آفريقي نوبل انعام يافتہ
ليکڪ عبدالرزاق گورناه جي ناولن ۾ سنڌين ۽ گجراتين جو ذڪر
ادبي اڀياس
ريسرچ ۽ سنڌي
ليک: جيمناءِ
ايڊيٽنگ: نصير
اعجاز
۲۰۲۱ع جو
نوبل انعام يافته زنجبار (Zanzibar) جو
ناميارو ناول نگار عبدالرزاق گورناه (Abdulrazak Gurnah) هندي مھاساگر جي ثقافتي ۽ تجارتي ناطن کي پنهنجي شاهڪار تخليقن ۾
انتهائي خوبصورتيءَ سان چٽيو آهي. سندس لکڻين جو هڪ اهم پاسو اوڀر آفريقا (خاص طور
تي زنجبار، ممباسا، ۽ ٽينگانيڪا) ۾ هندي ٻيٽن مان آيل تاجرن، خاص طور تي سنڌين ۽
گجراتين جي سيٽلمينٽ، تجارتي اثر، ۽ ٻوليءَ جو باقاعده ذڪر آهي.