Monday, January 1, 2024

ڪجھ گذري آ، ڪجھ گذري ويندي۔۔۔! - منظور ڪوھيار

ڪجھ گذري آ، ڪجھ گذري ويندي۔۔۔!

(ننڍڙي ڪھاڻي)

منظور ڪوھيار



ڪکو خان! اڄڪلھ سنجيده ٿي ويو آھي۔ ان ڪري سوچيم ته سندس سنجيدگيءَ مان لاڀ حاصل ڪجي۔ سو پڇيومانس: ”ڪکو خان! گذريل سال تي ڪا ٽيڪا ٽپڻي ته ڪر!“

ڪجھ دير جي خاموشي کان پوءِ چيائين:



”ڪنهن جي تنور ۾ گذري، ڪنهن جي سمور ۾ گذري۔ پر گذري وئي۔۔۔ڪن جي هوش ۾ ته ڪن جي بيهوشيءَ ۾ گذري، پر گذري وئي۔۔ڪن جي خوابن ۾ ته ڪن جي بي خوابيءَ ۾ گذري، پر گذري وئي۔۔۔ڪن جي غافل ننڊ ۾، ته ڪن جي سجاڳ ۾ گذري، پر گذري وئي۔۔۔ “

لڳو ته ڪکو خان گھڻو سنجيده ٿي ويو آھي ته پڇيومانس؛ ”هن سال ڪيئن گذرندي، اهو به ته ٻڌاءِ؟“

”ھڪڙن جي خوشفهمين سان، ٻين جي غلط فهمين سان ۽ ٽين جي تلخ حقيقتن سان منهن ڏيندي. باقين جي ´سنڌ سنئين خيال خام، جاڏنهن لڳين موچڙو، اوڏنهن ڪن سلام` تحت گذرندي۔“

”اڄ ته صفا بين القوامي دانشور ٿو لڳين؟“

ڪکو خان وراڻيو: ”بين الاقوامي دانشور کي ڪي سڱ ٿيندا آھن ڇا؟“

No comments:

Post a Comment