Wednesday, January 10, 2024

عظيم شادي - حسين ڪپري

عظيم شادي!

مختصر ڪهاڻي

حسين ڪپري



هاڻي شادي ختم ٿي وئي، مهمان هليا ويا؛ ڊيڪوريشن وارا تنبو ۽ شاميانا اکيڙي، جنريٽر، ديڳيون ۽ سامان ٽرڪن ۾ وجهي کڻائي ويا؛ پاڻيءَ جا ٽينڪر، پوليس جون موبائلون ۽ ٻي سرڪاري مشنري واپس ٿي وئي؛ بيگر ۾ آيل هاري ناري پنهنجي ڳوٺن ڏي روانا ٿي ويا ته گليون، رستا ۽ حالتون آهستي آهستي واپس ساڳي روز مرهه جي معمول تي اچڻ لڳا آهن. ماڻهو هوٽلن تي چانهه جي سرڪي لڳائي، ٻيڙي دکائي، چشڪا وٺي ڳالهيون ڪن ٿا؛ مڃڻ مراد آهي، سائينءَ دل کولي خرچ ڪيو. ڪاڄ پورا ٽي ڏينهن، ٽي راتيون هليو، ايترا دعوتي آيا جو مرشد پور شهر جي آبادي ٻيڻي ٿي وئي! ان جي ڪري جيڪا افراتفري، وٺ پڪڙ ۽ ٻڙڌڪ متي تنهن هر شئي کي الٽ پلٽ ڪري چُوڙن کان لوڏي ڇڏيو. اسي سال جا جهونا جن ننڍي هوندي کان وٺي ڪنهن جي مرڻي جو ڀت ڇڏيو نه پرڻي جو، سي به قسم کڻي چون ٿا؛ ”برابر ڀلان ڀليءَ جو ڇيهه ناهي، پر ههڙي شادي ڏٺيسين نڪا ٻڌيسين!“


جڏهن سائين خان بهادر شاهه گاڏين جي ست ميل ڊگهي قطار ۾ پٽ کي پرڻائي وٺي آيو ۽ ڪنوار جو سڄو ڏاج ٽرڪن، ڊاٽسنن ۽ ويگنن مان هيٺ لهي حويليءَ اندر پهتو ته ڏسندڙن جا وات ڪٽلي ٿي ويا. ڏاج ڳڻي ڳڻي ٿڪجي پيا پر سوکڙين پاکڙين ۽ تحفن جو دنگ نه اچي! اڌ لک رلي ته رڳو مريدن مان ملي، ست سري سوني دهري رئيس ڌڱاڻي خان گهڙائي موڪلي، هندستان مان گهرايل چندن جي ڪاٺ مان ٺهيل هندورو سيٺ درياني مل ڏنو، سينگار واري ٽيبل، ڪرسيون، ميزون ۽ ٻيو فرنيچر آب پاشي کاتي جي ايڪسين صاحب، واهن تي پوکيل شيشم جا وڻ وڍرائي ٺهرائي اماڻيو. ڊبل بيڊ هالا جي شاهه ڪاريگر ماستر عيدن برادي واندڪائيءَ ۾ ويهي دل سان ٺاهيو هو، جنهن ۾ گهوٽ جي شوقين طبيعت کي نظر ۾ رکندي سيرانديءَ ۽ پيرانديءَ وارن ٻنهي پاسن کان بيلجيم جا وڏا شيشا لڳل هئا. ڪنوار وڏي گهر جي هئي، ان کي مائٽن کان جيڪو مليو، تنهنجو انت حساب نه هو پر نظر لڳڻ جي خوف کان اهو ظاهر نه ڪيو ويو.

ڏاج کان علاوهه پيسو به جام مليو. الائي ڪٿان ڪٿان جا ماڻهو آيا. ايماندار منشي ڪاپين ۾ نينڍ لکي لکي مري ويا پر پوئو لکائيندڙ نه کٽن! ايتري رقم گڏ ٿي جو پڇاڙيءَ ۾ نيشنل بينڪ مان پيسا ڳڻڻ واري مشين گهرائڻي پئجي وئي! مهمانن ۾ مير پير، رئيس وڏيرا، وزير ڪامورا، عام خاص سڀ آيا هئا. انهن سڀني جي نه صرف رهائش جو انتظام هو پر هر ذوق جي ماڻهوءَ جي وندر لاءِ هر طرح جي سهولت ۽ سامان موجود هو.

جيڪي پروگرام رکيل هئا تن ۾ سڀني کان خاص لاهور جي هيرامنڊي جي طوائفن جي محفل هئي. عام ماڻهوءَ کي اوڏانهن وڃڻ جي اجازت نه هئي، باقي جن کي پڪي راڳ جي پرک ۽ ڳائڻن جي شناس هئي سي سڀ اتي ڳاهٽ هئا. انهن جدي پشتي ڳائڻين جي ناز نخرن، رک رکاءُ ۽ ادب آداب جا اڃا تائين اهي ساڳيا قديم طريقا هئا، جيڪي مغل بادشاهه محمد شاهه رنگيلي جي زماني ۾ رائج هئا. هنن جي ٽوليءَ ۾ ڪيتريون ئي مشهور طوائفون هيون پر انهن جي اڳواڻ سرداري بيگم هئي. هن خانداني ماڻهوءَ کي اٿي ٽي دفعا سلام ڪيو ٿي ۽ پوءِ-ڍائڙي جي سلام جو جواب ويٺي ويٺي ڪنڌ لوڏي ڏنو ٿي! ڪسبي گويي کي ”خانصاحب“ ۽ عطائي گويي کي ”ماسٽر جي“ چئي سڏيو ٿي. کيس ڪلاسيڪل توڙي نيم ڪلاسيڪل تي عبور حاصل هو ۽ آواز ۾ اهڙو جادو هو جو باذوق ماڻهو کيسا خالي ڪري پوءِ ٿي اٿيا.

هلڪي ڦلڪي موسيقيءَ جي شوقينن لاءِ سيالڪوٽ جون ڳائڻيون، لاڙڪاڻي جون نچڻيون ۽ ڪراچيءَ جا قوال لٿل هئا، جن محفل تي وجد طاري ڪري ڇڏيو! پشاور جا کدڙا ۽ لسڙاٽ ناچو ڇوڪرا جدا تنبوئن ۾ پنهنجو الڳ رنگ ڄمايو ويٺا هئا. ان کان علاوهه مڇليون، ڪڃريون، رنڊيون ساڻن لاڳاپيل مالشيا، دلا، ڀڙوا ۽ چڪلائي به آيل هئا. ماڻهن جي هيڏي وڏي هجوم ۾ بشني، شودا، اٺائي گيرا، لليجا ۽ ڳنڍي ڇوڙ ٽوليون ٺاهيو پي ڦِريا پر اهو چئي واردات نٿي ڪيائون ته ”هڪڙو گهر ته ڏائڻ به ٽاريندي آهي.“

دعوت تي آيل مهمانن جي خماري، ٽُناري ۽ ٻوڏاري لاءِ سڀني قسمن جي نشي پتي جو پورو بندوبست ڪيو ويو هو. وي آءِ پي شخصيتن لاءِ ولائتي وهسڪي، ديسي شوقينن لاءِ جهمپير جي تاڙي، ٻٻر جي ڇوڏن مان ٺهيل ڪولهين جو ٺرو، بمباٽ ۽ ڪنتري هئي. ٿر جي ٺڪرن لاءِ نبار آفيم، اترادي مهمانن لاءِ مارشلا ڀنگ جا ڪونڊا، ڊرائيور طبقي لاءِ حاجي سمندر خان جو چرس، مينڊريس گوريون ۽ ٻي هر نموني جي منشيات موجود هئي. بقول نارُو فقير ڌمالي؛ ”مال مڻين، جنهن کي کٽي کڻي!“

کاڌي پيتي لاءِ کيرن جا ڊرم، گيهن جا ٽين، چانورن جون ٻوريون، اٽي جا ڪٽا، ڇيلا، ٻڪر، تتر، پاڏا، گابا، ڀاڄيون ۽ ميواتون هيون. انهيءَ سلسلي ۾ بورچين کي هدايتون ڏيندي سائينءَ چيو؛ ”ڪنهن به شئي جو صرفو نه ڪريو، کاڌو اهڙو ٺاهيو جو هر ڪو تعريف ڪري!“ حڪم جي بجا آوري ڪندي، هنن به اهڙا لذيذ طعام تيار ڪيا جو جنهن ٿي کاڌو، تنهن ٿي چيو؛ ”آفرين آفرين!“

جيڪو ماڻهو جيترو کائي ٿو ايترو لاهي ٿو، تنهنڪري بندوبست به انهيءَ حساب سان ٿيل هئا. وڏا ماڻهو گهڻو کائين ٿا ۽ بار بار کائين ٿا، انهن لاءِ عارضي طور شاهي ڪاڪوس خانا ٺهرايل هئا. ٽائون ڪميٽيءَ جا ڀنگي روز ٽريڪٽرن تي گونهه جا گاڏا ڀري شهر کان ٻاهر سڪل ڍنڍ ۾ اڇلائي ايندا هئا. اها ڍنڍ آبڪلاڻيءَ جي موسم ۾ شهرين لاءِ تفريح جي جاءِ هئي، جنهن جو ڪارو منهن ٿي ويو. غريب غربو ٻنين، فصلن ۽ ڪرڙن جي پويان جهنگل جو خيال ڪري هزارن جي تعداد ۾ ڍڳليون ڇڏي ٿي آيو پر ڪنهن ان تي ڌيان ڪو نه ڏنو!

نڪاح پڙهائڻ لاءِ ساڳئي فرقي جو وڏو مولوي صاحب پاڻ ڪهي ملتان مان آيو هو. سندس شان ڏسڻ وٽان هئي. ساڄي هٿ ۾ سچن موتين جي تسبيح، کاٻي هٿ ۾ سينگاريل لڪڻ، اکين ۾ سرمو، بوسڪيءَ جا ڪپڙا ۽ مٿي تي عربستان وارو عمامو، صفا روحاني حليو بنائي آيو هو.

آڪٽوبر جي اڀرئي سج هيٺان، سائين پاڻ پيرن ڀر بيٺو هو، مهمانن جي استقبال لاءِ. خزان جي پڇاڙي هئڻ ڪري هوا ۾ خنڪي هئي، مگر وڻندڙ موسم جي باوجود به کيس هلڪا پگهر پئي نڪتا. اهو شنگرف جي ڪک کائڻ جو نتيجو هو. هو ديسي حڪمت جو ماهر هو، پاڻ دوائون ٺاهيندو، کائيندو ۽ سنگت ساٿ وارن کي ڏيندو هو. ڪيترا ئي سردار نواب کانئس دوائون وٺي شادي ڪندا هئا. پيريءَ ۾ اولاد ٿيندو هو ته راڄن کي ڏس ڏيندا هئا. ائين ڏيئن مان ڏيئا ٻرندا هئا، سائينءَ جو ناماچار وڌندو هو.

ايتري ۾ وزير اعليٰ صاحب هيلي ڪاپٽر تي سڌو اچي سامهون عارضي طور ٺاهيل هيلي پيڊ تي لٿو ته ڏسندڙن جا ٺپ ٺري ويا. هر ڪو پنهنجي مان مرتبي موجب صوفن، ڪرسين، مُوڙن تي هوشياريءَ سان قميص جو مٿيون بٽڻ بند ڪري ويهي رهيو. مگر شامياني ۾ داخل ٿيڻ کان پهرين، صاحب سان هٿ ملائڻ، فوٽو ڪڍائڻ ۽ سلام ڪرڻ لاءِ قطارون لڳي ويون.

مگر هو انهن مان تڪڙو جند ڇڏائي سڌو هيڏانهن آيو ۽ ادب سان جهڪي سائين خان بهادر شاهه سان مليو. عام ماڻهن ته ان کي اعليٰ اخلاقيءَ جو مظاهرو سمجهيو پر اها نوڙت ان ڪري هئي جو سندس حڪومت جن پنجن ووٽن جي آڌار تي بيٺل هئي، سي سائينءَ جي ”آزاد گروپ“ جا ميمبر هئا.

هو جنهن طريقي سان جهڪي سائين سان مليو هو، اهو ڏسي مريدن جي واتان بي اختيار نڪري ويو؛ ”جيئي اسان جو سنهڙو سائين، هر ڪنهن کي نمايو ڇڏي!“

سائينءَ تي اهو نالو سندس ڊگهي قد ۽ پينسل جهڙي هانٺي جي ڪري پيو هو. انهيءَ باري ۾ خليفا چوندا هئا؛ ”سائين کائي ته گهڻئي ٿو پر لڳيس نٿو. لڳيس ان ڪري نٿو جو مريدن جي گناهن جو بار ڪلهن تي کنيو اٿس!“

اهڙي نموني جون ٻيون به ڪيتريون ئي ڪرامتي ڳالهيون، سائينءَ جي باري ۾، مشهور آهن. سندن تعلق، هڪ مقدس خاندان سان آهي، پر ان جو ذڪر ڪنهن مستند تاريخ ۾ ناهي. هنن جا پنهنجا سانڍيل شجرا ٻڌائين ٿا ته سندن وڏا ثمرقند، بخارا، ايران کان ٿيندا، افغانستان پهتا، جتان کان پوءِ هتي اچي سنڌ وسايائون. اتي اچي شجرا ختم ٿيو وڃن، اڳتي روايتون آهن جن ۾ سندن بزرگن جو احوال ملي ٿو. جڏهن سائينءَ جو ڏاڏو هتي آيو ته علائقي جي ٻين مرشدن مهماني جهلي. هنن هڪ پيالو کير سان ٽمٽار ڪري موڪليو. سائينءَ ڇا ڪيو جو انهيءَ ڀريل پيالي ۾ گل وجهي واپس اماڻي ڇڏيو. انهيءَ پيغام رساني جو مطلب سڌو هو ته هي علائقو اڳي ئي کير جي پيالي وانگر مرشدن سان ڀريل آهي ۽ سائينءَ جو جواب هو ته پيالي ۾ پيل کير کي ڪو نه چوربو پر انهيءَ ۾ جيئن گل مٿان تري پيو تيئن سرداري ڪبي!

پوءِ ڏاڏي سائينءَ، هدايت ۽ رشد جو سلسلو جاري ڪري ڇڏيو. آسپاس جي ڳوٺن، علائقن ۾ وڃڻ لڳا ۽ اتي سڳو وٽڻ، ڦيڻو رکڻ کان علاوهه دعا دم به ڪندا هئا. هر سال برساتن کان پوءِ ٿر گهمڻ ويندا هئا ته اتي به ماٺ ڪري گل ٻوٽا ساوڪون ڪو نه ڏسندا هئا پر ”ڪم“ ڪندا هئا. سندن ڪيل خدمتن ۾ اهو ڪارنامو به شامل هو ته ڪيترن ئي غير مذهب ماڻهن کي ڪلمو پڙهائي، ڪونڊين تي ويهاري، طهرائي مسلمان ڪري ڇڏيو هو. مگر ان سان به مريدن جي تعداد ۾ ڪو خاطرخواهه اضافو نه ٿي سگهيو. سائينءَ هڪ خليفو به مقرر ڪيو، ٿورو ڪم هلي به پيو پر مزو نٿي آيو. انهيءَ جي باوجود به هو لڳو رهيو ۽ نيٺ پنهنجا سئو ورهيه پورا ڪري برقعو مٽائي ويو. اهو سلسلو پوءِ به هلندو رهيو پر درگاھ جو اثر محدود ئي رهيو.

درگاھ کي صحيح معنيٰ ۾ اوج، سنهڙي سائينءَ وٺرايو. هو ايڏو سڀاڳو هو جو جنهن سال ڄائو، تنهن سال سڪار پيو هو. مينهن زبردست وسيا، فصل ڀلا ٿيا، ان ارزان هو، مال ۾ کير مکڻ جام هو ۽ ڪنهن موذي بيماريءَ به منهن ڪو نه ڪڍيو هو. لاڏ ڪوڏ سان نپجڻ ۽ دادلو ٻار هئڻ جي باوجود، کيس تعليم لاءِ موڪليو ويو. ننڍي هوندي کان وٺي ڪيڏو باصلاحيت هو، تنهن جي خبر مڪتب ۾ ويندي شرط پئجي وئي. اتي هن اهي ڊائلاگ هنيا، جيڪي کانئس اڳي ٻيا به ڪافي بزرگ پنهنجي ننڍپڻ ۾ هڻي چڪا هئا. پهرئين ڏينهن مدرسي ۾ آخوند صاحب چيو؛ ”الف!“ ننڍڙي سائين به چيو، ”الف،“ پوءِ آخوند چيو؛ ”ب،“ سائين چيو؛ ”بي آهي ئي ڪو نه!“ انهيءَ ڊرامي کان پوءِ سڀني کي اندازو ٿي ويو ته اڳتي هلي ننڍو سائين ڪيڏي وڏي فلم ٿيندو!

خانداني ذريعن موجب، ننڍي سائينءَ بچپن کان ئي ڪرامتون ڏيکارڻ شروع ڪري ڇڏيون هيون. انهيءَ ڪري اهڙا ماڻهو به سندس معتقد ٿيڻ لڳا جيڪي اڳي ڪنهن گاديءَ کي ڪو نه مڃيندا هئا. سندس تربيت اهڙي نموني ٿي جو اڳتي هلي روحاني، علمي ۽ سياسي شخصيت بنجي ويو. کيس خبر هئي ته جيڪڏهن وڏو مرشد ٿيڻو آهي ته ان لاءِ شاعري لازمي آهي. اڳي وارا سڀ وڏا مرشد، صوفي شاعر هئا پر پوءِ وقت سان گڏ اهڙي شاعريءَ جو رواج گهٽ ٿي ويو هو. سائينءَ پراڻين ادبي روايتن مان هٿ نٿي ڪڍيو ۽ ماڊرن سان به تعلق رکڻ چاهيو ٿي، تنهنڪري قديم ۽ جديد کي ملائي وچان ٽئين قسم جي شاعري ڪئي ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ چڱو نالو ڪمايو. شاعرن لاءِ شعر لکڻ عام ڳالهه آهي پر سائينءَ جي خاص ڳالهه اها هئي ته هو مختلف صنفن جو قادرالڪلام شاعر هو ۽ ٽيڙوءَ جو ته ماڳهين بادشاهه سڏبو هو. سندس پهرين شعري مجموعي ”گوهر موتي گوڏ ۾“ ادبي دنيا ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو! پڙهندڙ ته انهي عنوان تي ئي عاشق ٿي پيا جيڪو شاهه سائين جي هڪ بيت، ”گند جنين جي گوڏ ۾، پاٻوڙا پوشاڪ“ مان ورتل هو!

ايڏي مشهوري ملڻ کان پوءِ سندس ٻيو مجموعو ”ابيات گوڏ“ جي نالي سان سهيڙي هڪ نوجوان دانشور ڇپرايو! ان ڪتاب ۾ متفرقا بيت هئا، جيڪي هن ڪڏهن بيخوديءَ واري ڪيفيت، ڪڏهن تنهائيءَ جي حالت ۽ ڪڏهن مستيءَ واري موڊ ۾ اچي پنهنجي ڊائريءَ ۾ قلم بند ڪيا هئا. سائين انهيءَ ڊائريءَ کي ڍنڍ ۾ اڇلائڻ جو ارادو ڪريو ويٺو هو، مگر اها سڻس وفادار نوڪرن کي پئجي وئي، جن سر تريءَ تي رکي، ڊائري چورائي سندس والد جي حوالي ڪئي. ڊائري پڙهي، بزرگوار گل وانگر ٽڙي پيو، کيس پنهنجي جوانيءَ جا اهي ڏينهن ياد اچي ويا، جڏهن خرچ بچائڻ لاءِ حويليءَ جي ٻانهين سان عشق ڪندو هو!

سنهڙي سائينءَ جو ٽيون ڪتاب نثر ۾ آهي، جنهن جا چار ڀاڱا آهن. پهرئين حصي ۾ شهر ڀنڀور، ٻئي حصي ۾ پنهونءَ جو فرار ٿيڻ، ٽئين حصي ۾ سسئيءَ جو پيڇو ڪرڻ ۽ آخري حصي ۾ مجازي ۽ حقيقي عشقن جو فرق سمجهايل آهي. عشقن ۾ ڪهڙا فرق! مگر ڪجهه دانشورن شرحون لکي ثابت ڪيو آهي ته هيءَ انساني وجود جي سڃاڻپ جي ڳولا جي جدوجهد آهي! سائينءَ البت پنهنجي انٽرويوءَ ۾ ان کي اهڙي روحاني سفر جو نالو ڏنو، جنهن ۾ معرفت جون منزلون بيان ڪيل آهن!

ايتري علمي سرگرمين ۽ ٻين مصروفين جي باوجود به سائين راڄ سان اٿي ويٺي برقرار رکيو آيو ۽ دنياداري به ڪندو رهيو. هن ٻه شاديون ڪيون هيون، پهرين گهر واري مان ڪمال شاهه ۽ ٻي بيگم صاحبه مان جمال شاهه ڄاوا هئا. اهي ٻئي ڄڻا بچن شل اچي جوان ٿيا هئا پر ڪک ڀڃ ٻيڻو نه ڪندا هئا، انهن جا ڪم به پاڻ سنڀاليو ويٺو هو. سچي ڳالهه اها هئي ته سائين رڳو پٽن جا نه پر مٽن مائٽن جا ڪم به سنڀاليو ويٺو هو ۽ سڀني لاءِ ڇپر ڇانو هو. مسئلو ڪهڙو به هجي ۽ ڪيڏو ڏکيو هجي پر هو ان جو ڪو نه ڪو حل ڪڍي وٺندو هو. مگر هاڻي سندس ڄمار وڏي ٿي وئي هئي ۽ بيماريون به گهڻيون ٿي ويون هيون. جيتوڻيڪ هن اڃا عملي سياست تان رٽائر ٿيڻ جو اعلان ڪو نه ڪيو هو پر اهڙا اشارا ڏيڻ شروع ڪيا هئا جن مان خبر پئي ٿي ته سندس سياسي جانشين جمال شاهه ٿيندو ۽ ايندڙ اليڪشن ۾ به اهو ئي اميدوار هوندو.

وڏي سائينءَ، کيس ڪانوينٽ ۾ پڙهايو ۽ شهر ۾ رهايو هو ته جيئن اعليٰ آفيسرن سان ڄاڻ سڃاڻ پيدا ڪري ۽ اسٽيبلشمنٽ ۾ سٺا تعلقات ٺاهي. هو شطرنج جو رانديگر هو، پهرين سوچيندو پوءِ ڳالهائيندو هو. جنهن گاڏيءَ ۾ چڙهي گهمندو هو تنهن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! ڪمپنيءَ وارن ڄڻ ته ڦيٿن مٿان بنگلو رکي ڇڏيو هو. ٻاهر دوزخ جهڙي گرميءَ ۾ به اندر لڳل طاقتور ايئرڪنڊيشنر ماحول کي برفيلو بنائي ڇڏيندو هو! مٿان وري گانا اهڙا سيڪسي وڄائيندو هو جو کڻي ڪهڙو به شريف ماڻهو ٻڌي، ٻور جهلي اچي! گهٽ پڙهيلن تي رعب وجهڻ لاءِ انگريزي ڳالهائيندو هو، بظاهر نفيس ۽ شائسته لڳندو هو پر جي ڪاوڙ ايندي هئي ته بد فضيلتو به ٿي ويندو هو.

اليڪشن واري ڳالهه ٻڌي، سندس وڏي فرزند ڪمال شاهه سڻاڻي ڏيڻ شروع ڪئي؛ ”سڄي عمر ووٽر ٿي ڪو نه گذاريندس، صوبائي سيٽ تي حق منهنجو آهي.“ هو به پيءُ وانگر شڪار جو شوقين هو ۽ سڄو ڏينهن اها جيپ ڊوڙائيندو هو، جنهن جي بانٽ تي سڱن واري ڦاڙهي جي سسي لڳل هئي. پاڻ کي رستن جو مالڪ سمجهندو هو، جنهن کي وڻي تنهن کي لتاڙي، چيڀاٽي، روڊ تي ڦٿڪائي هليو ويندو هو پر ڪنهن کي مجال نه هئي جو روڪي سگهي. هو دل جو صاف، زبان جو ڪچو ۽ هٿ جو ڇوٽ هو. غريب غربي کي گار گند، ٿڪ بجو ۽ موچڙو وهائي ڪڍڻ ۾ دير نه ڪندو هو، انهيءَ ڪري ڏنگا ماڻهو به کانئس لهرائيندا هئا. سندس دعويٰ جو سڀني کان وڏو سبب اهو هو ته موڀي پٽ هو، اوطاق هلائيندو ھو ۽ پيءُ جي غير موجودگيءَ ۾ فيصلا به ڪندو هو. حقيقت ۾ هن پيءُ جي جيئري ئي پاڻ کي سندس نائب بنائي ڇڏيو هو.

اليڪشن ته اڃا پري هئي مگر ٻنهي ڀائرن ۾ اندروني ڇڪ ڇڪان پهرين شروع ٿي وئي. ڳالهه سرگوشين ۽ ڪنن جي قصي ۾ خاموشيءَ سان پکڙڻ لڳي. پراڻا نوڪر، خادم ۽ خليفا جن سڄي عمر کاڌو پيتو، لڪيو چٽيو هو تن لاءِ نيمڪ حلال ڪري ڏيکارڻ جو اهو ئي وقت هو. انهن پنهنجي منهن سائينءَ کي عرض ڪيو؛ ”ٻئي ڄڻا غير ڪو نه آهن، هڪڙي ابي جو اولاد آهن. مريدن لاءِ ڪاتي گدري وارو ڪم ٿي ويندو، ووٽ ڪنهن کي ڏيندا! جيڪڏهن هيءُ مسئلو توهان پنهنجي جيئري حل نه ڪيو ته پوءِ وڏا جهيڙا ٿيندا.“

سائينءَ جو ذاتي تجربو به اهو ئي هو. اقتدار واري عرصي ۾ هن پنهنجي ڪيترن ئي چاچن، مامن ۽ سئوٽن ماساتن کي وس آهر نوازيو هو. ڪنهن کي تعلقي چيئرمني، ڪنهن کي يو سي ناظمي ته ڪنهن کي زڪوات عشر ۾ ڪائونسلري وٺي ڏني هئي. پر هر ڪنهن کي اڃا وڌيڪ ٿي کپيو، جهيڙو ختم نٿي ٿيو. اهڙا جهيڙا سندس برادريءَ ۾ جام هئا. ڪنهن به علائقي ۾ سيدن جا گهر ڀلي چار هجن پر هر ڪنهن کي سيٽ کپي ٿي. سائين انهن کي سمجهائيندو به هو؛ ”خدا جا بندا، اوهان جو گدائيءَ شفائيءَ وارو ڌنڌو ٺيڪ پيو هلي، پوءِ هروڀرو سيٽ تي پاڻ ۾ ڇو ٿا وڙهو.“ مگر اها نصيحت انهن لاءِ ائين هئي جيئن سانَّ تي ٻگائي. ڪنهن به ننڍ وڏائيءَ جو خيال نٿي ڪيو.

هاڻي ساڳيو مسئلو، سندس گهر ۾ به پيدا ٿي پيو هو. صاف ظاهر هو ته وڏو پٽ ڪنهن به قيمت تي سيٽ ڪو نه ڇڏيندو، پوءِ ننڍي شهزادي جو ڇا ٿيندو! هو پاڻ مريدن جي زور تي ايم پي اي ٿيندو هو. ننڍي سائين لاءِ به سولو طريقو اهو هو ته سندس ايترا مريد هجن جو اسيمبليءَ ۾ پهچي وڃي. پر مريد ٺاهڻ وارا سونهري دور گذري چڪا هئا. تعليم جي ڪري سجاڳي اچي وئي هئي. وڏين محنتن، دليلن ۽ سوالن جوابن کان پوءِ اتفاق سان ڪو هڪ اڌ ماڻهو مرشد تسليم ڪندو هو. کيس پٽن جي طبيعت جي خبر هئي، جي ٻئي آمهان سامهان ٿي پيا ته نه وڏي جو ڪک بچندو، نه ننڍي جو تيلو رهندو. انهيءَ فڪر ۾ سندس سک ڦٽي ويو.

پوءِ هڪڙي ڏينهن خبر آئي ته هن جمال شاهه لاءِ وڃي اتان سڱ گهريو، جيڪي پنج گزا پِير سڏبا هئا. هيءُ اهي نامي گرامي پهتل پير هئا، جن پنهنجو نفس ماري مُڃَ ڪيو هو! جنهن به اها خبر ٻڌي، سو حيران ٿي ويو ۽ چيو؛ ”جيڪي پنهنجي قبرستان ۾ ڪنهن ڌارئي مرد جو لاش نٿا دفن ٿيڻ ڏين، سي ڌارئين کي سڱ ڪيئن ڏيندا. جيڪي مئي نٿا ساسائين سي جيئري ڪيئن ساسائيندا!“

ماڻهن جي اچرج اجائي نه هئي. پنج گزي پيرن جي تاريخ ئي اهڙي هئي. ڌارئي ماڻهوءَ سان هڪڙي گلاس ۾ پاڻي نه پيئندا، هڪڙي ٿانو ۾ ماني نه کائيندا ۽ ان سان سڱاوتي نه ڪندا هئا. هو تاڃي پيٽي پَٽُ هئا، هميشهه پنهنجن ۾ رشتيداري ڪندا هئا. پوءِ اهڙو وقت آيو جو رڳو گونگا، ٻوڙا ۽ چريا ٻار پيدا ٿيڻ لڳا! منهن تي چوڻ جي ته ڪنهن ۾ همت ڪا نه هئي، سو ماڻهو پَرَ پُٺِ ڳالهيون ڪرڻ لڳا. هڪڙن چيو؛ اهو خاندان پنهنجي نسلي غرور جي ڪري ڪنهن غيبات جي پاڇولي ۾ اچي ويو آهي. ٻين چيو؛ دشمنن ڪارو علم ڪرايو آهي، ڪن جو خيال هو ته يتيمن جي آهه لڳي اٿن.

ڪجهه به هجي، جنهن ڊاڪٽر پهرئين دفعي کين سئوٽاڻين شادين کان روڪيو سو ذري گهٽ موچڙا کائي نڪتو. اهو ڏسي سڀني جي بولتي بند ٿي وئي. مگر اڳتي هلي جڏهن اسي سالن جي جهوني سجادهه نشين جا ٻه نوجوان پٽ شاديءَ جي عمر تائين پهچڻ کان پهرين، ڪينسر ۾ مبتلا ٿي گذاري ويا ته باقي وڃي هڪڙي نياڻي بچي. دنيا جي دستور موجب سڄي مال ملڪيت سان گڏ سڀ مريد به ان کي ورثي ۾ مليا، جيڪي ”پاڪن جا مريد“ سڏجڻ لڳا. سائينءَ کي هر وقت اها ڳڻتي رهڻ لڳي ته سندس اکيون پورڻ کان پوءِ اڪيلي نينگريءَ جو ڇا ٿيندو! انهن ئي ڏينهن ۾ جمال شاهه جو رشتو آيو ته توقع جي برخلاف هنن حامي ڀري ڇڏي.

شاديءَ جي تاريخ ستارن جي چال جو حساب لڳائي يارهن مهينا پوءِ مقرر ٿي. سنهڙي سائين وارن لاءِ ايترو انتظار ڪرڻ ڏکيو هو پر اختلاف ڪري نه سگهيا ڇو ته پنج گزا پير اهڙا ستارهه شناس هئا جو مارشلا لڳڻ جي به صحيح پيشنگوئي ڪندا هئا.

جيڪا تاريخ مقرر ٿي هئي، ان تي ڄڃ آئي مگر ان ۾ ڪو ڏيکاءُ، نمائش ۽ شوبازي نه هئي.

گهوٽ ٻه سئو وکون پهرين ڪار تان لٿو ۽ پنڌ هلي اچي ڪنوار سان لائون لڌائين. هنن جي اڪيلي ڌيءَ هئي، وڏيون آرزوئون ۽ خواهشون هيون، مگر جيئن ته خاندان ۾ هڪ ٻئي پويان قضيا ٿيا هئا، تنهنڪري شاديءَ جون سڀ رسمون سادگيءَ سان ادا ڪيون ويون.

باقي ڳائڻ وڄائڻ، هل هنگامو ۽ ٻيا سڀ شغل گهوٽ جي شهر ۾ ٿيا. ايترا ماڻهو آيا، اهڙا جشن ٿيا جو چئوطرف بلي بلي ٿي وئي!

انهيءَ مائٽي جي ڪري ٻه گاديون پاڻ ۾ مليون هيون. جڏهن گادين سان گاديون ملن ٿيون ته شانن مان شانون ٺهن ٿيون. ان سان درگاھ وڌي وئي، خاندان ۾ اختلاف نبري ويا ۽ سڀني کان وڏي ڳالهه اها ٿي ته ننڍي سائينءَ جي صوبائي سيٽ به پڪي ٿي وئي. سيٽ ان طرح پڪي ٿي جو جيڪي پاڪن جا مريد هئا، سي جمال شاهه جو ووٽر ٿي ويا!

هاڻي ماڻهو هوٽلن تي چانهه جي سرڪي لڳائي، ٻيڙي دکائي، چشڪا وٺي ڳالهيون ڪن ٿا. مڃڻ مراد آهي، سائينءَ دل کولي خرچ ڪيو. هيڏو سارو ڪاڄ، خير خوبيءَ سان پنهنجي پڄاڻي تي پهتو. مهمان هليا ويا؛ ڊيڪوريشن وارا تنبو، شاميانا اکيڙي، جنريٽر، ديڳيون ۽ سامان ٽرڪن ۾ وجهي کڻائي ويا؛ بيگر ۾ آيل هاري ناري پنهنجن ڳوٺن ڏي روانا ٿي ويا. هر ڪو واندو ٿي ويو. سڀ ڪم ختم ٿي ويا، مگر صفائيءَ جو ڪم اڃا جاري آهي. ٽائون ڪميٽيءَ جا ڀنگي ٽريڪٽرن تي روز گونهه جا گاڏا ڍوئي، ٻاهر سڪل ڍنڍ ۾ اڇلائي اچن ٿا پر ڌپ نڪري نٿي! وڏا ماڻهو ايترو گند ڪري ويا آهن جو کٽي ئي نٿو!

 

(حسين ڪپريءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تي ۰۶ نومبر ۲۰۲۲ع تي رکيل)

No comments:

Post a Comment