Thursday, January 5, 2017

واعدو - منظور ڪوھيار


واعدو

منظور ڪوھيار

پهريون منظر

سنڌ جو ساڌو، سنت، پير ۽ فقير مردان شاه عرف سڪندر، هٿ ادب جا ٻڌي عرض ڪري رهيو هيو:

”قلندر ڪبريا!..اسان جي سيوهڻ نگر ۾ انسان ذات دين ڌرم جي بنياد تي، رنگ ونسل جي بنياد تي، ذات پات جي بنياد تي، مرد ۽ عورت جي بنياد تي، امير ۽ غريب جي بنياد تي، بد ڪار ۽ نيڪو ڪار جي بنياد تي، ٻولي ۽ علائقي جي بنياد تي ايترو ته ورهائجي چڪي آهي؛ جو هڪ شهر ۾ رهندي به هر ڪنهن جا رستا الڳ، پاڙا الڳ، عبادت گاهون الڳ، خوشيون الڳ ۽ غم الڳ آهن. ڪن ماڻهن کي احساس برتري جي ڪري ڪنڌ ۾ ڪليون لڳل آهن ۽ ڪن جا احساس ڪمتري جي ڪري ڪنڌ جھڪيل آھن. هر دل ۾اَنائن ۽ تڪبر جا ٽي سؤ سٺ بت رکيل آهن. اتي اوهان جي تشريف آوري ضروري آهي.“