Showing posts with label عنيق دڪان نه هلائي سگهيو، ٻاراڻي ڪهاڻي، انور ابڙو،. Show all posts
Showing posts with label عنيق دڪان نه هلائي سگهيو، ٻاراڻي ڪهاڻي، انور ابڙو،. Show all posts

Tuesday, April 28, 2020

عنيق دڪان نه هلائي سگهيو - انور ابڙو


عنيق دڪان نه هلائي سگهيو!
ٻاراڻي ڪهاڻي
انور ابڙو
وبا وارن هنن ڏينهن ۾ اٺن سالن جي عمر جي عنيق پنهنجي گهر ۾ ٻارن جي شين واور جيڪو دڪان کوليو هو، اهو سندس ننڍن ڀائرن جي ڀِيلَ کان بچي نه سگهيو ۽ اڄ صبح جو نائين وڳي بند ٿي ويو. دڪان جي بند ٿيڻ ۾ عنيق جو بس اهو ئي ڏوهه آهي ته، هن پنهنجي ٻنهي ننڍن ڀائرن: ڇهن سالن جي اريب ۽ ٻن سالن جي عنضر تي نظر نه رکي ۽ هو وجهه وٺي سندس شيون کائي کيس، ڪورونا جي دور ۾ ڪنگال ڪري ويا.