Monday, October 5, 2026

چانديءَ جو اَڻَ اُجريل ڳَھُ - ذوالفقار ناصر ساريو

چانديءَ جو اَڻَ اُجريل ڳَھُ - ڊائري

ڪتاب ڪھاڻي

ذوالفقار ناصر ساريو



محبت طوفان جيان عجيب وٿ آ، خبر ئي نه پئي ته اڀري اچي، خبر ئي نه پئي ته لهي وڃي. غير يقيني اهڙي جهڙو هوا جو رخ، ويٺي ويٺي بدلجي وڃي.

محبت فاني، بي بقا، نا پائيدار آهي.

هي عارضي ملاقاتن جو نالو آهي. ٿورڙو شڪ ۽ غلط فهمي، پراڻي کان پراڻي دلبري کي ختم ڪري ٿا ڇڏين.

محبت انسان کي هميشه وارو روڳ ڏئي پاڳل بڻائي ٿي ڇڏي. محبت جو روڳ انسان پاڻ کي پاڻ رسائي ٿو. انسان پنهنجي زندگي کي محبت جي زهر سان پاڻ ئي ڀري ڇڏي ٿو. هن روڳ ۾ پاڻ کي بي قابو ڪري ڇڏڻ بزدلي نه آهي ته ٻيو ڇاهي؟


جتي زندگي خدائي تحفو آهي، اتي خوش خوش گذارڻ به خدا جي بهترين عبادت آهي.

ڪائنات جو لافاني حسن هڪ مشفق محبوبا جيان دلداري ٿو ڏئي، دک درد مٽائي ٿو ڇڏي، ضرورت آهي فقط مشاهدي واري نگاھ جي.

زندگي يادگيرين جو اڻ کٽ خزانو آهي.. ۽ هو۽َ منهنجي ساهيڙي ان خزاني جو هڪ املھ موتي.. جنهن سان راھ ويندي ڪي اڻ مٽ گهڙيون گذاري ڇڏيون هئم.

سنهڙين چيروين اکين جي مالڪياڻي، جن کي ڪجل سان ڪارو ڪري ڇڏيو هئائين. ڄَمُن جهڙو رنگ، ڄمن جهڙو ذائقو، سنهڙا چپ، جن ۾ نارنگين جي رس سمايل هئي. لَڪ سان پيٽ، ٽاڪئين چيلھ، شرابي ڇاتي ۽ ماکي جهڙا ٻول.

هُوءَ ڪيڏي نه قرب ونڊيندڙ ڪنواري هئي، سندس محبت ڀري مهمان نوازي ڪا وسرڻ جھڙي به آهي ڇا..!؟

مان کيس خوابن ۾ ماڻيو ويٺو آهيان. هن وساري ڇڏيو هوندو، پنهنجي خوبصورت گهر جي مضبوط چوديواري اندر، نرم نرم، قيمتي بستري جي تهن ۾ پوڙهي مڙس جي نٻل جسم لڳ..!؟ هوَ پيرين ڳئوري آهي..!

هي سٽون ڪنهن ڪهاڻي جو ڪلائمڪس ناهي پر ڊائري جو هڪ اڌ ورق آهي جيڪو روشن علي تنيو لکيو آهي ۽ محمد علي پٺاڻ انھن ورقن کي ڇنڊي ڦوڪي رکيو آهي. ڊائري نجي ملڪيت ھوندي آھي. روشن علي تنيو جي ياد کي تازو ڪرڻ ۽ سندس قلمي پورهئي کي محفوظ ڪرڻ لاء هي هڪ اولاد جي قرب ڪڻي آهي جيڪا ڪتاب “چاندي جو اڻ اجريل ڳھ” ۾ اجاري رکي وئي آهي. روشن علي تنيو هي ٻولي جي رس چس وارا جملا ۽ فڪر ڦرهي جون ڳالهيون ۽ سماجي اڻ برابري وارا رويا ڪنهن وديا نگر، ڪنهن هوائن واري شهر يا ڪنهن ٿڌاڻ واري ڪمري مان ويهي نٿو لکي پر هڪ اهڙي اَڻ سُونهين ماڳ جي پنهنجي گهر ۾ ويھي ٿو لکي جتي اونداهين جو راڄ، تعليم جا پويان پساھ، سردارن جا سانگ رچايل آهن. هي يارو ديرو آهي جيڪو لاڙڪاڻي ويندي، وڳڻ جي چو واٽي تي اولهندي ڏسا ۾ لالو وڳڻ دڳ جي لڳ آهي جتي سج شام ويلي ٽڪرين ۾ آرامي ٿيندو آهي ۽ پوء انهي ويلي هن سائين، بي چين روح جيان پاڻ کي لفظن ۾ ڳولڻ ڦولڻ شروع ڪيو هو. ڪهاڻيون ڪٺي ڪيائين ته پرنٽ ميڊيا کان وري اليڪٽرڪ ميڊيا جي ڇِڪَ، سندس لفظن کي ڇڪي ٽي وي جي سنڌي ڊرامن ۾ کڻي آئي ۽ ڪجھ ڪهاڻيون ڊائلاگن ساڻ، ناٽڪ آئينو ۽ ٻين ڪلاڪارن کي ڏنائين.

هي ڪتاب ”چاندي جو اڻ اجريل ڳھ” محمد علي پٺاڻ سهيڙي روحي پبليڪيشن ڪراچي واري پڌر تان پڌرو ڪيو آهي. هن ڪتاب منجھ ليکڪ جي ڊائري جي ورقن سان گڏ مختلف ڏاھن جا ويچار به ونڊيل آهن. سهيڙيندڙ ارپنا سندس ڪهول نان ڪندي لکي ٿو ته، ” روشن علي تنيو جو سنڌي ٻولي سان ياراڻو جَرَ ۽ پکي وارو آهي. هو پاڻياري جي سِرَ تي ” ٻهڙو” ڏسي ان ۾ گم نه ٿي ويندو هو پر پنهنجي قلم جي نب سان پني تي چٽي ئي گد گد ٿيندو هو. هو پنهنجي ڪهاڻين، ناولن، ناوليٽن، ڊرامن ۽ ڊائرين ۾ شعوري طور ان ٻولي جو استعمال ئي لازمي سمجهندو هو، جيڪا عام جي زبانن مان جرڪندي ظاهر ٿيندي هئي. تڏهن وقت جا محقق هن کي سنڌي ٻولي جو وينجھار واري لقب سان نوازين ٿا. ٻيو سگهڙ به ان ڪري سڏين ٿا جو هو لفظن جي تجنيس حرفي جي ٽنهي قسمن جون ڇيرون ٻڌي پنن جي پَٽَ تي لاھيندو ھو ۽ انهن سان گڏ وَرُ کُنجي ۽ سندرو تاڻي جهمريون هڻندو هو.”

مهاڳ ۾ ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو لکي ٿو ته روشن علي تنيو جو قلمي سفر سن 1952ع ۾ سندس پهرين ڇپيل ڪهاڻي کان شروع ٿئي ٿو ۽ پوءِ پڄاڻي 9 جنوري 1997ع تي دل جي بي وفائي سبب ٿي. شاندار ڪهاڻيون، لاثاني ناول، ٽن بهترين ناوليٽن ۽ چئن نشر ٿيل يادگار ٽي وي ناٽڪن، ڊائري ورق  ۽ وکريل وکر سندس جهول ۾ جهليل آهن.

پيش لفظ ۾ فلسفي جو پروفيسر نويد سنديلو لکي ٿو تہ، “بين الاقوامي ادب ۾ پڻ ڊائري ۽ جيل جي احوالن کي رڳو روزانن واقعن جو رڪارڊ نه پر ان کي انساني روح، تاريخي جبر، محبت ۽ فلسفي جو هڪ شاهڪار مادي مظهر تسليم ڪيو ويو آهي، جيئن روشن علي تنيي جي ڪتاب ۾ ذاتي مشاھدن کي ڪائناتي سچائين سان ملايو ويو آهي تيئن ئي عالمي ادب ۾ پڻ ڪيتريون ئي اهڙيون ڊائريون ۽ يادگيريون آهن جيڪي پنهنجي فڪري گهرائي سبب ڪروڙين ذهنن تي اثر انداز ٿيون آهن. اين فرينڪ جي ڊائري The Diary of a Young Girl / Anne Frank عالمي ادب جي سڀ کان وڌيڪ پڙهي ويندڙ ۽ اثرائتي ڊائري آهي.”

ڊاڪٽر شير مهراڻي لکي ٿو ته هن ڊائري جو پهريون پنو ۱۹۶۲ع جو لکيل آهي جڏهن ته آخري پنو مير مرتضيٰ ڀٽو جي شهادت کان پوءِ ۱۹۹۶ع (ڪتاب ۾ پروف سبب ۱۹۹۵ع لکيل آهي. ص ۲۸) ۾ لکيو ويو آهي. هي ڊائري هڪ حساس فرد جي زندگي جي ٽيٽيھن سالن تي پکڙيل سوچن، تجربن، جذبن ۽ احساسن جي ڪٿا بڻجي وڃي ٿي، ان ۾ رڳو هڪ شخص جي ذاتي زندگي جا عڪس ناهن، پر هڪ دور جي فڪري ۽ جذباتي منظر نامي جا ڪيترائي رنگ پڻ محفوظ آهن.

ڊاڪٽر نواب ڪاڪا لکي ٿو ته روشن علي تنيو سنڌي ٻولي جو مشهور ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ ڊراما نگار رهيو آهي. سندس ڪھاڻين جو مجموعو “منڇر ٻڏي ويو” نالي سان ۲۰۰۱ع ۾ شايع ٿيو. ٽي گڏيل ناوليٽ، رت ۽ پُونَ، دل جي پٺيان ۽ وهانءُ پڻ شايع ٿيل آهن. ڊراما آئينو، نازان، ورهاست ۽ ميڙ نالي نشر ٿي چڪا آهن.

جنيد فاروقي لکي ٿو ته هي ڊائري دراصل هڪ حساس ذهن، هڪ بيقرار روح، هڪ جمالياتي شعور ۽ هڪ سوال ڪندڙ فڪر جي مسلسل سفر جو ادبي دستاويز آهي.

هن ڪتاب ۾ پوئين صفحن تي انگريزي ۾ به ڊائري ۽ ليکڪ جي اپٽار ڪئي وئي آهي.

ڄام جمالي ليکڪ جي ورق جو انگريزي ترجمو ڪري لکي ٿو جنھن ۾ سنڌ اندر ڀُنگ لاءِ اغوائن جي باھ جو ذڪر آھي.

غزل تنيو ليکڪ جي ڪهول جي پياري آهي. ڀيٽا ڏيندي لکي ٿي: منهنجو ڏاڏو روشن علي تنيو سنڌي ادب جي انهن تخليقي ليکڪن مان هڪ هو، جن پنهنجي قلم ذريعي نه صرف پنهنجي دور جي احساسن، مسئلن ۽ سماجي سچاين کي لفظن جو روپ ڏنو، بلڪه سنڌ جي ترقي ۽ واڌاري ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو.

مھتاب اڪبر راشدي پوئين صفحي تي هن ڪتاب جي واکاڻ ڪري سندس ڊائري ۾ ڏنل لکڻين ۽ مٿس ٿيل اپٽار کي پڄاڻي تي پهچائي ٿي.

”روشن علي تنيي جي هي تخليقي صلاحيت سندس ڊائري جي بيشمار ورقن ۾ وکري پئي آهي.”

ڊائري جا ڪجھ مختصر لکيل پنا

● ڏينهن رات کي ڄڻي هليو ويو. رات پتڪڙي ڪِڪِيءَ جيان وڌڻ لڳي.. وڌندي رهي. ڄاڻ سامائجڻ جي وَهي کي پهتي.. اوڀر کان اڀرندڙ نوراني تجلا کيس جوانيء جو رنگ بخشڻ اچي رهيا آهن. جلد ئي چنڊ سندس نٿ بڻجي ايندو. چانڊوڪي هن کي سنواري سينگاري صنم بڻائي ڇڏيندي ۽ مان سندس ڇايا هيٺ ويهي ارمان کائيندس. افسوس جا ڳوڙها ڳاڙيندس. ان نڀاڳين گھڙين جي ياد وٺي جن ڳوٺ مان هڪ غريب جسم کان سندس حياتي جو هار کسي ورتو. هڪ گھر اجڙيو. هڪ چلھ ويران ٿي. ٻه ڇورڙا ٻار ويتر ڇورڙا ٿي ويا.

● وڻ ماڻهن کان وڌيڪ ماڻهن جي مدد ٿا ڪن. ڇانوَ ٿا ڏين. ميوو ٿا کارائين. عمارتي ساز وسامان ڏئي، گھر کي سينگار ٿا بخشين. بڙ، پپل، سرينهن، نم، سنجهي، ٻير، انب، ڄمون، کجي، زيتون، کبڙ، ڪنڊيء، لوا.. سنڌ جا عظيم الشان وڻ آهن. هي منهنجي اوطاق جي آڳنڌ تي بيٺل سرينهن، منهنجو ساٿي ۽ سنگتي آهي. هن هيٺان ويھي پنهنجو پهريون ناوليٽ رت ۽ پون تخليق ڪيو هيمُ.

● چورن، لچن، بدمعاشن، رهزنن، ڌاڙيلن جي ازدهائن کي پالڻ واري طاقت انتظاميا ئي آهي. رشوت جي لعنت هِن هُن کي طاقت بڻائي ڇڏيو آهي. هيترو وقت هي ازدها قوم کي کائيندي آئي آهي ۽ ان کاڄ مان انتظاميا حصو منٿلي جي صورت ۾ ڏيندي آئي آهي.

● سونھن سج جو دلفريب سونهري ڪرڻو آهي.

ساوڪ، جند جان ۽ جياپو آهي.

روح ڏاهپ جي خود فريبي آهي. اڄ جو روح الائي ڇو رولڙي ۾ آهي. رڙي پيو. ڏاهپ ڏکي پئي..

وايو منڊل، مرگھ ترشنا ٿيو پيو آهي. زندگي ويران بستي جيان ٿي لڳي. هن ڀري ڀري دنيا ۾، انسان ڀتر جيان ٿڏجي پيو، انسانيت زخمي ڳيري جيان ڦٿڪي پئي..

● مون محسوس ڪيو مير مرتضيٰ ڀٽي جي شهادت کان پوء ڪئي ڏينهن سنڌ ۾ ڪٿان به ڪنھن چرند پرند جو آواز ۽ آهٽ ٻڌڻ ۾ ڪانه آئي. ساري سنڌ جا چرندڙ جيوَ ڄڻ پِنڊ پاهڻ ٿي ويل ھئا. پکين به پرَ هڻڻ ڇڏي ڏنا هئا..

هي ڊائري جو آخري پنو هو جيڪو ۲۲ سيپٽمبر ۱۹۹۶ع ۾ لکيو هو. درد کان پوء لکي نه سگهيو هيو ڇاڪاڻ ته سماجي رويا ۽ لکيل لفظ کيس گُهوري رهيا هئا.. ۽ پوء آخر هن اَڻ اجريل سماج کي پنهنجي اُجريل دل سان اُجاري، ۹ جنوري ۱۹۹۷ع تي الوداع ڪيو.

 

(ڏھاڙي دي ايشيان ڪراچيءَ ۾ ۵ آڪٽوبر ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment