Monday, January 15, 2024

نڀاڳا گهوڙا غيباڻا سوار - حسين ڪپري

نڀاڳا گهوڙا غيباڻا سوار

مختصر ڪهاڻي

حسين ڪپري



هيءَ هڪ ڏورانهين آفريقي ملڪ جي ڪهاڻي آهي. مملڪت خداد کي ته خدا پئي هلايو باقي حڪومت جو حال پورو سارو هو. سڀ ڊپارٽمينٽ جيئن هليا پئي تيئن هليا پئي، هتي صرف جهان خان واري کاتي جي ڳالهه ڪنداسين، جتي لکين ڪيس رليا پيا هئا، ڪنهن کي به انهن جي ڳڻتي ڪو نه هئي. اڪثر فريادي هلي هلي جتيون گسائي مري کپي وقت جو رزق ٿي ويا هئا، جيڪي بچيا هئا تن مان به گهڻن جو انجام ساڳيو ٿيڻو هو. انهن سڀني جو ذڪر ڪري نٿو سگهجي، تنهنڪري صرف ”نڌڻڪا گهوڙا غيباڻا سوار“ واري انهيءَ هڪڙي ڪيس تي نظر وجهنداسين جنهن جي ڪري سڄي ملڪ ۾ ٻائيتال متل هو.


ملڪ جو دستور ته الائي ڪهڙو هو پر سرڪار مائي باپ ۽ پوليس فيل مست هئي. ماڻهو سڌا گز لڳا پيا هئا. اها اهڙي صورتحال هئي جهڙي ٽين دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ ٿيندي آهي. جن معاملن ۾ اندر ئي اندر وڏو گهوٽالو هو سي بظاهر ڏسڻ ۾ ٺيڪ پئي لڳا. ان جو سبب اخبارون ۽ ميڊيا هو جتي رڳو شاندار ڪاميابي، تيز رفتار ترقي ۽ پرتپاڪ خير مقدم جون خبرون پئي هليون. ڪرنٽ افيئرس ۽ حالات حاضرهه جي پروگرامن ۾ مثبت ۽ تعميري بحث ٿيندا هئا ته جنن کي ڪيئن قابو ڪري انهن کان ڊيم ٺهرائي سگهجن ٿا، ڪهڙو ڦيڻو هڻي دشمن جا جهاز ڪيرائي سگهجن ٿا ۽ ڪهڙي نموني روحاني طاقتن ذريعي سچيون خوشيون حاصل ڪري سگهجن ٿيون! ٽي وي تي فارغ وقت ۾ فحاشي خلاف مهمون هلائڻ، نوجوانن کي بي راهه روي کان روڪڻ ۽ قوم جو مستقبل سنوارڻ لاءِ اشتهار هلندا هئا.

هر شئي روٽين سان پئي هلي، پوءِ اوچتو سڀني جي توجه ”نڌڻڪا گهوڙا غيباڻا سوار“ واري ڪيس تي هلي وئي. توجه ڏيڻ جو سبب عالمي ميڊيا هو، جتي اها خبر پهرين دفعا نشر ٿي ته اسيمبلين اڳيان گهوڙن جي خريد فروخت ٿي رهي هئي! ان کان پوءِ لوڪل پريس انهيءَ کي کنيو. ان سلسلي ۾، اخبارن مختلف ماڻهن جا انٽرويو، تصويرون ۽ تاثرات شايع ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا. ميڊيا جي بازار جي گرمي ڏسي، جهان خان کي جوش اچي ويو ۽ ڪيس هلائڻ لاءِ پاڻ مرادو جرڳو ڪوٺايو.

جرڳي جو اعلان ٿيو ته ملڪ جي سڀني کان وڏي اخبار ايڊيٽوريل لکيو؛ ”نيٺ گونگي ڳالهايو ۽ ٻوڙي ٻڌو!“

ايڊيٽوريل ۾ تفصيل سان ٻڌايو ويو ته ڪيس وڏو هو، واردات سنگين هئي ۽ انصاف ڪرڻ مشڪل نظر اچي رهيو هو. اها ساهمي جنهن جي هڪ پُڙ ۾ ڏوهه جي شدت ۽ ٻئي پڙ ۾ سزا جي تور ٿيندي هئي سو هڪ وڏو سيٺ وياج جو آسرو ڏيئي کڻي ويو هو.

سيٺ جو ڪاروبار هو ماڻهن کي سندن خوابن جا گهر ٺاهي ڏيڻ. خوابن جي گهرن ۾ هڪ خاص ڳالهه اها هوندي آهي ته جيترا آهن ٺاهڻ ۾ سولا ايترا آهن وڪڻڻ ۾ ڏکيا! انهي کي وڪڻڻ لاءِ ضرورت هوندي آهي گراھڪن جو اعتماد حاصل ڪرڻ. انهيءَ ترازوءَ جي ڪري سيٺ جي هٽ تي وڏي رش ٿي وئي. ڇو ته ٻين دڪانن تي ٺڳي ٺوڙي واري تور ٿيندي هئي، گراھڪن کي انهن تي ڀروسو نه هو.

پويان ماحول اهڙو ٿي ويو جو انصاف جو سڄو معاملو درست تور ڪرڻ بدران اندازي، ڌُڪي ۽ تڪ تي پئي هليو. ان کان پوءِ اخبار معروضي حقيقتون لکيون جنهن ۾ اها ڳالهه دهرائي ته جتي دنيا جا ٻيا ملڪ چئن ٽنگن تي هلندا آهن، اتي هيءُ هڪڙي ٽنگ تي هلي رهيو آهي!

هتي بادشاهت، ڊڪٽيٽر شپ، اشرافيه، بنيادي جمهوريت، پارليماني جمهوريت جا ايترا تجربا ڪيا ويا هئا جو غير جانبدار مبصر ان کي طرز حڪمرانيءَ جي تجربيگاهه سمجهڻ لڳا هئا. دنيا کڻي ڇا به سمجهي پر هيءُ اصل ۾ پراڻن ڦٽن ۽ اياڻن ويڄن وارو معاملو هو. پر ڪنهن ۾ به ايتري ٿوم نه هئي جو ڌُر ڌڻين کي اها ڳالهه چوي!

ملڪ ۾ هڪڙو کاتو انساني حقن جو به هو جنهن کي پنهنجي گهر، اوڙي پاڙي، ڳوٺ راڄ ۽ آس پاس جي خبر نه هئي پر ڏورانهن ملڪن جي گهڻي ڳڻتي هئي! دهل الائي پري ڪهڙي ولايت ۾ وڄندا هئا پر دوسو هتي نچندا هئا!

هن مقدمي جي مزيدار ڳالهه اها هئي ته فريادي گونگو هو، جوابدار ٻوڙو هو ۽ جناب جهان خان انڌو هو!

جرڳو شروع ٿيو ته وڪيل چيو؛ ”نڀاڳن گهوڙن کي غيباڻا سوار ڏينهن ڏٺي جو کنڀي وڃن ٿا پر خبر نٿي پوي ته ڇو ٿا ائين ڪن! ظاهري طرح ته ان کي ’هارس ٽريڊنگ‘ جو نالو ڏنو وڃي ٿو مگر انهي ۾ گهوڙن سان ٺڳي ٿيو وڃي.“

اهو جمهوريت کي ڌڪ هو، ماڻهن جي ووٽ جي توهين هئي، تنهنڪري ترت انصاف ڪرڻ ضروري هو. مگر وڪيل صاحب ڳالهه کي ٻئي پاسي ڦيرائيندي انتهائي پر زور لهجي ۾ اپيل ڪئي ته معاملو گنڀير آهي، ان کي تڙي کڙي تڪڙ ۾ نبيرڻ بدران ڪاميٽي ٺاهي وڃي.

جناب جهان خان صاحب پاڻ به ڪنهن دور ۾ وڏو وڪيل رهي چڪو هو. کيس انهيءَ ڌنڌي جون سڀ اٽڪلون، گر ۽ حرفتون اڃا تائين ياد هيون. هن کي خبر هئي ته ڪاميٽيءَ جو مطلب وڌيڪ ٽائيم وٺڻ هو، سو ان تي هن جذباتي اپيل جو ڪو به اثر نه ٿيو ۽ هن وڪيل کي دليل جاري رکڻ لاءِ چيو.

جڏهن اهو داءُ نه هلي سگهيو تڏهن وڪيل ٻيو حربو آزمايو ۽ اوٻاسيون ڏيندي اهڙي نموني دليل ڏيڻ شروع ڪيا جن جو مطلب ڪيس کي ڊيگهه وٺرائڻ هو. پهرين هن ٿل ٻڌو؛ ”سياڻا چوندا آهن، مرد جي خبر مڇ مان پوندي آهي، عورت جي خبر ڳُت مان ۽ گهوڙي جي خبر وک مان پوندي آهي! وک جو تعلق چال سان هوندو آهي. سنڌي گهوڙي جون ٽي چالون، ولائتي گهوڙي جون چار چالون ۽ عربي گهوڙي جون الائي ڪيتريون چالون آهن.“

ڪجهه دير هو ترسيو، ماحول جو سرسري جائزو ورتائين. سڀ سنجيدگي سان کيس ٻڌي رهيا هئا. ان جو مطلب هو ته اتي ڪو به اهڙو گهوڙن جو ماهر ويٺل نه هو جيڪو سندس غير تصديق شدهه معلومات کي چيلينج ڪري. اهو ڏسي سندس من وڌي ويو ۽ هو وري شروع ٿي ويو.

”هونئن ته گهوڙي جي هر چال جي الڳ نزاڪت ۽ خوبصورتي هوندي آهي پر رنگ اهڙي شئي آهي جنهن ۾ سڀني کان گهڻي سونهن هوندي آهي. سونهن جو معيار هر علائقي ۾ جدا آهي. آفريڪا ۾ ڪاري رنگ جو گهوڙو، يورپ ۾ سفيد گهوڙو ۽ سنڌ ۾ ڪميت گهوڙو پسند ڪيو وڃي ٿو. ڪميت گهوڙي جا پنهنجا وصف آهن. جي ان کي سٺيون عادتون سيکارجن ته دشمن جو داڳ ٿيو وڃي. اهڙن وهٽن کي نظر لڳي ويندي آهي، جنهن لاءِ اڳواٽ بچاءُ ڪرڻ ضروري ٿي پوندو آهي...“ وڪيل جي تقرير جاري هئي جو ڪورٽ جو وقت پورو ٿي ويو. ماڻهو ايترا ٿڪجي پيا هئا جو ڪنڊ پاسي تي بيهي تبصرا ڪرڻ کان سواءِ پنهنجي گهرن ڏي روانا ٿي ويا.

ٻي شنوائيءَ تي هن گهوڙن جي قسمن بابت ڳالهايو، سامونڊي گهوڙا، تازي گهوڙا، ڪڇي گهوڙا، اطلسي گهوڙا. انهيءَ بيان سان گڏ هن بادشاهي گهوڙن جو ذڪر ڇيڙي ڇڏيو، جيئن سڪندر ذوالقرنين جو گهوڙو. شهنشاهه نيپولين جو گهوڙو، دولهه دريا خان جو گهوڙو! تِهان پوءِ هو انهن گهوڙن تي آيو جيڪي ماڻهن بحر ظلمات ۾ ڊوڙايا هئا.

وقفي کان پوءِ هن گهوڙن جي تقدس جي حوالي سان کنڀن واري اڏامندڙ گهوڙن بابت ٻڌايو، جن جي پوڄا مندرن ۾ ٿيندي هئي ۽ انهن غازي گهوڙن جا مثال ڏنا جن زخمن سان چور ۽ رت سان ٽمٽار هئڻ جي باوجود آخري لمحن ۾ به پنهنجي سوار کي منزل تي پهچايو.

”گهوڙو نڀائي ڄاڻي ٿو، سندس وک ڪڇي سگهجي ٿي پر وفا کي نٿو ماپي سگهجي. شهزادي ڀونگر کي سيني ۾ تير لڳو، سندس گهوڙي گاهه کائڻ ڇڏي ڏنو! سڪي هڏا ٿي مري ويو پر ڌڻيءَ جو در نه ڇڏيائين.“ آخري لفظ چوندي سندس آواز ۾ اهڙو ته درد لهي آيو جو ٻڌندڙ اداس ٿي ويا.

چوٿين ٻڌڻيءَ تي مشهور گهوڙن جا حوالا ڏيندي، وڪيل جو انداز ڊرامائي ٿي ويو؛ ”سائين وڏا، ڄام شهمير جي گهوڙي ’واچوڙي‘ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! مالڪ ستن پيڙهين جو کٽيو وٽيو، ڪيو ڪمايو، سڀ سندس پيٽ ۾ وجهي ڇڏيو هو. ڪڏهن به ڪو پٺيان کان ايندڙ گهوڙو کيس رهڙي ڪو نه رسيو، نه ڪو سراڙي ۾ان کان اڳتي نڪري سگهيو! ڊوڙندو هو ته سنبن مان چڻنگون نڪرنديون هيون، دشمن دهلجي ويندا هئا، حشمت مري ويندي هئي. سندس رفتار کان ته جن به ڊڄندا هئا!“

وڪيل صاحب جو انداز موهيندڙ ۽ معلومات وڻندڙ هئي پر جهڙي نموني دليل ڏئي رهيو هو تنهن مان خبر نٿي پئي ته هو ڪهڙي ڌر جي پاسي آهي! ڪجهه به هجي ماڻهو رونشي خاطر ويٺا رهيا.

ايندڙ شنوائيءَ تي هن پوين دليلن کي اڳتي وڌائيندي چيو؛ شاعر خيالي گهوڙا ڊوڙائيندا آهن، سياڻا عقل جا گهوڙا ڊوڙائيندا آهن، جواري ريس ڪورس ۾ گهوڙا ڊوڙائيندا آهن. گهوڙن تي شرطون لڳائبيون آهن. پراڻي زماني ۾ گهوڙن تي چڙهي لشڪر ڪشيون ڪبيون هيون، جنگون وڙهبيون هيون، ملڪ فتح ڪبا هئا. تاريخ شاهد آهي ته قومن جون حالتون بدلائڻ ۾ جيترو گهوڙي جو ڪردار آهي، اوترو شايد قسمت جو به ناهي.

تاريخ کان پوءِ عام زندگيءَ جا مثال ڏيندي وڪيل چيو؛ انهيءَ جانور جي سڀني کان وڏي خوبي اها آهي ته ڪهڙي به قسم جو هجي پر هر حالت ۾ ڪم اچي ٿو. گهوڙو ڀلو آهي ته ملاکڙي ۾ ڊوڙايو، ڍلو آهي ته ٽانگي ۾ وهايو، سهڻو آهي ته گهوٽ کي چاڙهي ترگس ڏياريو يا اليڪشن جو نشان بنايو.

ماڻهو چون ٿا، ”جتي پٽ انڪار ڪري ڇڏيندو اتي گهوڙو نا نه ڪندو. کيس باهه ۾ وٺي وڃو، هليو ويندو! باقي جي سوار بي پتو هوندو ته گهوڙو به گهگير ٿي ويندو، ماري ڇڏيوس حرام جو وک به اڳتي کڻي! مگر عام طور گهوڙا هر ڪم ڪري ايندا آهن، جنهن ڏينهن صفا ڪم نه هوندو تڏهن به واندا ڪو نه ويهندا، وري به ٺلهي ٽاپولي ضرور هڻي ايندا. گهوڙا ايڏا سپوٽ هوندا آهن جو سائنسدانن انهن پويان ’هارس پاور‘ جو ايڪو ٺاهيو!“

هن جي ڊگهي لٻاڙ مان جهان خان ڪڪ ٿي پيو هو پر قانوني مجبورين سبب کيس ماٺ نٿي ڪرائي سگهيو. حالانڪه ٻيا ڪيترا ضروري ڪيس رهيل هئا، جن ۾”انڌي رڌيو ڪتي چٽيو“ وارو مقدمو ڏاڍو اهم هو. انهيءَ منصوبي ۾ سرڪار اربين رپيا لڳائي ٻوڏ روڪڻ لاءِ جيڪي بند ٻڌا هئا، سي پهرين برسات ۾ لڙهي ويا هئا! ان کان علاوهه ”نڀاڳن جا نار واڍن چاڙهيا واٽ تي،“ وارو ڪيس به ڌيان ڇڪائيندڙ هو. ان گهپلي ۾ حڪومت بيمارين کي منهن ڏيڻ لاءِ اسپتال تعمير ڪرڻ بدران سڳي ڦيڻي سان علاج واري طريقي تي رقم خرچ ڪئي هئي!

موجودهه ڪيس جي خاص ڳالهه اها هئي ته پراڻو هو، جيستائين ڪاغذن هيٺان دٻيل هو، ڪنهن کي خبر ئي ڪو نه هئي. جڏهن مشهور ٿيو ته ان جون هيڊ لائنون فرنٽ پيج تي لڳڻ شروع ٿيون، ڪجهه وقت کان پوءِ بيڪ پيج تي اچي ويون ۽ آخر ۾ وچين صفحن تي هليون ويون. مگر گذشته ٽن شنواين جي خبر ڪنهن به اخبار ۾ ڪو نه شايع ٿي هئي. صاف ظاهر هو ته ماڻهن اهڙين خبرن کي پڙهڻ ڇڏي ڏنو هو. عوام جي دلچسپي ختم ٿي وئي ته جهان خان جي دل به کڄي وئي. هو هميشهه ٽي ويءَ تي پاڻ بابت خبرون، تبصرا ۽ بحث مباحثا ڏسڻ پسند ڪندو هو. هاڻي اها ڳالهه ڪو نه رهي هئي.

انهيءَ دوران شنواين تي شنوايون هلنديون ويون. پوئين تاريخ تي وڪيل صاحب قوم جي بي حسي ۽ بي قدريءَ طرف ڌيان ڇڪائيندي چيو ته؛ قدرت جيڪي ڪم جانور جي حوالي ڪيا تن ۾ ناچ جو ڪم مور جي حوالي آهي. هونئن ته نچڻ هڪ سٺو عمل آهي پر ڪنهن کي ڊپ ۽ تشدد جي خوف سان نچائڻ غلط ڳالهه آهي. اهو سڀ اسان جي اکين جي اڳيان ٿئي پيو پر ڪير توجه نٿو ڏئي. ماڻهن ڏوهه کي ڏوهه سمجهڻ ڇڏي ڏنو آهي، ان جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته مداري ڀولڙن کي نچائين ٿا، زالون مڙسن کي نچائين ٿيون، پوليس چورن کي نچائي ٿي ۽ هاڻي غيباڻا سوار نڌڻڪن گهوڙن کي نچائي رهيا آهن. جي انصاف نه ٿيو ته هڪ ڏينهن اهڙو ايندو جو سڄو ملڪ ناچو ٿي ويندو، هر ماڻهو پيو ٺمڪا هڻندو...

وڪيل جيڪو هٿ جهليو هو تنهن سان ڳالهيون کٽڻيون هيون نه نبيرو ٿيڻو هو. نبيرو ان ڪري نه ٿيڻو هو جو غيباڻي سوارن جي سڀني کي خبر هئي پر ڪنهن ۾ ايتري ٿوم نه هئي جو سندن نالو کڻي سگهي. جهان خان جا ته ساڻن بنهه پراڻا رشتا هئا. هو اڳي به انهن سان ڇيهه ڪو نه ويو هو ۽ هاڻي به ڦٽائي نٿي سگهيو. وڪيل جيڪا دليل بازي پئي ڪئي سا پاڻي ولوڙڻ جي برابر هئي. جهان خان اوٻاسيون پئي ڏنيون ۽ بار بار ڀت تي ٽنگيل گهڙيال ڏي ٿي نهاريو. نيٺ سندس صبر موڪلائي ويو. هن جرڳي جي ختم ٿيڻ جو اعلان ڪيو ۽ ڪيس کي غير معينه مدت لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو.

 

(حسين ڪپريءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تي ۱۱ جولاءِ ۲۰۲۲ع تي رکيل)

No comments:

Post a Comment