Tuesday, April 28, 2020

عنيق دڪان نه هلائي سگهيو - انور ابڙو


عنيق دڪان نه هلائي سگهيو!
ٻاراڻي ڪهاڻي
انور ابڙو
وبا وارن هنن ڏينهن ۾ اٺن سالن جي عمر جي عنيق پنهنجي گهر ۾ ٻارن جي شين واور جيڪو دڪان کوليو هو، اهو سندس ننڍن ڀائرن جي ڀِيلَ کان بچي نه سگهيو ۽ اڄ صبح جو نائين وڳي بند ٿي ويو. دڪان جي بند ٿيڻ ۾ عنيق جو بس اهو ئي ڏوهه آهي ته، هن پنهنجي ٻنهي ننڍن ڀائرن: ڇهن سالن جي اريب ۽ ٻن سالن جي عنضر تي نظر نه رکي ۽ هو وجهه وٺي سندس شيون کائي کيس، ڪورونا جي دور ۾ ڪنگال ڪري ويا.


پهرين ڏينهن تي سندس دڪان ڏاڍو هليو هو. سندس ويجها مائٽ- ٻارَ: اذان، عنايا، ايان، عفان، عبدالله، صمد، زينب، سعديه ۽ ٻيا  کانئس شيون وٺي رهيا هئا. سڀئي خوش ٿي رهيا هئا. هي پاڻ به ٻهڪي رهيو هو. هڪ سال جي عمر جي وريشا جو بابا ڪاشف پڻ هن کان وريشا لاءِ شيءِ وٺي ويو هو. هڪ لوهي بينچ، ننڍڙي ٽيبل ۽ ڀِتِ تي کوليل ان دڪان تي وڏو مزو لڳو پيو هو. ٻوسٽ وارن هنن ڏينهن ۾ ٻارن کي وڏي وندر ملي وئي هئي. شام جو عنيق پئسا کڻي، اهي ڳڻي ڏاڍو خوش ٿيو هو. پهرين ڏينهن تي ساڍن پنج سئو رپين جون سندس شيون وڪرو ٿيون هيون.
ٻئي ڏينهن تي وري هن پنهنجي مامي پُوئا کي پئسا ڏيئي ختم ٿي ويل شيون گهرايون. ائين ٽئين ڏينهن به سندس دڪان چڱو هليو، پر کيس خبر ئي نه پئي ته سندس ننڍڙا ڀائر سندس دڪان کي آهستي آهستي کاٽ هڻي رهيا آهن. ڀلا هي به ڪيترو وقت دڪان تي ويهي؟ هي دڪان هلائي هلائي ٿڪجي پوي ۽ وڃي بيڊ تي ليٽي موبائيل فون تان ڪارٽون ڏسڻ لڳي ته، سندس ڀائر وڃي سندس دڪان کي ٻَرو ڏين. پوءِ انهن مان ڪو پاپڙ، جيلي، بسڪوٽ ۽ چاڪليٽ کڻي، ته ڪو کٽمٺڙا، بلي بلي ۽ ٻيون شيون کڻي. انهن جي ته گهرَ ويٺي بلي بلي ٿي ويئي هئي، پر عنيق جو دڪا ويو خالي ٿيندو. نيٺ اها نوبت آئي جو اڄ  دڪان جي کُلڻ جي پنجين ڏينهن، صبح جو عنيق جيئن ئي نائين وڳي ننڊ مان اُٿي دڪان تي نظر وڌي ته کيس تمام گهٽ شيون پيل نظر آيون. کيس ڪاوڙ لڳي. هي سمجهي ويو ته اهي شيون عريب ۽ عنضر ئي کاڌيون هونديون.
عنيق کين ڳولڻ لڳو. گهرَ جي ٻن ڪمرن ۾ هو کيس نظر نه آيا. ٽئين ڪمري ۾ وڃي ڏٺائين ته هو مزي سان ڪوئن وانگر هن جون شيون کائي رهيا هئا. هو عنيق کي ڏسي ٿورا گهٻرايا. عنيق رڙ ڪري کين چيو، ”توهان منهنجون سڀ شيون کائي ويا.....؟“ عنيق اريب کي ٿڦڙ هڻندي هڻندي رڪجي ويو..... پوءِ فرش تي لت هڻي، ڪاوڙ ڪڍي، اهو چئي ٻاهر نڪري آيو ته، بس دڪان بند ٿو ڪيان.
هن اچي دڪان جي دخل مان پئسا ڪڍي ڳڻيا، جيڪي ٻه سئو ڏهه رپيا ٿيا.... بچيل شيون کڻي پنهنجي ڪتابن جي الماريءَ ۾ وڃي رکيائين ۽ ٽيبل ۽ بينچ کي پاسي تي ڪيائين. ان طرح هو هڪ هزار رپين جي لاڳت سان پنج ڏينهن اڳ کوليل پنهنجي دڪان کي تالو هڻي، اسڪول پاران موڪليل پيپر حل ڪرڻ ويهي رهيو.  

(انور ابڙو جي فيسبڪ وال تي تاريخ ۲۲ اپريل ۲۰۲۰ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

Post a Comment