Showing posts with label اَنبَ، مختصر ڪھاڻي، سعادت حسن منٽو، انجنيئر عبدالوھاب سھتو،. Show all posts
Showing posts with label اَنبَ، مختصر ڪھاڻي، سعادت حسن منٽو، انجنيئر عبدالوھاب سھتو،. Show all posts

Monday, January 9, 2023

اَنبَ - سعادت حسن منٽو - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

اَنبَ

(مختصر ڪھاڻي)

سعادت حسن منٽو

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



خزاني آفيس جي سمورن منشي مڙن کي ڄاڻ ھئي ته منشي ڪريم بخش جي رھائي رسائي وڏي صاحب تائين آھي. جنھن جي ڪري، ھڙئي سندس عزت ڪندا ھيا. ھر مھيني پينشن جا ڪاغذ ڀرڻ ۽ پئسا وٺڻ لاءِ جڏھن ھو خزاني آفيس ۾ ايندو ھيو ته سندس ڪم، انھيءَ جي ڪري ئي ستت ڪيو ويندو ھيو. پنجاھ روپيا کيس، پنھنجي ٽيھن سالن جي خدمتن عيوض، ھر مھيني سرڪار طرفان ملندا ھيا. ھر مھيني ڏھين ڏھين جا پنج نوٽ، پنھنجي ھلڪڙائيءَ طور، ڏڪندڙ ھٿڙن سان وٺي، پنھنجي پراڻي طرز جي ڊگھي ڪوٽ جي اندرئين کيسي ۾ رکندو. عينڪ منجھئون، خزانچيءَ ڏانھن ٿورائتين نظرن سان ڏسندو ۽ اھو چئي؛ ”جيڪڏھن زندگي رھي ته ايندڙ مھيني وري سلام ڀرڻ جي لاءِ حاضر ٿيندس.“، وڏي صاحب جي ڪمري ڏانھن ھليو ويندو.