سوار کي به ڪکي وجهندو هو! ٻنهي ۾ مقابلو به هوندو هو. هڪ کي پنهنجي زهر جي فوري اثر تي ناز هو ته ٻي کي پنهنجي رفتار تي فخر هو!

مگر پيئڻ بلا جو پنهنجو جهان هو. هو ٿر جي واري ۾ الوپ رهندي هئي ۽ ساهه پيئي ويندي هئي! ماڻهو ستي ننڊ ۾ مري ويندو هو ۽ جڏهن پرلوڪ پهچندو هو ته اڻ تياري واري حالت ۾ هوندو هو. کانئس ڏوهن گناهن جو حساب وٺڻ ۾ ديوتائن کي پريشاني ٿيندي هئي! گوگي کيس پنهنجو قسم ڏيئي وچن ورتو ته هو شڪار جو ساهه پيئڻ کان پوءِ کيس غفلت جي موت کان بچائڻ لاءِ لازمي طرح پڇ هڻي خبردار ڪندي.

گوگو هڪ پراسرار ۽ سمجهه ۾ نه ايندڙ هستي هو. روايتن موجب هن جو ڪو پيءُ ڪونه هو. سندس بي اولاد ماءُ، واچڻ راڻي جڏهن به ڪو پرايو ٻار ڏسندي هئي ته روئي پوندي هئي. پوءِ هن هڪ هڪاڻي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ مندر ۾ وڃي تخليق جي ديوتا اڳيان ٻاڏايو، ”پٽ ڏي يا موت ڏي!“ پوڄاري حيران ٿي ويا. اهڙي دعا اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به نه گهري هئي.

پوءِ هن ديوتا جي قدمن ۾ پيل هڪ آسماني گل کاڌو ۽ هو سندس پيٽ ۾ آيو. دنيا ۾ گوگو کڻي ڪيئن به آيو پر هو هڪ شاندار استاد هو، جنهن جا نانگن ۽ انسانن سان گڏ ديوتائن تي به احسان هئا. موت جو ديوتا يمراج جڏهن ڪنهن وڏي پاپي جو ساهه، وار وار جي پاڙ مان ڇڪي ڪڍندو هو ته مرندڙ ماڻهوءَ جي درديلين دانهن ۽ رڙين سان ست ئي عرش ڪنبڻ لڳندا هئا جنهن سان ديوتائن جو سک ڦٽي پوندو هو. هن يمراج کي آسانيءَ سان ساهه قبض ڪرڻ جا طريقا ٻڌايا!

اها ڳالهه ٻڌي اندر ديوتا اڃا وڌيڪ اپسرائون ماڻڻ لاءِ کانئس اڻکٽ طاقت جو نسخو گهري ورتو. اهو سانوڻ جو مهينو هو، هوائون ڪڪوريل هيون ۽ آسمان ۾ بادلن برج ڪڍي رسيلا رنگ پکيڙي ڇڏيا هئا. اندر مستيءَ ۾ اچي کيچل ڪندو، انڊلٺون ٺاهيندو ۽ ڊاهيندو ويو ٿي. اهڙي رنگين ماحول ۾ ڪنهن کي به جرئت ڪو نه هئي جو سندس حڪم کان انڪار ڪري. مگر گوگي ان تي فلڪ ئي نه آندي ۽ قاصد کي بنا جواب ڏيڻ جي موٽائي ڇڏيو. انڪار ڪرڻ غلط هو پر اهڙي نموني غرور ڏيکارڻ تمام وڏو ڏوهه هو.

اندر ڪاوڙ ۾ اچي مٿس وِڄ ڪڙڪائي وڌي! ماڻهن جي اکين ۾ ترورا اچي ويا، ڪنن تي تاڪيون چڙهي ويون ۽ مغز کي گهوماٽي اچي وئي! جتي گوگو بيٺل هو ان جاءِ تي زمين ٽامڻي هڻي ويئي! ساوا وڻ ٻرڻ لڳا، مگر هو کلندو ٻاهر آيو. ان ڏينهن سڀني کي انهيءَ راز جي خبر پئجي وئي ته کنوڻ ٿيڻ مهل، ڪڪرن جي گجگوڙ اصل ۾ گوگي سائين جا ٽهڪ هئا. ان واقعي کان پوءِ ديوتائن جي راڄ ۾ هن جو ناماچار ٿي ويو.

اندر بيوسي ۽ ڪروڌ وچان پاراتو ڏنو؛ ”اها مغروري هڪ ڏينهن کيس نهوڙي نيندي!“

ان کان پوءِ آسمان ۾ جڏهن به وڄ نانگ وانگر وراڪا کائي چمڪاٽ ڪندي هئي ته جوڳي چوندا هئا؛ ”گوگو هاڻي زمين تي ناهي.“

هو باهه جو سنان ڪري عرشن تان سڌو هيٺ لهي، اچي سنڌوءَ ۾ ٽٻي هڻندو هو! هر سال ائين ٿيندو هو. هماليه پهاڙن جي اوچاين کان وٺي لاڙي سمنڊ جي اڻ ماپيل گهراين تائين دريا تار و تار وهندو هو. سندس جسم تان لٿل مٽيءَ سان سڄو پاڻي لڙاٽجي ويندو هو ۽ جتي جتي پهچندو هو اتي زمين کي زرخيز بنائي ڇڏيندو هو. فصل اهڙا ڀلا ٿيندا هئا جو ماڻهو قبرستانن ۾ لاش دفنائڻ مهل سوچيندا هئا ته مُردو متان وري ڦٽي نه اچي!

ان ارزان هو، هميشهه دائمي سڪار واري حالت هوندي هئي! آسمان، زمين ۽ پاتال، ٽنهي لوڪن ۾ ڪو به گوگي جو دشمن ڪو نه هو. سڀ ڪجهه ايترو ٺيڪ ٺاڪ ۽ روٽين سان پئي هليو جو پڙهيل ماڻهن چيو؛ ”هاڻي تاريخ ختم ٿي ويئي!“

سارنگ جي ان رم جهم برساتن ۾ شادين جون دعوتون به شروع ٿينديون هيون! نانگن جي ڪاڄن ۾ ڦوڪن سامهون ڦوڪون هونديون هيون. گوگو سائين انهن جي ڀتن پوتن ۾ شريڪ ٿيندو هو، نانگن سان واڻيل کٽ تي پٿلي ماري وهندو هو ۽ سنهڙا سپ رڌي سيويون ڪري کائيندو هو. اهي سپ انهن واسينگن جو وياءُ هوندا هئا، جن جي جهڙپ هاٿي نه جهلي سگهندو هو!

هن ئي مهيني جي اوڻٽيهين تاريخ تي گوگي جو جنم ڏينهن هو. اهو هڪ سڀاڳو ڏهاڙو هو جنهن کي خاص اهتمام سان ملهايو ويندو هو. سڀني کان پهرين شيش نانگ پنهنجي وات مان مڻ ڪڍي، اچي مرشد جي پيرن ۾ رکيو ته سڄي ڪاري رات جڳ مڳ ٿي ويئي. جوڳين وٺي اهڙيون مرليون وڄايون جو نانگ ڦڻ ڪڍي نچڻ لڳا. وڻ ٽڻ جهر جهنگ جهومي اٿيا. ستارن جي چال بدلجي وئي، ڪتيون، ٽيڙو، وهائو تارو، سڀ گڏ هڪڙي وقت تي اڀري آيا! سڄو ماحول ڇيل ڇڳيل ٿي ويو.

هيءُ سخاوت ڏيکارڻ، ٻين کي ڪجهه ڏيڻ ۽ سيکارڻ جو ڏينهن به هو. گوگي سائينءَ سڀني کي سوکڙيون عطا ڪيون! هن جوڳين کي سنگ چور جي زهر جو ٽوڙ ڏنو. سنگ چور، جيئن سندس نالي مان ظاهر آهي، اهڙو ظالم نانگ هو جنهن جو وِهه پٿر کي به ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندو هو. هو جڏهن ڪنهن ساهواري کي ڏنگيندو هو ته ان جو گوشت ڳري ويندو هو. گوگي کين چيو؛ ”جي سانوڻي جي موسم ۾ نانگ جو ڪکيل اٿلي پوي ته ساڳئي منتر کي ابتو پڙهو!“ هن کين ڀٽونءَ جي جهاڙ سيکاري ۽ هُدو به ڏنو.

ٿڌي رت وارن جانورن ۾ نانگ جي پنهنجي حيثيت آهي. هو شڪاري آهي ۽ پاڻ به شڪار ٿئي ٿو. کيس ٻين ساهوارن سان ڪهڙي روش اختيار ڪرڻ گهرجي سا ڳالهه سمجهائڻ لاءِ گوگي چيو؛ ”ڪنهن به نانگ جي زندگيءَ ۾ زهر هڪ قيمتي سرمايو آهي. تنهنڪري ان کي جتي ڪٿي نه هارڻو آهي پر ضرورت جي وقت استعمال ڪرڻو آهي. هڪ شڪار ڪرڻ لاءِ ۽ ٻيو خطري جي صورت ۾.“

اتي ئي هن سڀني نانگن کان وچن ورتو؛ جيستائين ماڻهو مٿن پير نه رکندو تيستائين هو به ڏنگ نه هڻندا! اهو نانگن ۽ ماڻهن جي وچ ۾ پهريون اعلانيل معاهدو هو. انهيءَ حڪم تي ٻين سڀني ڦڻ ڪڍي تابعداريءَ جو ڦوڪارو هنيو پر لنڊي ويڙهجي جليبي ٿي ويئي.

هوءَ ڏسڻ ۾ ته ننڍڙي هئي پر جنهن ٺڳيءَ سان ماريندي هئي تنهنجو مثال نه هو. سياڻا ماڻهو انهيءَ ڳالهه تي حيران ٿيندا هئا ته جيئن غيبات ۽ بدروحن کان پناهه لاءِ دعائون گهربيون هيون تيئن لنڊيءَ کان بچڻ لاءِ دعائون ڇو نه هيون!

انهن ڳالهين تي گوگي ڪڏهن به ڪن نه ڏنو. هن لاءِ لنڊي ايتري معمولي هئي جو مٿس اک ڪا نه ٻڏندي هئس. پر هن راڄن کي تپائي ڇڏيو هو.

انهيءَ تقريب ۾ گوگي جي درٻار ۾ ٻين رياستن جا وزير، سفير ۽ وفد به سلامي ڀرڻ ۽ پنهنجي مسئلن جا حل ڪڍڻ لاءِ آيل هئا. جهونا ڳڙهه جي نگري مان آيل راجا جي ايلچي شڪايت ڪئي؛ ”لنڊي ڪلور ڪري ڇڏيا آهن. سندس دوستي جي خبر نه دشمني جو پتو. گناهه گار هجي يا بي گناهه، ڪير به بنا سبب سندس ڏنگ جو شڪار ٿيو وڃي. ڪيترا ئي ويڙها ويران ٿي ويا آهن. ان ظلم جو ڪو داد ڪيو وڃي.“

ايترا ماڻهو مارڻ، سنگين ڏوهه هو، پر گوگي کيس معاف ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ڪا سخت سزا ڏيڻ بدران هن لنڊيءَ کي رڳو اها سرزنش ڪئي ته جي هن آئيندي ڪنهن بيگناهه کي ڏنگيو ته هو کانئس زهر کسي وٺندو!

گوگو انصاف پسند هو. جيڪو نانگ سندس ٺاهيل اصول ٽوڙيندو هو، پهرين ان کي وارننگ ڏيندو هو ۽ پوءِ سيکت ڏيڻ لاءِ انهيءَ کان وِهه ڦري وٺندو هو. سزا يافته نانگ جي لاءِ بنا زهر جي جيئڻ ڏکيو ٿي پوندو هو. ڌنار کين چهبڪن وانگر کڻيو مال پيا هڪليندا هئا، ٻار ساڻن رسي ٽپڻ واري راند کيڏندا هئا. هو رڳو ٺلهيون ڦوڪون پيا ڏيند هئا! نانگن جي دنيا ۾ سندن حيثيت اهڙي ٿي ويندي هئي جهڙي ماڻهن جي جهان ۾ کدڙن جي! ڪير انهن کان ڊڄندو هو، نه انهن جي عزت ڪندو هو.

”لنڊي پنهنجي عادت ڪو نه ڇڏيندي ۽ ضرور مرشد کان سزا کائيندي!“

هڪ سوين سال جهوني نانگ، جيڪو هاڻي گسي وڃي ٺونٺ جيترو بچيو هو، هلڪو ڦوڪارو هڻندي سرگوشيءَ ۾ چيو!

سندس ڳالهه سچ ثابت ٿي. ڪجهه مهينن کان پوءِ سيارو شروع ٿيو. هميشهه جي دستور موجب، گوگو هن موسم ۾ دريا جي ٻئي پاسي تي آباد انسانن جا ڳوٺ ۽ وستيون گهمڻ آيو. شهر ڏانهن ايندڙ رستي جي ٻنهي پاسن کان قطار ۾ وڻ پوکيل هئا. انهن وڻن جي هيٺان شام جي جهڪي ڌنڌلاڻ ۾ به هو ائين هلندي آيو جهڙو ڏينهن هجي. هن جي عادت هئي ڪڏهن به اک نه ڇنڀيندو هو ۽ جنهن پاسي نظر وجهندو هو چٽيءَ طرح ڏسي سگهندو هو. مگر هن لنڊيءَ کي ڪو نه ڏٺو، اها بڙ جي گهاٽي پنن ۾ لڪل هئي. نما شام جو جڏهن ٻئي وقت پاڻ ۾ مليا ٿي ۽ جڏهن ڏينهن نه رات هئي، ان مهل اوچتو بنا شوڪاري جي هن اڇل ڏيئي کيس ڪياڙيءَ ۾ ڏنگ هنيو ۽ بولاٽي کائي اچي سندس پيرن ۾ پئي! هو زهر سان سنڌي پئي هئي، ڏنگ قاتل هو. گوگو منهن ڀر وڃي زمين تي ڪريو!

اهو هڪ تمام وڏو واقعو هو، ماڻهن کي پنهنجي ڪنن تي اعتبار نه آيو! جتي جتي گوگي سائينءَ جي ڪکجڻ جي ڄاڻ پهتي اتي هر ڪنهن حيران ٿي چيو؛ ”ائين ٿي نٿو سگهي، نانگ ته سڀ سندس مريد آهن!“

اهو ڪو اتفاقي حادثو به نٿي ٿي سگهيو. جنهن موسم ۾ پَسارين جي دڪان ۾ رکيل پارو ڄمي چاندي ٿي وڃي، تنهن سرديءَ ۾ نانگ بلا جي ٻاهر نڪرڻ جو ضرور نه هو. صاف ظاهر هو ته لنڊيءَ ڊوهه ڪيو هو! شايد کيس پنهنجي فطرت جي خبر هئي ته بيگناهه ماڻهن کي ڏنگڻ کان سواءِ رهي نه سگهندي، تنهنڪري هن سزا جي خوف کان ائين ڪيو هو.

پر اهي ماڻهو جن ٻيا ملڪ گهميا هئا تن جي راءِ مختلف هئي. هنن چيو؛ ”کيس شيطان ورغلايو هو.“

مگر اها ڳالهه غلط هئي. هيءُ تمام پراڻو واقعو هو. شيطان اڃا هتي آيو ئي ڪو نه هو. هو اسرائيل ۽ وچ اوڀر وارن ملڪن ۾ رهندو هو ۽ اتي جي ماڻهن جي بقول کين ڀلائي ڀنڀلائي غلط ڪم ڪرائيندو هو. اهي ماڻهو جڏهن به ڪو ڏوهه ڪندا هئا ته ان جو الزام هميشه شيطان تي هڻندا هئا! هتي هر ڪو پنهنجي غلطيءَ جي ذميداري پاڻ قبول ڪندو هو.

جيئن جيئن گوگي تي زهر چڙهڻ لڳو تيئن تيئن چؤطرف هوائن ۾ ڌپ پکڙجندي ويئي، وڻن جا پن ڪومائجڻ لڳا، مال جي کير مان سواد موڪلائي ويو. ائين ٿي لڳو ڪا اڻ ٿيڻي ٿي ويندي!

جوڳين کي هن سان پيار هو، هو کيس ائين بي يار مددگار مرندي نٿي ڏسي سگهيا. هو سندس علاج ڳولڻ لاءِ روانا ٿيا. ان زماني ۾ هن ديس جا ماڻهو اڄ وانگر رهنمائي لاءِ درويشن سان رجوع ڪندا هئا، جيڪي بيمارين جو علاج يا مسئلن جو حل هميشه بيتن، ڳجهارتن ۽ پرولين جي صورت ۾ ٻڌائيندا هئا. جيڪڏهن ٻڌندڙ صحيح سمجهندا هئا ته مريض جي جان بچي پوندي هئي. اهڙي قسم جا درويش انساني آبادين کان پري جهنگلن، پهاڙن ۽ گڦائن ۾ رهندا هئا.

پنڌ، ڪافي ڊگهو هو پر جوڳي هلندا رهيا. رستي ۾ هنن کي ڪيترن ئي قسمن جا فقير مليا. هڪڙا ڪن ڪٽ هئا جيڪي جبل جي چوٽين تي جتي پکي پير نه رکي سگهي اتي باهيون ٻاريو ويٺا هئا! ٻيا ڪاپڙي هئا جي سڙندا سارو ڏينهن هئا پر ٻاهر ٻڙڪ نه ڪڇندا هئا. ٽيان ڪنوٽيا ڪن چير هئا جيڪي تسيا ڏئي، نفس کي ماري پاڻ کي جيئري فنا ڪريو ويٺا هئا.

مگر جوڳين کي ته انهي سنياسي فقير جي تلاش هئي جيڪو ڏاهپ جو دنگ هو. اها ڳالهه مشهور هئي ته ساڻس بيماريون ڳالهائينديون هيون ۽ جڙي ٻوٽين سان ڪچهري ڪندو هو. هو سال جا ڇهه مهينا جاڳندو ۽ ڇهه مهينا سمهندو هو! ايڏي ڊگهي سمهڻ جو سبب اهو هو ته ننڊ کي به عبادت سمجهندو هو!

جوڳين ڪشالا ڪڍي نيٺ اچي کيس ڳولي لڌو. هو هڪ ڪن اوڍي، ٻيو وڇائي، ٽه-واٽي تي گهري ننڊ ۾ ستو پيو هو. حسب معمول جيئن ٻين قصن ۾ ٿيندو آهي تيئن هتي به ٿيو. پهرين ته هنن درويش کان سندس ننڊ ڦٽائڻ جي معافي ورتي ۽ پوءِ گوگي جي بيماريءَ جو احوال ڏنو. هن ڏڪندڙ هٿن سان پنهنجون گهاٽيون پنبڻيون اکين تان هٽائي جوڳين جي منهن تي لکيل پريشانيءَ کي پڙهيو ۽ سڀئي اٿي کڙا ٿيا. بنا وقت وڃائڻ جي مينهن واءُ ڪندا هو واپس موٽيا.

پويان گوگي جي حالت روز به روز خراب ٿيڻ لڳي هئي. هو سائو ٿيندو ويو، سندس جاڙا ڀروون ڇڻڻ لڳا. هڪ هڪ ڪري هٿن پيرن جا ويهه ئي ننهن اکڙي ويا، بدن جتان ڪٿان اڊڙي پيو. ساهه جي ڦوڪاري ۾ لوهار جي ڌمڻ سمائجي ويئي.

سندس اگهائيءَ جو ٻڌي مرن کي به ماٺ لڳي ويئي، جوڳين جي مرليءَ جي ڌن ۾ ماتمي سُر لهي آيا. گلن جو رنگ ڦٽي ويو، اڏامندڙ پکي گهيرٽ کائي پٽ تي ڪرڻ لڳا! خاموشيءَ ۾ ماڻهن جي ڪنن ۾ ڪيهون واڪا ڪرڻ لڳيون!

الائي ڪهڙي ولايت منجهان مها ڪوي گوڪل اچي سندس سيرانديءَ کان فنا ۽ برباديءَ جا گيت ڳائڻ لڳو! سندس آواز، ٻڌندڙن جي اندر ۾ وڍ وجهي ڇڏيا. هن جي آلاپ ۾ نڀاڳ، وڇوڙو ۽ دائمي جدائيءَ جو ڏک، ڇوليون هڻڻ لڳو. وڻ ٽڻ، پن پن مان اهڙو پڙلاءُ اچڻ لڳو جيڪو ڪنهن مهل ڪوهين پري ته ڪنهن مهل صفا ويجهو ڪنن وٽ ٻڌڻ ۾ پئي آيو!

آخري هڏڪيءَ کان پهرين، هو گهايل پکيءَ وانگر ڦٿڪڻ لڳو. سڀ سمجهي ويا ته سندس اجل اوڏو ٿي ويو آهي! ماڻهن جا هشام گڏ ٿيڻ لڳا.

سڄو شهر ان شخص کي موڪلائڻ آيو جنهن پنهنجي علم جي زور تي سڀ نانگ نمائي ڇڏيا هئا پر اهو سمجهي نه سگهيو ته ڪنهن جي فطرت نٿي بدلائي سگهجي. مرڻ وقت کيس پنهنجي غلطي جو شديد احساس هو ۽ ان جو اظهار هن هيئن ڪيو، ”جڏهن سزا ڏيڻي هئي تڏهن مون معاف ڪري ڇڏيو، اهو سوچي ته رحمدلي ڏيکارڻ سان لنڊيءَ جي طبيعت بدلجي ويندي. مگر ائين ڪڏهن ٿيو آهي ته خراب جيو چڱائي ڪرڻ سان سڌري وڃن. ڪير انهن سان ڪيترو به سٺو هلي پر جنهن جي فطرت ۾ دوکو هوندو سو ضرور دوکو ڪندو.“

پڇتاءَ ۾ هو وڌيڪ ڳالهائي نه سگهيو، بس اهو پاراتو ڏنو؛ ”جتي ڪٿي موچڙي سان ماربي!“

انهيءَ وقت سنياسي درويش به جوڳين جي جهرمٽ ۾ اچي پهتو. هن گوگي کي تپاسي ڏٺو ۽ چيو؛ ”قدرت هن کي شفا جي بي انتها خوبي ڏني آهي. ڏنگيل جاءِ تي جتي سندس نظر پوندي، زهر جو اثر ختم ٿي ويندو! مگر لنڊي صفا بي گري هئي هن کيس ڪنڌ جي پويان ڏنگ هڻي وڌو آهي! هو پنهنجي ڪياڙيءَ کي نٿو ڏسي سگهي. ان جو حل اهو آهي ته جي گوگو پنهنجي ڪياڙي آرسيءَ ۾ ڏسي ته زهر جو اثر ختم ٿي ويندو ۽ هو بچي ويندو!“

ماڻهو ڳولي بيهي رهيا ڪٿان به آرسي نه ملي سگهي. ورهيه ٿيا هتان جي ماڻهن آرسي ڏسڻ ڇڏي ڏني هئي. جيڪڏهن ڪو ٻيو انهن کي آرسي ڏيکاريندو هو ته ڪاوڙجي پوندا هئا. تنهنڪري انهي جو ٺاهڻ، وڪڻڻ ۽ منهن ڏسڻ جو رواج ختم ٿي ويو هو! ملڪ ۾ اهڙي ڪا به شيءِ ڪو نه هئي جنهن کي آرسي سڏي سگهجي.

”جي آرسي ناهي ته ٻي ٺاهي وٺجي!“ هڪ ٻار تجويز ڏني.

هاڻي ٻار کي ڪير سمجهائي ته هن سماج ۾ آئينه سازي، هڪ وڏو ڏوهه سمجهيو ويندو هو. هتي ڪو به آئينه ساز ڪو نه رهندو هو. هڪڙا مري ويا، ٻيا ملڪ ڇڏي ڀڄي ويا! هن ديس جو هر ماڻهو دُٻي جي بيٺل پاڻيءَ ۾ منهن ڏسندو هو ۽ ائين جيئندو هو!

 

(حسين ڪپريءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تي ۱۳ جون ۲۰۲۲ع تي رکيل)

No comments:

Post a Comment