Monday, April 20, 2020

احمد حسين رڪشا وارو - انور ابڙو


احمد حسين رڪشا وارو
مختصر ڪهاڻي
انور ابڙو
لڳ ڀڳ ۴۰ سالن جي عمر جو احمد حسين، ان ئي عمارت جي پهرين ماڙ تي ڪرائي جي هڪ گهر ۾ رهندو آهي، جنهن عمارت جي گرائونڊ فلور تي اسان رهندا آهيون. احمد حسين کي ٽن ٻارن جو اولاد آهي، جن ۾ ٻه ڌيئر ۽ هڪ پٽ اٿس. سڀئي ننڍا ٻار اٿس، جن کي به هو پڙهائي رهيو آهي. سندس ٽيئي ٻارَ، ڏاڍا سلڇڻا، فضيلت ۽ اخلاق وارا آهن. سندس گهر واري، اڪثر بيمار رهندي آهي. منهنجي گهرواري روشني، سندس گهرواريءَ کي ”ادي مٿين“ چوندي آهي.


احمد حسين وٽ هڪ پراڻو رڪشو آهي، جيڪو اڪثر خراب هوندو آهي، ۽ جنهن کي پاڻ ئي ٻاهرئين روڊ تي، پانا ۽ پيچڪش کنيو ويٺو پيو ٺاهيندو آهي. هو رڪشا تي پاڙي جي سٺين نوڪرين وارن ٽن ڄڻن جي ٽن ٻارن کي اسڪول کڻي ويندو ۽ واپس کڻي ايندو آهي. هر مهيني جي ڏهين تاريخ تي کيس اُن جا ٻَڌا پئسا ملندا آهن، جن مان هُو گهر جو ڪرايو ڏيندو آهي. باقي وقت ۾ رڪشا هلائي، جيڪي پئسا ڪمائيندو آهي، انهن مان گهر جو ۽ گهرواريءَ جي دوائن جو خرچ پورو ڪندو آهي. ان جي باوجود هو هر مهيني، ڪرائي واري گهر جي مالڪ کي بجلي ۽ گئس جي بلن مان ڪجهه پئسا نه ڏيئي سگهندو آهي.
لاڪ ڊائون وارن هنن ڏينهن ۾، هو جيڪي ٻار اسڪول کڻي ويندو هو، انهن ٻارن جي والدين کيس هن مهيني پئسا ناهن ڏنا ۽ کيس ٻي سواري به اڳ جي ڀيٽ ۾ مشڪل سان ئي ملي ٿي. هنن ئي بند شهر وارن ڏينهن ۾، مان ۽ منهجي گهرواري ڪلهه منجهند جو، ٻي وڳي ڌاران جيئن ئي پنهنجي ننڍڙي جي کنگهه جي دوا اين ايم سي مان ڊاڪٽر عرفان کان وٺي موٽياسين پئي ته احمد حسين اسان کي پنهنجي گهر کان ٻاهر، مين ڪورنگي روڊ جي هڪ چوراهي تي رڪشا ۾ تمام گهڻي ڳڻتي ۽ اداسيءَ واري حالت ۾ ويٺل نظر آيو. ان چوراهي تي رڳو هن جو ئي اڪيلو رڪشو بيٺل هو ۽ آس پاس سناٽو ڇانيل هو. اسان به کيس اهڙي حالت ۾ ڏسي اداس ٿي وياسين.
منهنجي گهرواريءَ چيو؛ ”راشن ته ههڙن مسڪينن کي ملڻ گهرجي.“
مون سندس ڳالهه جي تائيد ڪندي چيو؛ ”پر هن جا ته پيءُ ماءُ پنهنجي ڳوٺ جا خوشحال ماڻهو آهن، اُهي به ته سندس مدد نٿا ڪن نه؟“
چيائين؛ ”ادي مٿين ٻڌائيندي آهي ته جيئن ته سندس مڙس انهن سان ڪاوڙجي آيو آهي، انڪري هاڻي هو انهن کان ڪا به مدد وٺڻ نٿو چاهي.“
مون کي احمد حسين جي خودداري ته پسند آئي، پر مان سوچڻ لڳس ته هن جا، جيڪي اڳ ۾ ئي ڏينهن ڏاڍا ڏکيا گذرندا هئا ۽ پَٽي سَٽي مهينو پُورو ڪندو هو، ڳوٺِ به پيءُ ماءُ ڏانهن موٽي وڃڻ نٿو چاهي ۽ هن ئي شهر ۾ رهڻ ٿو چاهي، ان جو لاڪ ڊائون وارو هيءُ مهينو ۽ ايندڙ مهينا ڪيئن گذرندا؟
ائين سوچيندي اسان جيئن ئي گهر پهتاسين ته ماڻهن جو ميڙ نظر آيو. پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته، ادي مٿينءَ کي الائي ڇا ٿي ويو آهي. بيهوش ٿي وئي آهي. اسان جي پٺيان احمد حسين به اچي پهتو. موبائيل فون تي کيس اهڙو اطلاع ڏنو ويو هو. هو پنهنجي گهرواريءَ کي پنهنجي ئي رڪشا ۾، ويجهي اسپتال کڻي ويو. ٻن ٽن ڪلاڪن کانپوءِ هو واپس آيا. منهنجي گهرواريءَ ادي مٿينءَ جي وڃي طبيعت پڇي. هاڻي هن جي طبيعت ڪجهه بهتر هئي.
احمد حسين وري ڪورونا وائرس جو خطرو کڻي، ٻه ڏوڪڙ ڪمائڻ لاءِ رڪشا ڪاهي، ٻاهر ويران رستن تي نڪري ويو.

(انور ابڙو جي فيسبڪ وال تان، تاريخ ۱۱ اپريل ۲۰۲۰ع تي رکيل)

No comments:

Post a Comment