Tuesday, April 28, 2020

غربت - ذاڪر شر


غربت
فلئش فڪشن
ذاڪر شر
اخبار جي مين سرخي پڙھي بس ڪيم ته ڀرسان ويٽل هڪ اسي سالن جي پوڙهي سوال ڪيو؛ ”ابا اخبار ۾ڪا نوڪريءَ جي خبر ڇاپي اٿئون ڇا؟
سوال تي حيران ٿي ويم!
پڇيم؛ ”چاچا هن عمر ۾ نوڪري جو پيا پڇو؟
منهنجي سوال تي اکين ۾ سمنڊ ڀرجي ويس.

بي منزل خواب - صدام جوکيو


بي منزل خواب
مختصر ڪھاڻي
صدام جوکيو
تعليمي سفر جي هر هنڌ، پنڌ ۽ پيچري تي مڃتا ۽ اعزازن سان اڳتي وڌندڙ مُرڪ پنهنجو گذريل سمورو جيون علمي عشق کي ارپي ڇڏيو هو. هوءَ هڪ رواجي نه پر غير معمولي ذهانت ۽ انتهائي تيز رفتار سان ڪاميابين جا ڏاڪا اڳتي چڙهندڙ ڇوڪري هئي، جنهن ۾ محنت جي قوت رڳن ۾ ڊوڙندڙ رت مثل هئي. مُرڪ يونيورسٽي جي آخري سال ۾ پڙهندڙ شاگردن ۽ استادن وٽ هڪ مڃيل مثالي ڪردار رکندڙ شاگردياڻي هئي. هوءَ هر سال پهرين نمبرن ۾ امتحان پاس ڪندي رهي ۽ ڪيترن ئي خوابن کي دل ۾ جاءِ ڏئي، ڏينهن رات جهد جفا ۾ وقت بصر ڪندي هئي. پڇڻ تي هوءَ ٻڌائيندي هئي ته مان ايم اي مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي مڪمل ڪري ليڪچرار ٿيندس ته جيئن اڳتي جي زندگي به علمي سرگرمين ۾ رهندي گذري. سندس محنت، ذهنيت ۽ پُر عزم ڳالهيون ٻڌي، هر ماڻهو چوندو هو ته؛ مُرڪ هڪ ڏينهن ضرور منزل ماڻيندي.

پورهيتن جون ڪهاڻيون - مير حسن مري


پورهيتن جون ڪهاڻيون
ريويو: مير حسن مري
ڪتاب: اجڙيل آهيرو
ڪهاڻيڪار: غلام رسول (۲ مئي  ۱۹۵۸ع)
سنڌي ڪهاڻي پنھنجي سنجيده دور ۾ داخل ٿيل آهي. ڪهاڻي ڪتاب جنهن مقدار ۾ شايع ٿي رهيا آهن، پڙهجي رهيا آهن، انهن ڪتابن تي تبصرا به ٿي رهيا آهن .ڪهاڻيڪارن کي پنهنجا لکندڙ به ملي رهيا آهن. ان مان اها ڳالهه سمجهڻ ۾ سولائي ٿئي پئي ته هن دور ۾ ڪهاڻي کي سنجيده پڙهندڙ طبقو مليل آهي. سنڌي ڪهاڻي تان اهو دور به خدا خدا ڪري لنگهي ويو جڏهن اسان جي بزرگن کان ڪهاڻي لکڻ ڇڏائجي وئي ته هنن پنھنجي ايندڙ پيڙهي جي  ڪهاڻيڪارن جي ڪهاڻي کي تسليم ڪرڻ کان انڪار پئي ڪيو. هاڻي سنڌي ڪهاڻيءَ جي لاءِ تعميري دور آهي، جنهن ۾ نوجوان ڪهاڻيڪار هڪٻئي جي ڪتابن کي نه صرف پڙهن ٿا پر انهن تي سنجيده بحث به شروع ٿيا آهن. اهڙي سنجيده دور ۾ سنڌ جي لاڙ پٽ جي سياسي طور انتهائي متحرڪ علائقي ميرپور بٺورو جي ڪهاڻيڪار غلام رسول پڙهيار جو ڪهاڻي ڪتاب ”اجڙيل آهيرو“ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. ان کان اڳ غلام رسول پڙهيار جو هڪ ناول”سندي سڪ پرين“ پڻ ڇپجي چڪو آهي.

عنيق دڪان نه هلائي سگهيو - انور ابڙو


عنيق دڪان نه هلائي سگهيو!
ٻاراڻي ڪهاڻي
انور ابڙو
وبا وارن هنن ڏينهن ۾ اٺن سالن جي عمر جي عنيق پنهنجي گهر ۾ ٻارن جي شين واور جيڪو دڪان کوليو هو، اهو سندس ننڍن ڀائرن جي ڀِيلَ کان بچي نه سگهيو ۽ اڄ صبح جو نائين وڳي بند ٿي ويو. دڪان جي بند ٿيڻ ۾ عنيق جو بس اهو ئي ڏوهه آهي ته، هن پنهنجي ٻنهي ننڍن ڀائرن: ڇهن سالن جي اريب ۽ ٻن سالن جي عنضر تي نظر نه رکي ۽ هو وجهه وٺي سندس شيون کائي کيس، ڪورونا جي دور ۾ ڪنگال ڪري ويا.

ڊاڪٽر تهمينه مفتيءَ جي ڪهاڻي ڪتاب ”ڪٿا اپڪٿا“ تي هڪ نظر - امر لغاري


ڊاڪٽر تهمينه مفتيءَ جي ڪهاڻي ڪتاب ”ڪٿا اپڪٿا“ تي هڪ نظر
امر لغاري
ايڪيهين صديءَ جي پهرين چوٿائيءَ ۾ اڄ به جڏهن اسان پنهنجي شهري توڙي ٻهراڙيءَ واري سماج جو جائزو وٺون ٿا ته ان ۾ عورتن جو وڏو تعداد اسان کي يا ته گهر تائين خادمه جي حيثيت ۾ محدود ملي ٿو يا وري کيتن ۾ ڪم ڪار ڪندي نظراچي ٿو. ”عورت کي سوچڻ جو حق ناهي“، ”عورتون گهر ۾ فقط ٻار پئدا ڪرڻ ۽ ٻنيءَ ۾ پنهنجن ڀوتارن لاءِ هڄڻ لاءِ ئي پئدا ٿيون آهن“، ”عورتن کي ڪو به حق ناهي ته هو پنهنجي اندر جا اڌما شاعريءَ جي روپ ۾ بيان ڪن“. سماج پنهنجي پدرشاهانه سوچ واري طاقتور موقف ذريعي عورت جي ذهن (conscious) کي مسلسل ترتيب ڏيندو رهي ٿو. اهو ئي سبب آهي ته اهو عورت جي ذهني پورهئي توڙي شعور کان انڪاري آهي. پر جڏهن به عورت کي شخصي آزاداي، خودمختياري ۽ سوچڻ جو موقعو مليو آهي ته هن نه فقط پاڻ کي جسماني طور مضبوط هجڻ جو احساس ڏياريو آهي، پر ذهني توڙي شعوري طاقت کي استعمال ڪندي سماجي، سياسي، معاشي ۽ تخليقي ميدانن ۾ به پاڻ مڃائي ڏيکاريو آهي. نئين دور جي حساب سان سماج جو هيءُ هڪ عجيب ۽ ايبنامل روپ آهي. ايئن ڀاسي ٿو سنڌ ڄڻ ته ٻن سياسي ۽ سماجي انتحائن وچ تي ٽنگيل هجي. هڪ تعصب ۽ تنگ نظريءَ ۾ ڦاٿل شهري سماج  ۽  ٻيو رياستي ڏاڍ جي زور تي اڏيل وڏيرن، جاگيردارن ۽ سردارن جي ٻهراڙي.

سنڌي ڪھاڻيءَ ۾ ابراھيم کرل جي ٽرائلاجي - ممتاز بخاري


سنڌي ڪھاڻيءَ ۾ ابراھيم کرل جي ٽرائلاجي
ممتاز بخاري
ادب درياهه جيان وهندڙ شيءِ آهي. ان ڪري اهو زندگيءَ جي اهم ضرورت بڻجي ويو آهي. اهو وهندڙ ان ڪري آهي جو ان ۾ هر وقت نواڻ جا وهڪرا شامل ٿيندا رهن ٿا، نه ته هوند ان مان ڌپ اچڻ شروع ٿئي ها. جيڪي ماڻهو ان ۾ نواڻ جا وهڪرا شامل ڪندا آهن اهي يقينن تخليقي صلاحيتون رکندڙ هوندا آهن. ابراهيم کرل هن ڪتاب جي مسودي ميل ڪرڻ کان ڪجهه مهينا اڳ پنن جو هڪ ٿهو ڏنو ۽ ڳنڀيرتا سان چيائين، “مون ڪهاڻيءَ ۾ نئون تجربو ڪيو آهي.” مون سندس چهري جي سنجيدگيءَ جو جائزو ورتو. اکين ۾ سوال ڏسي ورتم ته مون تهڙي مهل ڪو تبصرو نه ڪيو. ابراهيم کرل جيڪڏهن سنجيدا هجي ۽ ڳالهائڻ جي موڊ ۾ نه هجي ته لڳندو آهي ڄڻ هي موجود هوندي غير موجود آهي. پر اوچتو ئي اوچتو هن جي چهري تي رونق جو باغ ظاهر ٿي پوندو آهي ۽ چرچي سان گڏ پاڻ به کلي پوندو آهي ۽ اڳيان به ٽهڪن ۾ ٻڏي ويندا آهن، سندس چهري جي ڳنڀيرتا به ان ٻوڙان ٻوڙ ۾ لڙهي ويندي آهي. سو ان ڏينهن به ايئن ٿيو، مليل ڪهاڻين جي ڳالهه به لڙهي وئي. جڏهن ابراهيم هليو ويو ته مون اهي پنا ڏسڻ شروع ڪيا. انهن پنن مٿان هڪ اڌ پنو پيل هيو جنهن تي لکيل هيو:

عشق جي آزمائش - انور ابڙو


عشق جي آزمائش
مختصر ڪهاڻي
انور ابڙو
استاد عبدالعزيز جو پڙهائڻ سان عشق آهي. تڏهن ئي ته هُو تمام گهڻو باصلاحيت هوندي به اهڙي ڪنهن نوڪريءَ جي پٺيان نه ڊوڙيو، جنهن ۾ پروٽوڪول هجي، جهجها پئسا هجن، گاڏيون هجن، بنگلا هجن، ۽ ٻيا مفت جا عيش هجن. هن جي دماغ جي چاٻي اُن وقت گُهمي اچي تعليم ۽ تدريس واري ڪانٽي تي بيٺي هئي، جڏهن هن دنيا ۾ عام ماڻهن سان عشق جا سبق پڙهيا هئا. ان بعد هن اهو طئي ڪري ڇڏيو هو ته هو ڪلاس روم کي پنهنجي پيار ۽ شعور جو مرڪز ٺاهيندو. هن کي جڏهن ڪراچي شهر جي هڪ سيڪنڊري اسڪول ۾ نوڪري ملي ته، سندس ان عشق جي آزمائش شروع ٿي ويئي.

ميٽافزيڪل وائرس - ممتاز بخاري


ميٽافزيڪل وائرس
(ڪهاڻي)
ممتاز بخاري
جسم ۾ اهڙي چرپر مون پهريون ڀيرو محسوس ڪئي. مون کي سمجهه ۾ نه ٿي آيو ته منهنجي جسم تي لاٽونءَ جي شڪل وانگر سوين پيرن واري نظر نه ايندڙ ڪا شيءِ ڊوڙون پائي رهي آهي يا منهنجي هٿ ۾ موجود پني مان ڪجهه منتقل ٿيو آهي. جنهن لفافي ۾ اهو پنو پيل هو، اهو لفافو ته پٽ تي ڪِرڻ بعد ڪنهن ڪُنڊ ۾ هليو ويو هو، شايد ان کي به ڪي ٻه ٽي سو پير لڳي ويا هئا. هٿ ۾ موجود پني جا سڀ لفظ منهنجي جسم ۾ داخل ٿي چڪا هئا. انهن جون ڊوڙون پهريائين ته مون کي پنهنجي ڳلي ۾ محسوس ٿيون ۽ پوءِ لڳم ته منهنجي ڦڦڙن ۾ ڪجهه ٿي ويو آهي. ٿوري دير بعد اهو پنو به منهنجي هٿن ۾ نه هو پر ان جا سڀ لفظ منهنجي ڪاڪڙي ۽ ڦڦڙن ۾ بود ڪندا رهيا. منهنجي ڪمري ۾ هڪ ماڻهوءَ جي سمهڻ وارو پلنگ پيل هو. ان جي ڀر ۾ رڳو هڪڙي سائيڊ ٽيبل هئي ڇو ته ٻئي پاسي کان اهو پلنگ ڪمري جي ڀت سان لڳل هيو. ان ڪري پلنگ جي ٻي سائيڊ ٽيبل، مون ڊريسنگ ٽيبل جي ڀر ۾ رکي ڇڏي هئي. جنهن جي درازن ۾ ته الاءِ ڇا ڇا گڏ ٿي ويو هو. پر ان جي مٿان اهي فائيل هئا جن ۾ پوليو بابت ڊيٽا رکيل هئي. اها ڊيٽا به منهنجي جسم تي چرپر ڪري رهي هئي. ان ڊيٽا ۾ سوين ٻارن ۽ ڳوٺن جا نالا ٻاهر نڪري آيا هئا.

Monday, April 27, 2020

جُوفائيءَ جو مزو - بيدل مسرور


جُوفائيءَ جو مزو
مختصر ڪهاڻي
بيدل مسرور
روڊ هوٽل ۾ خالي ڪرسي ڳوليندي ڏسي، دخل واري پنهنجي ڀرسان خالي پيل ڪرسيءَ تي ويهڻ لاءِ سڏيو. ويٺس ته ٻاهرين ٻني تي ڪوپ مان شرڙاٽ ڪڍي پيئڻ وارو ٿلهو شخص، جنهن کي هر ڪو ڏسي کليو ٿي، اٿي اچي منهنجي ڀر سان ويٺو. بيري مانيءَ لاءِ پڇيو ته مون کيس چانهن کڻي اچڻ لاءِ چيو ته ٿلهي ڪاڪي بيري کي سڏ ڪيو:
”او امٽُو بسڪيٽن جي ڦاري به کنيو اچجان...“ ايئن چئي وري مون کي مخاطب ڪيائين؛ ”صاحب خالي چولي چانهن نه پيئجي، پيٽ ۾ وَٽُ وجهندي آ.“
”پر مان ته رڳو چانهن پيئندس.“

جديد سنڌي ڪهاڻي - هوش محمد ڀٽي


جديد سنڌي ڪهاڻي
عباس ڪوريجي جي ايم اي جي مونوگراف ’جديد سنڌي ڪهاڻي (فن ۽ موضوع)‘ جو مطالعو
هوش محمد ڀٽي
قمبراڻي... ها قمبر وارن جو ڪم هميشه شان مان وارو رهيو آهي. قمبر سان تعلق رکندڙ شخصيتن جو ذڪر نڪرندو ته وڏا وڏا نالا نڪري سامهون اچي ايندا. قمبر جا انصاري ڀائر هجن، قمبر جو ڊاڪٽر محبت ٻرڙو هجي يا ٻرڙا ڀائر، چانڊين جو ذڪر نڪري ته جامي چانڊئي جهڙي دانشور کان ويندي سرمد چانڊئي شاعر ۽ عزيز قاسماڻي ڪهاڻيڪار تائين ۽ سومرا ڀائر جن ۾ سعيد سومرو سر فهرست ۽ نشانبر آهي، جنهن ڪنول پبليڪيشن جهڙي بهترين ڇپائي گهر جو بنياد رکي، سنڌ جي غريب اديبن ۽ شاعرن جا کوڙ سارا ڪتاب ڇپائي مارڪيٽ ۾ آندا آهن ۽ پاڻ سعيد سومرو جديد سنڌ جي نمائينده شاعرن منجهان آهي. جنهن سنڌي ادب ۾ چندن جهڙن خوبصورت شاعريءَ جي صنف پڻ متعارف ڪرائي آهي.

Sunday, April 26, 2020

واھ مائي - ڊاڪٽر امداد شيخ


واھ مائي
مختصر ڪھاڻي
ڊاڪٽر امداد شيخ
پنج صابڻ، پنج ميري بسڪيٽس. خوبصورت شاپر لاءِ دوڪاندار ڏي آيس. شاپر ھٿ ۾ جھلي، سيلفي جا شارٽس ورتا. ڦوٽو سٺو لڳو. دوڪاندار بسڪيٽ ريپر جا ڏھ رپيا ته شاپر جا چيائين پندرھه. سوچيم؛ شاپر پنج ڪافي آھن. صابڻ سکڻو ڀلو، ڦوٽو به چٽو. سئوٽ کي فون ڪيم؛ ”سؤٽ! سڀاڻي دادو ڪئنال جي ڪپ تي، پندرھه ويھه گھر آھن. الله الائي ڪھڙي ڳالھه ۾ راضي. ڇونه ڪنھن جي ھن ڏکئي وقت ۾ مدد ڪجي. صبح روشنيءَ ۾، جيئن ڦوٽو ڪليئر اچي، پنھنجي سمارٽ فون کڻي اچجانءِ. سئوٽ تنھنجو ڦوٽو ڪڍڻ جو انداز، مجال آھي جو ڪنھن کي اچي. بس سڀاڻي اھڙو ٿي وڃي جو، فيس بڪ تي ھڻان ته ڪمينٽس جا ٽڙڪا ھجن.“

خواب، مان ۽ امان - آسن راٺوڙ


خواب، مان ۽ امان
مختصر ڪھاڻي
آسن راٺوڙ
اونداھي ڪمري ۾، بيڊ جي چادر ۾ منهن لڪائي روئندي مون کي ننڊ اچي ويئي. مان خواب ۾ هئس. خوابن ۾ مان ڏاڍو خوش هوندو آهيان. ٻين ٻارن وانگر رانديون ڪندو آهيان، نچندو آهيان، ڪڏندو آهيان، ٺينگ ڏيندو آهيان. پر جڏهن مان خواب ۾ نه ھوندو آهيان، تڏهن مان بي حد ڊنل ۽ هراسيل هوندو آهيان. مونکي هر هڪ شيءِ مان خوف ٿيندو آهي. ايتريقدر جو آئون اکيون کولي به نه سگهندو آهيان. سڄو ڏينهن ڪمري ۾ لڪي ويهي رهندو آهيان. جاڳندي، کلي ۽ ٽهڪ ڏيئي نه سگهندو آهيان. جاڳندي، مون کان کلڻ وسري ويندو آهي. جاڳندي، مان صرف روئي سگهندو آهيان.

ميرٽ - جعفر شاهاڻي


ميرٽ
(ڪھاڻي)
جعفر شاهاڻي
ٻارنهن سيپمبر اوڻيھ سؤ اونداھ عيسوي بروز سومر جي صبح اٺين وڳي چمن بلڊنگ جي مين گيٽ کان نوجوانن جي اچڻ جو سلسلو شروع ٿيو جيڪو ڏھ وڳي تائين مسلسل جاري رهيو. انهن ۾ اڪثريت ننڍي طبقي جي نوجوانن جي هئي جيڪي ٽيڪسين يا بسن جا ڌڪا کائي پنهنجا هيئر اسٽائيل درست ڪندي پاڻ پڙھيل لکيل هجڻ جو ڏيک ته ڏئي رهيا هئا پر سندن ڏيک ويک مان طبقي جي پروڙ به مشڪل نه هئي. هر نوجوان سنهري خوابن جي تعبير لاءِ بظاهر خوش نظر اچي رهيو هو ۽ مختلف ٽولن جي شڪل ۾ سڀئي بلڊنگ ٻاهران لڳ ڀڳ پنج ايڪڙ جي ايراضي واري پارڪ ۾ ڇٻر تي پنهنجي لياقت بابت هڪٻئي سان ڳالهيون ڪري رهيا هئا توڙي جو سڀني کي پنهنجي مستقبل جو فڪر ھُيو، پر پوءِ به سندن چهرا ھشاش بشاش ھئا. مختلف ٽولن ۾ ويٺل سڀني نوجوانن ۾ سنڌ جي ھر ضلعي جي نوجوان جو هجڻ يقينن سنڌ جي باشعور هجڻ جي شاهدي ته ڏئي رهيو هو پر، اُتي ويٺل سڀئي نوجوان ڪجهه ئي گهڙين ۾ نا اميد ٿي واپس ورڻ جي خيالن ۾ هئا ۽ سندن ذھنن ۾ ڪيئي وسوسا ڪَر کڻندا رهيا مگر ايڏو پَري کان ڀاڙو ڀري مٽن مائٽن، يارن دوستن جي معرفت مختلف حيلن بهانن سان جو ڪراچي آيا هئا سو قسمت آزمائڻ کان بغير واپس وڃڻ کين مناسب نه ٿي لڳو.

ڪائنات جو موت - عظيم رونجهو


ڪائنات جو موت
جعفر شاهاڻي جي ڪهاڻين جي مجموعي ”ڪائنات جو موت“ تي هڪ نظر
عظيم رونجهو
جعفر شاهاڻيءَ سان منهنجي پهرين ڳالهه ٻولهه E-chat جي ذريعي، هلال پاڪستان اخبار ۾ سنڌي ادب ۾ تنقيدي رجحانن جي حوالي سان شايع ٿيندڙ هڪ مضمون جي باري ۾ ٿي. ان وقت تائين، آئون سندس پهريون ڪهاڻين جو ڪتاب ”اذيتن جي آس“ پڙهي چڪو هئس. پر مون ان ڪتاب تي پنهنجي ڪا راءِ نه رکي هئي. خوشي ان ڳالهه جي ٿي جو پاڻ ئي چيائين ته؛ ’منھنجو ٻيو ڪهاڻي ڪتاب ”ڪائنات جو موت“ ڇپجي رهيو آهي ۽ مون ڪوشش ڪئي آهي ته ان ڪتاب ۾ اهي غلطيون نه هجن جيڪي پهرئين ڪتاب ۾ ٿيون آهن.‘ ڪنهن به ليکڪ جي پنهنجي پاڻ ڏانهن تنقيدي نظر، يقينن هڪ خوش آئند ڳالهه هوندي آهي. ان ڪري جعفر شاهاڻيءَ جي ٻئي ڪتاب جو مون انتظار پئي ڪيو. جيئن ڪتاب ڇپيو ته پياري سعيد سومري کي چيم ته؛ ’موڪلي ڏي.‘ ان بنا دير جي، موڪلي ڏنو.

ساهن ۾ سبيل احساس - هوش محمد ڀٽي


ساهن ۾ سبيل احساس
محمد دين راڄڙي جي ڪهاڻي ڪتاب “مان انسان ٿيندس” تي تنقيدي نگاهه
هوش محمد ڀٽي
“مان انسان ٿيندس” جو ليکڪ محمد دين راڄڙي هڪ بهترين ۽ اعليٰ انسان آهي. جنهن پنهنجي عظمتي تخيل منجهان “مان انسان ٿيندس” خلقيو آهي. محمد دين راڄڙي ان سان گڏ سگهارو تخليق ڪار به آهي. مون کي هو بي حد سنجيده قسم جو لڳندو آهي. پهريان هو ادب جو شاگرد هو پر هاڻي استاد آهي. محمد دين هڪ پختو ڪهاڻيڪار ته آهي پر سنڌي مان انگريزيءَ ۾ ترجما، نثري نظم ۽ تنقيدي اڀياس به هو سهڻي طرح لکي رهيو آهي.

Monday, April 20, 2020

امان سيبتي - انور ابڙوا


امان سيبتي
مختصر ڪهاڻي
انور ابڙو
هونئن ته هن جو اصل نالو اُميدان آهي، پر هيءَ جڏهن اڃا ننڍڙي هئي، ۽ گهر ۾ ماءُ جي مدد لاءِ سيبتائب وارا ڪم ۽ پنهنجيءَ عمر کان وڌيڪ سٺيون ڳالهيون ڪرڻ لڳي هئي، ته هڪ ڏينهن سندس بابا کيس ”امان سيبتي“ چيو هو. بس اهو ڏينهن هي ڏينهن، سڀني کان هن جو اصل نالو وسري ويو ۽ کين ”امان سيبتي“ نالو ياد رهجي ويو.

علم الدين رازو - انور ابڙو


علم الدين رازو
مختصر ڪهاڻي
انور ابڙو
منهنجي پاڙي ۾ علم الدين رازو رهندو آهي، جيڪو اصل ۾ لاڙڪاڻي جو آهي، پر ڪجهه سالن کان هو ڪراچي شهر ۾ اچي رهيو آهي. لاڪ ڊائون کان اڳ ۾ هو ڪٽي پهاڙيءَ واري علائقي ۾ هڪ ٺيڪيدار وٽ ڪم ڪري رهيو هو. جنهن دوران هو هڪ نه ٻئي ڏينهن ڪجهه پئسا کڻي گهر اچي ويندو هو. پر لاڪ ڊائون جي ڪري سندن ڪم بند ٿي ويو. رستن تان گاڏيون غائب ٿي ويون ۽ هُو ڪٽي پهاڙيءَ ۾ ڦاسي پيو. ٻي ڪا واهه نه ڏسي، اُتي ئي رهندڙ پنهنجي هڪ مزدور دوست وٽ، هڪ هفتي تائين رهي پيو. سندس گهرواري به ڪورنگيءَ ۾ گارمينٽ جي جنهن فيڪٽريءَ ۾ ڪم ڪندي هئي، اها فيڪٽري به بند ٿي ويئي.

احمد حسين رڪشا وارو - انور ابڙو


احمد حسين رڪشا وارو
مختصر ڪهاڻي
انور ابڙو
لڳ ڀڳ ۴۰ سالن جي عمر جو احمد حسين، ان ئي عمارت جي پهرين ماڙ تي ڪرائي جي هڪ گهر ۾ رهندو آهي، جنهن عمارت جي گرائونڊ فلور تي اسان رهندا آهيون. احمد حسين کي ٽن ٻارن جو اولاد آهي، جن ۾ ٻه ڌيئر ۽ هڪ پٽ اٿس. سڀئي ننڍا ٻار اٿس، جن کي به هو پڙهائي رهيو آهي. سندس ٽيئي ٻارَ، ڏاڍا سلڇڻا، فضيلت ۽ اخلاق وارا آهن. سندس گهر واري، اڪثر بيمار رهندي آهي. منهنجي گهرواري روشني، سندس گهرواريءَ کي ”ادي مٿين“ چوندي آهي.