Monday, April 27, 2020

جُوفائيءَ جو مزو - بيدل مسرور


جُوفائيءَ جو مزو
مختصر ڪهاڻي
بيدل مسرور
روڊ هوٽل ۾ خالي ڪرسي ڳوليندي ڏسي، دخل واري پنهنجي ڀرسان خالي پيل ڪرسيءَ تي ويهڻ لاءِ سڏيو. ويٺس ته ٻاهرين ٻني تي ڪوپ مان شرڙاٽ ڪڍي پيئڻ وارو ٿلهو شخص، جنهن کي هر ڪو ڏسي کليو ٿي، اٿي اچي منهنجي ڀر سان ويٺو. بيري مانيءَ لاءِ پڇيو ته مون کيس چانهن کڻي اچڻ لاءِ چيو ته ٿلهي ڪاڪي بيري کي سڏ ڪيو:
”او امٽُو بسڪيٽن جي ڦاري به کنيو اچجان...“ ايئن چئي وري مون کي مخاطب ڪيائين؛ ”صاحب خالي چولي چانهن نه پيئجي، پيٽ ۾ وَٽُ وجهندي آ.“
”پر مان ته رڳو چانهن پيئندس.“


”صاحب بسڪيٽ منهنجي طرفان، ڀلا پنجن رپين ۾ مان لهي نه ويندم.“
بيرو چانهن سان گڏ، چئن بسڪيٽن واري ڦاري به کڻي آيو. مون ڪوپ کڻي وات سان لڳايو ته هن ڦاري کولي، ٻه بسڪيٽ منهنجي هٿ ۾ ڏنا؛
”صاحب هن کي چانهن ۾ ٻوڙي کائڻ جو مزو ئي ڪو اور آهي، اچي وٺ ته.“
مان کانئس بسڪيٽ وٺي، چانهن جي ڪوپ ۾ ٻوڙڻ کانسواءِ ئي کائڻ لڳس.
”صاحب ڇا ڪيندا آهيو؟“
”رٽاير آهيان..“
”پو بي، ڪو ته ڌنڌو ڌاڙي ڪيو هوندوَ؟“
”ٽي ويءَ ۾ پروڊيوسر هوس.“
”اڙي مان گهور وڃانءِ، ترس ته مان پنهنجي هڙ کڻي اچان ته تو سان ڪي ٽي ويءَ جون ڳالهيون ڪيان.“
هڙ کڻي موٽيو ته مون جلدي جلدي ڍڪ ڀري چانهن پوري ڪري ڇڏي، ته ڪٿي ٽي ويءَ جي ڳالهين ڳالهين ۾ بس نه نڪري وڃي.
”چڱو ڪاڪا تنهنجي بسڪيٽن جي مهرباني، پاڻ وري ڪنهن ٻئي ڀيري ملياسين ته ٽي ويءَ جا حال احوال به ڪنداسي.“
”ايئن ڪيئن شيندو صاحب. بل مان ڏيندم.“ ايئن چئي هو منهنجي ڀرسان ۽ صفا منهنجي جسم سان لڳي بيٺو. مون پنهنجي کيسي ۾ چرپر محسوس ڪئي ته هڪدم پري ٿيندي دخل واري کي چيم؛
”بل هن کان ئي وٺي ڇڏ.“
”سائين هي پاڻ جُوفو، پنهنجي چانهن جا ئي پئسا نه ڏيندو آ، تنهنجا ڪٿان ڏيندو.“
کيسي ۾ هٿ وڌم، پئسن وارو ٻٽون غائب هو، هڪ پل لاءِ ته هڪو ٻڪو ٿي ويس، قميص جا سڀئي کيسا ڦلهوريم، پگهر اچي ويا، پر اوچتو ياد اچي ويو ته بس تي چڙهڻ وقت ئي ڏوڪڙ ٽڪيٽ سان گڏ صدريءَ جي اندرئين کيسي ۾ رکيا هئم.

No comments:

Post a Comment