Tuesday, January 31, 2023

صاحب جو خاص ماڻهو - جبار آزاد منگي

صاحب جو خاص ماڻهو

(فلئش فڪشن)

جبار آزاد منگي



“ولي! ڪر خبر ڇا وهيو ڇا واپريو؟  صاحب وڏو ننڊ مان اٿندي ۽ اوٻاسي ڏيندي پنھنجي خاص ماڻهوءَ کان پڇيو.

ولي: ”بابا سائين! ٻيو سڀ خير لڳو پيو آهي، بس وڏي سرڪار 35 روپيا تيل وڌائي ڇڏيو آهي!”

“هائو ولي! اهڙيون ڳالهيون ٿي رهيون هيون، اڳين حڪومت ڌوڙ پائي وئي آهي ۽ قوم ان جو ڪِيتو پئي لوڙي! پر تنھنجو ڪهڙو خيال آهي؟”

بگھڙ - ھرمن ھيس - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

بگھڙ

(جرمن مختصر ڪھاڻي)

ھرمن ھيس

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



ان کان اڳ، ڪڏھن فرانسيسي پھاڙن تي ايڏي سخت سردي نه پئي ھئي ۽ نه ئي وري سياري ايڏي تانگھ ڏني ھئي. ھفتن تائين ھوا صاف، تکي ۽ يخ ٿڌي گھُلي ھئي. ڏينھن جي وقت وسيع ھيٺانھان برفاني پڊ، ميٽوڙا اڇا ۽ ديد جي حد تائين ڦھليل، نظر ايندا ھيا. رات جو مٿانئُن ننڍڙو، شفاف، رٺل ۽ بي رحم چنڊ لنگھي ويندو ھيو. مگر ان جي چانڊوڪي ٿڌي نيرڙي ٿي چمڪندي ھئي، جيڪا بذات خود پاڻ ۾ ٿڌاڻ جو جوھر کنيو ھلندي ھئي. خاص طور تي پھاڙن تي ويندڙ اُڀَ-ڪَپرا رستا ۽ پير-چارا سنسان ٿي ويا ھيا. ماڻھو، وسندين اندر پنھنجن پنھنجن گھرن ۾، نڪمائپ کان سُتي سُتي، پيا بَيبِيندا ھيا. رات جو دريون، دونھين نما ڳاڙھسريون ٿي چمڪنديون ھيون ۽ ستت گگھ اوندھ منجھ ٽُٻي ھڻي وينديون ھيون.

مڪمل ھارڊ ايريا جو ڪئنڊيڊيٽ - منظور ڪوھيار

مڪمل ھارڊ ايريا جو ڪئنڊيڊيٽ

(ننڍڙي ڪھاڻي)

منظور ڪوھيار



لاڳاپيل کاتي جي وزير، قسم کڻي پريس ڪانفرنس ڪئي، ته هاڻي ميرٽ ٿيندي. ان حوالي سان لاڳاپيل آفيسرن کي سختيءَ سان هدايت ڪيائين، ته ڪنهن به نااهل کي نوڪري نه ملڻ گھرجي.

اپائنمينٽ ڪميٽي جي ميمبرن ۽ چئرمئن هر اميدوار کان آڏا سوال پئي ڪيا۔ جوابن ٻڌڻ کان پوء کين لڳو پئي، ته هڪڙو به اهڙو اميدوار ڪونهي، جو جنهن کي آفر آرڊر ڏجي.

Monday, January 9, 2023

اَنبَ - سعادت حسن منٽو - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

اَنبَ

(مختصر ڪھاڻي)

سعادت حسن منٽو

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



خزاني آفيس جي سمورن منشي مڙن کي ڄاڻ ھئي ته منشي ڪريم بخش جي رھائي رسائي وڏي صاحب تائين آھي. جنھن جي ڪري، ھڙئي سندس عزت ڪندا ھيا. ھر مھيني پينشن جا ڪاغذ ڀرڻ ۽ پئسا وٺڻ لاءِ جڏھن ھو خزاني آفيس ۾ ايندو ھيو ته سندس ڪم، انھيءَ جي ڪري ئي ستت ڪيو ويندو ھيو. پنجاھ روپيا کيس، پنھنجي ٽيھن سالن جي خدمتن عيوض، ھر مھيني سرڪار طرفان ملندا ھيا. ھر مھيني ڏھين ڏھين جا پنج نوٽ، پنھنجي ھلڪڙائيءَ طور، ڏڪندڙ ھٿڙن سان وٺي، پنھنجي پراڻي طرز جي ڊگھي ڪوٽ جي اندرئين کيسي ۾ رکندو. عينڪ منجھئون، خزانچيءَ ڏانھن ٿورائتين نظرن سان ڏسندو ۽ اھو چئي؛ ”جيڪڏھن زندگي رھي ته ايندڙ مھيني وري سلام ڀرڻ جي لاءِ حاضر ٿيندس.“، وڏي صاحب جي ڪمري ڏانھن ھليو ويندو.