Friday, August 30, 2019

سنڌي ادب ۾ مختصر ڪهاڻيءَ جو مقام - ريحانه نظير


سنڌي ادب ۾ مختصر ڪهاڻيءَ جو مقام
ريحانه نظير
سنڌي ادب ۾ نثري لکڻين جي باقاعده شروعات انگريزن جي دور ۾ ٿي. ھيءُ اھو دور ھو جنھن ۾ عام ماڻھو جديد تعليم پرائڻ لڳا، ائين چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ ڪونه ٿيندو ته انگريزن ئي اسان جي سنڌي ادب ۾ نثر جي پيڙھ جو پھريون پٿر رکيو، جنھن تي اڳتي ھلي سنڌي ادب جي شاندار عمارت قائم ٿي. اھو دور ئي ھو جنھن ۾ سنڌي ماڻھن کي پنھنجي تاريخي ورثي موھن جي دڙي جي ڄاڻ پئي جنھن جي ذريعي اسان کي پنھنجي تاريخي اھميت جو قدر ٿيو. ان سان گڏ سنڌين جو نون علمن سان پڻ واھپو پيو ۽ اھو به انگريزن جو ئي دور ھو جنھن ۾ نه صرف سنڌي آئيويٽا تيار ڪئي ويئي، پر ان سان گڏ سنڌ اندر سنڌي ٻوليءَ کي لازمي قرار ڏنو ويو.


ان سلسلي ۾ ان وقت جي سنڌ سرڪار سنڌ ۾ ڪيترا ئي ڪتاب شايع ڪرايا، جن ۾ سڀ کان پھرين ڪئپٽن جارج اسٽئڪ ۽ ڊاڪٽر ٽرمپ سنڌي ڊڪشنري ۽ سنڌي گرامر جوڙيا. انھي (ٽرمپ) شاھ عبداللطيف ڀٽائيؒ جي شاعريءَ تي تحقيق ڪري پنھنجي پي ايڇ ڊي جو مقالو پڻ ڇپرايو، جيڪو سنڌي ادب ۾ ممتاز حيثيت جو حامل آھي. ڪئپٽن جارج اسٽئڪ پنھنجي گرامر جي ڪتاب ۾ ضميمي طور ديوان اڌارام ٿانورداس جي لکيل آکاڻِي ”راءِ ڏياچ“ شامل ڪئي جنھن کي ڪيترا ئي عالم سنڌي ادب جي پھرين آکاڻي تسليم ڪن ٿا.
ھن دور جي اوائلي نثرنگار اديبن ادب جي ھر صنف تي لکيو جنھن ۾ تاريخ، جاگرافي، گرامر، سائنس، رياضي، قصا، ڪھاڻيون، ڊراما، ناول ۽ مضمونن جا ڪتاب شامل آھن. ڪيترا ئي اسڪول ۽ ڪاليج کوليا ويا، مختلف اشاعتي ادارا قائم ڪيا ويا جن جي ذريعي عام ماڻھن ۾ جديد تعليم حاصل ڪرڻ جو شعور جاڳيو. ڊاڪٽر
نور افروز خواجه ان دور تي روشني وجھندي لکي تي ته انگريزن جي دور ۾ ڪراچي، حيدآباد، سکر ۽ شڪارپور شھر علم ۽ ادب جا خاص مرڪز بڻيا، جتي ڪيتريون ئي ادبي سنٿائون ۽ اشاعتي ادارا اسڪول ۽ ڪاليج قائم ڪيا ويا جن ۾ نئين ۽ جديد تعليم جي شروعات ڪئي ويئي.“ (۱)
ماڻھن پنھنجي ان تعليمي شعور وسيلي معلومات حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ وندر حاصل ڪرڻ جا نت نوان طريقا ڳولڻ شروع ڪيا توڙي جو انھن طريقن جو بڻياد پراڻن مان ئي ڪڍيو ويو. مثال طور اڳي ماڻھو پنھنجي وندر لاءِ وڏا وڏا داستان يا قصا ٻڌندا ھئا جيڪي گھر جو ڪو وڏو يا وڏي گھر اندر کڻندا ھئا.  ٻاھر يا سفر تي  وري داستان گو يا قصا خوان اھي داستان مسافرن کي ٻڌائيندا ھئا جن مان ڪي ته ھڪ ڏينھن اندر ۽ ڪي وري ايڏا طويل ھوندا ھئا جو مھينن جا مھينا پيا ھلندا ھئا، پر مجال آھي جو ماڻھن جي دلچسپي ۾ گھٽتائي ٿئي. ماڻھو وڏي چاھه سان اھي ٻڌندا ھئا. پر جيئن ته ھيءُ جديد دور جنھن کي مشيني يا صنعتي دور به چئجي ٿو ان دور ۾ ماڻھن وٽ ايترو وقت ڪونه ھو جو وڏا قصا يا داستان ٻڌن يا ٻڌائين.  انھي ڪري ھنن ننڍا ننڍا قصا، ڳالھ، آکاڻي يا ڪھاڻي لکڻ يا پڙھڻ کي اھميت ڏني ۽ ھو انھي ۾ ٻين جي بنسبت وڌيڪ دلچسپي ظاھر ڪرڻ لڳا.
ڪھاڻي جي شروعات ڪڏھن ٿي ۽ ڪھاڻي ڇا آھي؟
ان جي شروعات ڪيئن ٿي ان سلسلي ۾ پنھنجي راءِ ڏيڻ کان پھرين شيخ اياز جون ھي سٽون پيش ڪنديس ته ”ڪھاڻي جي تاريخ ايتري ئي قديم آھي جيتري انسان جي. ھر ڪھاڻي ماحول جي اثر جو اظھار آھي ۽ اردگرد جي فضا جي پيداوار آھي.“ (۲)
جڏھن انسان ھن دنيا ۾ پير پاتو ۽ پنھنجي خيالن يا جذبن جواظھار زبان وسيلي ڪيو تڏھن کان ان جي شروعات ٿي ھوندي!
بقول ڪيرت ٻاٻاڻي جي ته ”ڪھاڻيءَ جي شروعات جڏھن کان ماڻھو گوڏن ڀر ھلڻ سکيو تڏھن کان وٺي مڃڻ ۾ ڪابه اچرج جي ڳالھ نه آھي.“ بقول رچرڊ برٽن جي ته ”جيئن ته اھي ڪھاڻيون سڄي دنيا کي عزيز آھن انڪري عجب ناھي ته قصـه گوئي جو آغاز تڏھن ٿيو جڏھن انسان پير تي بيھڻ سکيو.“ (۳)
جڏھن ته ڊاڪٽر تھمينه مفتي جو ان بابت ھيءُ چوڻ آھي ته ”ڪھاڻي انسان جي جنم سان گڏ وجود ۾ آئي ھن ڪائنات جي خالق آدم ۽ حوا جي تخليق ڪئي. اھا تخليق پنھنجي ٿوري تسلسل موجب ڪھاڻي بڻي. انسان ۽ شيطان، نيڪي بدي، سرڪشي، ندامت، درگذر، سزا ۽ جزا جا ھن ڪھاڻي ۾ ابتدا به آھي ته انتھا پڻ.“ (۴)  ص ۹۲
مطلب ته انسان کي پنھنجي روزمره جي زندگيءَ ۾ جيڪي واقعا درپيش آيا ھوندا ان جو ذڪر ان ٻين ماڻھن جي اڳيان ھوبھو بيان ڪيو ھوندائين. اھي واقعا ھڪ ڳالھ جي صورت بڻجي ھڪ کان ٻئي، ٻئي کان ٽئين ۽ ٽئين کان چوٿين تائين پھچندي ڪھاڻي جي شڪل اختيارڪري ويا ھوندا.!!
بقول شمس الدين عرساڻيءَ جي ته ”قديم انسان کي گذرمعاش لاءِ گھڻي ڊڪ ڊوڙ ڪرڻي پوندي ھئي. شڪار تان واپس گھر پھچڻ کان پوءِ ھن مھم جوئي ۽ ھڻ ھڻان جو ذڪر پنھنجي ساٿين سان فخر۽ غرور مان ڪيو ھجي ائين به ھوندو ته فرصت جي وقت ھمدرديءَ طور ھن اھڙو اظھار پاڻ جھڙن ھم جنسن سان ڪيو ھجي. بس اتان ئي افساني جي شروعات ٿي ھجي! حقيقت ۾ ٻولي ۽ قصـه گوئي ۾ رڳو ھڪ وک جو فاصلو آھي.“  (۵)
مثال طور ڪنھن ماڻھوءَ شڪار دوران جھنگ ۾ ھڪ بلا ڏٺي ھوندي! جيڪا ھن کي کائڻ لاءِ اچي رھي ھوندي! ھن پھرين ته پنھنجي بچاءَ لاءِ رڙيون ڪيون ھونديون! پوءِ جڏھن آس پاس مان ڪنھن کي ايندونه ڏٺوھوندئين ته پاڻ ئي ڪو وڻ جو ڪريل بُنڊ يا آسپاس تي رکيل پٿر کڻي ان کي ھنيو ھوندائين ۽ ائين اھا بلا اتي ئي مري ويئي ھوندي.!  ھن شڪار تان موٽڻ بعد ان ڳالھ جو ذڪر سڀني سان ڪيو ھوندو! اھڙي طرح اھا ڳالھ ۽ ھن جي بھادري آس پاس ۾ پکڙجي ويئي ھوندي ۽ اھڙي طرح ئي ماڻھن سان روزمره جي زندگيءَ ۾ پيش ايندڙ واقعا ڪنهن ڳالھ يا آکاڻيءَ جي شڪل اختيار ڪري ڀرپاسي تائين پھچندي ڪھاڻي يا قصن جي شڪل اختيار ڪري ويا ھوندا!  ۽ اھي عام ماڻھن ۾ دلچسپي جو سبب بڻيا ھوندا!  بقول ڊاڪٽر نبي بخش  بلوچ جي ته ”ڪھاڻي جي سٽا جي شروعات غالباَ پھريان ڪنھن گھر جي ڀاتي يا سورھيه اڳواڻن جي ڪارنامن يا وڇڙي ويل شخص جي ڪشالن جي حقيقي بيان سان ٿي ھوندي جن کي وقت گذرڻ کان پوءِ وڌائي ويجھائي وڏو ڪيو ويو. اوائلي ڪھاڻيون سڀ حقيقي ڳالھيون ھيون جن تي پوءِ حڪايتي رنگ چڙھيو.“ (۶) 
يعني ڏٺو وڃي ته شروعات کان ئي انھن قصن، ڳالھين ۽ ڪھاڻين ۾ بھادري، مقصد ۽ ڪاميابي انھن ٽن ڳالھين جو عمل دخل شامل رھيو ته بنا خوف بھادري سان وڙھي پنھنجي جائز مقصد ۾ ڪاميابي حاصل ڪجي. اسين پنھنجي ننڍپڻ جي يادگيرين ۾ وينداسين ته اسان مان ھرھڪ کي اھڙا ڪيترا ئي قصا، ڳالھيون ۽ آکاڻيون پنھنجي ماءُ، ڏاڏي، ناني يا پاڙي واري وڏڙي مائي کان ٻڌل ھونديون جن ۾ اھم ڪردارن جو تڪليفن ۽ ڪشالن کان پوءِ پنھنجي منزل ماڻڻ جو ذڪر ڪيل ھوندو. سبط حسن بقول سبط حسين جي ته ”بچوں کو داستانوں کی پیرائے میں بچپن سے ہی بتایا جاتا تھا کہ شجاعت، خدا ترسی مہمان نوازی، مہم جوئی، راست بازی اور حق پرستی اچھی صفتیں ہیں اور ان اوصاف کو اپناکر انسان سرخرو اور کامیاب ہوتا ہے اس کی برعکس مردم آزاد ظلم و تشدد قتل غارت گری بری باتیں ہیں ان سے آدمی ذلیل اور ناکام ہوتا ہے چنانچہ ان کھانیوں کی سب سے بڑی خوبی اور سب سے بڑی خصوصیت یہ تھی کہ ہزاروں آفتیں جھیلنے اور لاکھوں بلائوں میں مبتلا ہونے کے بعد آخر میں فتح انسان ہی کی ہوتی ہے۔“. (۷) 
ان مان ثابت ٿئي ٿو ته ڪھاڻي زباني بيان ڪيل ھجي يا لکيل ھجي شروع کان ان جو واضع مقصد ھو ۽ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ ان جا لازمي جزا ھئا. جيئن ته اھي ڪھاڻيون اسان جي پنھنجي سماج جي ڪنھن چڱائي يا برائي، واقعي يا حالات جي نمائنده تصوير ھيون. انڪري انھن کي اسان جي ادب ۾ ھميشـہ پسند ڪيو ويو۽ ادب کي جيئن ته سماج جو عڪاس ليکيو وڃي ٿو انڪري انھن ڪھاڻين جا موضوع به ان انساني سماج مان کنيا ويندا ھئا.
سنڌي ادب ۾ باقاعدہ ڪھاڻيءَ جي شروعات ڪڏھن ٿي؟
سنڌي ادب ۾ جيڪا پھرين ڪھاڻي ڇپي ھيٺ آئي ان بابت مختلف عالمن جا مختلف رايا ملن ٿا.
پروفيسر منگھارام ملڪاڻي مطابق اھا "آکاڻي راءِ ڏياچ ۽ سورٺ" جي ڪھاڻي ھئي جيڪا ڪئپٽن جارج اسٽئڪ جي سنڌي گرامر ۾ ضميمي طورڏنل ھئي.“ (۸)
محترمه ثميره زرين ان بابت ھيئن لکي ٿي  ته،  سنڌي افسانن جي سلسلي ۾ ڪن عالمن جو چوڻ آھي ته پھريون افسانو جو سنڌي ٻولي ۾ آيو سو سيد ميران محمد شاھ جو ”سڌا توري ڪڌا توري“ جي ڳالھ آھي.“ (۹) 
ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جو به ساڳيو پروفيسر منگھا رام ملڪاڻي وارو رايو آھي ته ھو لکي ٿو ته ”سنڌ ۾ پھرين ڪھاڻي ”راءِ ڏياچ ۽ سورٺ“ آھي جا ڪئپٽن جارج اسٽئڪ جي سنڌي گرامر ۾ ضميمي طور ڇپي.“
سنڌي آکاڻي جي ارتقا: ميمڻ عبدالمجيد سنڌي.  سنڌي ادب جو تنقيدي اڀياس.
جڏهن ته پيرحسام الدين راشدي جو هيءُ چوڻ آهي ته ۱۸۵۳ ۾ غلام حسين محمد قاسم قريشي  ”ڀنڀي زميندار جي ڳالھ“ جي ڪھاڻي لکي  ۽ ۱۹۵۵ ۾ سيد ميران محمد شاھ ”سڌا توري ڪڌا توري“ جو قصو لکيو.“ (۱۰)
آغا تاج محمد ان بابت لکي ٿو ته ”سن ۱۸۵۴ ۾ غلام حسين محمد قاسم قريشي هڪ نثر ۾ ڪتاب لکيو جنهن جو نالو هو”ڀنڀي زميندارجي ڳالهه“ وري مٽيارن جي ويٺل سيد ميران شاهه ”سڌا توري ڪڌا توري“ جي ڳالهه لکي هڪ ڪتاب جي صورت ۾۱۸۵۵ ۾ ظاهر ڪئي.“ (۱۱) ص ۲۰ آغا تاج محمد سنڌ جا قديم نثر نويس: نئين زندگي مارچ ۱۹۵۰.
ڪھاڻي يا افسانو ڇا آھي؟
مختلف عالمن اديبن جي راءِ موجب اڄ جو مختصر افسانو قصن، داستانن، آکاڻين ڳالھين مان گذرندو ھن مقام تي پھتو آھي عبدالڪريم پنھنجي مقالي ”فن افسانه نگاري ۽ موجوده سنڌي افسانو“ ۾ لکي ٿو ته ”ادبي دنيا ۾ پير پائڻ سان يا ٻاھرين دنيا ۾ سير ڪرڻ سان معلوم ٿيندو ته قصـه گوئي انسان جي زندگي جو ڄڻ لازمي جز آھي. اھڙي طرح قصا ۽ ڪھاڻيون نقل ۽ نظير ھميشـ بيان ٿيندا رھيا آھن. پنھنجي روايت کي پيڙھي به پيڙھي قائم ۽ دائم رکڻ ھر دور ۾ انھن کي سڌارڻ ۽ سنوارڻ ۽ انھن ۾ جدت يا نواڻ پيدا ڪرڻ خود انسان جي فطرت آھي. ان لحاظ کان افسانو پنھنجي اصطلاحي معنيٰ خواهه ظاھري روپ ۾ انھن قصن ڪھاڻين جي نقل نظيرن جي ھڪ ارتقائي صورت يا سڌريل نمونو آھي.“ (۱۱)
پروفيسر عبدالجبار جوڻيجو ان بابت ھي راءِ ڏيئي ٿو ته  ”ابتدا ۾ ھن صنف کي ڪڏھن افسانو ڪڏھن ڪھاڻي ان سان گڏو گڏ ڪي اڻ ڄاڻ ته مرڳو منجھي پيا ۽ ڪي ٻڌائڻ وارا به ھڪ صنف کي ٻـه ڪري ٻڌائڻ لڳا حقيقت ۾ صنف ھڪ ئي آھي پر پراڻي آکاڻي کان مختصر آھي. ڪو وقت افسانو سڏيو ويو ھاڻي عام خاص ھن صنف کي ڪھاڻي سڏي ٿو (۱۲)
جڳديش لڇاڻي پنھنجي ٿيسز ”سنڌي ڪھاڻي جي اوسر“ ۾ ھيئن لکي ٿو ته ڪھاڻي ڪنھن ھڪ واقعي چرپر جو ھڪ ننڍو پرڪشش چتر آھي. ڪھاڻي جي پلاٽ ۾ ڪنھن واقعي يا چتر جوئي چتر آھي يعني جيڪي واقعا اسان کي روز بروز جي ماحول ۾ پيش اچن ٿا انھن جو اظھار ئي انھن ڪھاڻين جو بڻياد رکي ٿو.“ (۱۳)
جڏهن ته امرجليل جو ان بابت هي رايو آھي ته ”ڪھاڻي اظھارآھي زندگي جي غم خوشي، ڏک سک، ڪاوڙ، رحم، انتقام، نفرت ۽ پيار محبت جي ڪروڙين گھڙين مان ھڪ گھڙي جو جيڪا ڪھاڻي زندگي جي انيڪ گھڙين مان فقط ھڪ گھڙي انيڪ آزمائشن مان فقط ھڪ آزمائش ۽ انيڪ حادثن مان فقط ھڪ حادثي جي عڪاسي ڪري ٿي، سا فني طرح  يعني ڪھاڻي سڏجي ٿي.“ (۱۴)   
شمس الدين عرساڻي جو ان بابت هيءُ رايو آهي ته ”هن دور جو سڀ کان مقبول افسانوي فن مختصر ڪهاڻي آهي، جا جديد دور جي پيداوار آهي. دراصل مختصر ڪهاڻي انهيءَ عام رواجي آکاڻيءَ جي ارتقائي شڪل آهي جا سالن کان هر زماني ۾ انسان جو ننڍڙو نسل پنهنجي وڏڙن کان ٻڌندو اچي.“ (۱۵)
نجم عباسي ننڍي ڪهاڻي جي وصف هن ريت بيان ڪري ٿو ته ”زندگي جي ڪنهن اهم پهلو يا غير معمولي واقعي جو، دلچسپ پيرايي ۾ ٿوري ۾ ٿوري لفظن ۾ بيان ۽ ڇند ڇاڻ ڪرڻ.“  ۱۶
يعني سڄي ڏينهن جي هڻ هڻان بعد جڏهن ماڻهو ٿڪجي ٽٽي گهر ايندا هئا يا ڪنهن ڏورانهين هنڌ سفر سنباهيندا هئا ۽ عورتون سڄي ڏينهن جي مشقت کان پوءِ جڏهن وانديون ٿينديون هيون تڏهن اهي پنهنجي تفريح لاءِ ڪو قصو کڻندا هئا يا ٻارن کي لڀائڻ لاءِ ڪا نصيحت آميز ڳالهه يا آکاڻي ٻڌائيندا هئا. سندن انداز بيان ايڏو ته دل لڀائيندڙ ۽ اثرائتو هوندو هو جو ٻار توڙي وڏا وڏي شوق سان ويهي ان کي ٻڌندا هئا. انهن ڪهاڻين ۾ وندر سان گڏ سماجي حالتن جو وستار پڻ نظر ايندو جنهن ۾ انساني زندگي ۽ ان جي مسئلن سان گڏ ڪو نصيحت آميز پهلو پڻ نمايان هوندو هو. شروعاتي دور۾ انھن ڪھاڻين جا اڪثر موضوع ھمت، بھادري، سچائي، مافوق الفطرت ڪردار، جن، ديو، راڪاس، خوف، دھشت ۽ پڇاڙي نيڪي جي بدي تي فتح اھم موضوع ھئا. ان مان ظاھر ٿئي ٿو ته ھميشـه کان ڪھاڻين جو واضع مقصد ظالم ۽ پرمار قوتن کي ناس ڪرڻ ۽ حق سچ جي قوت کي ساراھڻ ھو. اڳتي ھلي آھسته آھسته اھي (ڪھاڻيون ڳالھ ۽ قصا) داستان، ناول ۽ مختصر ڪھاڻيءَ جي شڪل ۾ وڌيڪ موثر ۽ اثرائتي اسلوب سان لکجڻ لڳا.
سنڌي ادب ۾ ڪھاڻي جو مقام:
سنڌي ادب ۾ ڪھاڻيءَ جي شروعات ڪڏھن کان ٿي اھا ڪھڙين حالتن مان گذري ۽ ڪھڙين حالتن ۽ واقعن جو ان تي اثر رھيو ان کي ڄاڻڻ لاءِ اسان کي سڀ کان پھرين سنڌي ادب جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻي پوندي ڇاڪاڻ ته ڪھاڻي يا افسانو ادب جي ئي ھڪ مشھور صنف آھي انڪري سڀ کان پھرين اچو ته ادب جي باري ۾ ڄاڻون ته  ادب ڇا آھي؟
اھي ڪھڙا سماجي يا سياسي اسباب ھئا جن کان مختلف دورن ۾ اسان جو سنڌي ادب متاثررھيو۽ ادب حالتن واقعن جي نمائندگي ڪرڻ ۾ ڪيتري قدر ڪامياب ٿيو خاص طور تي سنڌي ڪھاڻي تي ان جا اثر ڪيتري قدر اثرانداز رھيا ان جو جائزو وٺون ٿا.
ادب ڇا آهي:
مختلف عالمن اديبن جا ان بابت مختلف رايا موجود ملن ٿا. ادب سماج جو اولڙو آھي، ادب سماج جو عڪس آھي، ادب زندگي جي تفسير آھي، ادب ناصح آھي، ادب سماج سڌارڪ آھي. يعنيٰ مختلف عالمن اديبن جا ان بابت مختلف ويچار آھن، پر ڏٺو وڃي ته سڀني ۾ ھڪ ڳالھ مشترڪ نظر ايندي ته انساني زندگي ۽ سماج ۾ پيش ايندڙ ھرحالت خوشي توڙي غم سان ان جو سڌو واسطو آھي. ڇو ته ادب ۾ ليکڪ اھو ڪجھ تخليق ڪري ٿو جيڪو ھو سماج (جنھن ۾ ھو رھي ٿو) ۾ ڏسي ٿو. هو پنھنجي مطالعي ۽ مشاھدي جي بڻياد تي معاشري جي تبديليءَ کي سڀ کان پهرين پرکي وٺي ٿو. ان ڪري هر دور جو ادب پنهنجي زماني جي نون لاڙن ۽ رجحانن جو حقيقي عڪاس ۽ ترجمان ٿئي ٿو.
ھيٺ مختلف ليکڪن جي ادب جي باري ۾ ڏنل راءِ کي جاچي ڏسون ٿا.
وليم ھينري ھڊسن: ان جي تشريح ھنن لفظن ۾ ڪري ٿو ته“
Literature is a vital record of what men have seen in life what they have experienced of it what they have thought and felt about those aspects of it which have the most immediate and enduring interest for all of us ۱۶.
جڏھن ته روسي انقلابي رھنما لينن ان جي تشريح ھن طرح ڪئي آهي ته ”ادب ھڪ آئينو آھي ۽ جيڪو آئينو صحيح ۽ حقيقي عڪس پيدا نٿو ڪري سو آئينو نه سڏبو. ان جو وڌيڪ اپٽار ڪندي پنھنجي مضمون ”بوجوا رسالي“ ۾ ھو لکي ٿو ته ”صحيح ۽ سچو اديب عام ۽ ڄاتل حقيقتن جو نقش چٽي پڙھندڙن کي مطالعي ۽ سوچڻ جي راءِ تي وٺي ايندو آھي. سادن دليلن ۽ کپي ويندڙ مثالن سان ھو انھن حقيقتن مان اھم ۽ چيدا نتيجا ڪڍي ڏيکاريندو آھي ۽ پڙھندڙن جي ذھن ۾ زندگي ۽ زندگي جي حقيقت بابت نوان نوان سوال اڀاريندو آھي.“ (۱۷)
ميٿو آرنولڊ چوي ٿو ته ”ادب انساني زندگي جو تفسير آھي.“ مياڪن جو انھيءَ بابت هيءَ رايو آهي ته ”قدرت انسان ۾ جن سرمدي شين کي امانت رکيو آھي تن جي اظھار کي ئي ادب لطيف چيو وڃي ٿو.“
مشھور جرمن فيلسوف ھيگل چوي ٿو ته ”ادب ھڪ تاريخ آھي جنھن مان ھڪ ملڪ يا قوم جي وقت به وقت بدلجندڙ تمدن جون لڳو لڳ تصويرون ڏسي سگھجن ٿيون. ادب قومن جي عروج ۽ زوال جو آئينو آھي.“ (۱۸)
محمد ابراھيم جويو ادب جي تشريح ھنن لفظن ۾ ڪئي آھي ته ”ادب انساني سماج جي پيداوار به آھي ۽ ان جو عڪاس پڻ. سماجي ۽ تاريخي تبديلين جي اثر ھيٺ وڌندڙ سماجي شعور بلند تر ذھني معيار جي پيش نظر ادب پنھنجي ھيئت توڙي اسلوب جا نت نوان روپ اختيار پئي ڪندو رھيو آھي.“ (۱۹)
اختر حسين راءِ پوري جو هيءَ خيال آهي ته ”ادب زندگی کا ايک شعبه ہے اور اپنے ماحول کا ترجمان ہے.“ (۲۰)
جڏھن ته ”عشرت علي خان مطابق“ ادب ڪنھن به ٻولي، علائقي يا قوم جو قيمتي سرمايو ھوندو آھي، جنھن ۾ علاقائي ماحول، سماجي پسمنظر، سياسي ۽ معاشي حالتن جي عڪاسي ٿئي ٿي. فڪر نظر، نظام ۽ نظريي جي واڌ ويجھ کي اھڙي طرح محفوظ ڪيو وڃي ٿو جيئن ماضي ۽ حال کي نظر ۾ رکي مستقبل جي امڪانن کي آسانيءَ سان سمجھي سگھجي. ادب دراصل فڪري، نظرياتي ۽ روحاني ارتقا جي لفظي شڪل آھي.“ (۲۱)
ڊاڪٽر گل حسن لغاري ان جي وضاحت هن نموني ڪري ٿو ته ”ادب زندگي جي سمورين قوتن، محبتن، مسرتن، ذوق، ڏک ۽ سک جو ترجمان آهي. چڱو ادب، هر دور، هر حال ۽ هر ملڪ ۾ پيدا ٿيندو رهيو آهي. انهي جو مقصد ۽ مطلب، افاديت ۽ اهميت ان جي ٻولي ۽ هنڌ چاهي ڪيتري قدر به کڻي مختلف هجن، تنهن هوندي به پنهنجي لڳاتار اوسر ۽ ارتقا جي ڪري جدا جدا ڀاڱن ۾ ورهائڻ واري شيءِ نه آهي ۽ ادب به ٻولي، مقام ۽ زمان(دور) جي اختلافن جي باوجود هڪ عظيم ”اتحاد” يا ”ايڪو“ آهي جنهن جي مسلسل واڌ ۽ تبديلين جي رفتار کي سمجهڻ ۽ پروڙڻ لاءِ زندگيءَ سان گڏو گڏ قدم وڌائڻو پوندو.“ (۲۲)
اھا ته ٿي مختصر ادب جي وصف ڇو ته اھو ادب ئي آھي جنھن وسيلي اسان کي دنيا جي ڪنھن به خطي جي سماج جي تاريخ، تھذيب، رسم و رواج ٻولي وغيره جي ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي. جنھن جي وڌيڪ موثر تشريح ڪندي ڊاڪٽر قاضي خادم لکي ٿو ته ”ادب مان ڪنھن ھڪ ملڪ جي ٻولي، ثقافت، سماج، سياست، اقتصاديات، طبعي حالتن، پوکن، ٻوٽن، وڻن ٽڻن، ندين، جبلن ۽ آبھوا جي پڻ معلومات ملي ٿي. ان مان پڻ ثابت ٿئي ٿو ته ادب صرف تخيلي بيان ڪونھي بلڪـ ڪنھن اديب جي دور جي مجموعي شعوري ۽ لاشعوري سوچ مشاھدن ۽ تجربن جو نچوڙ آھي.“ (۲۳)  
تنھنڪري ھڪ اديب مٿان اھا ذميواري آھي ته اھي پنھنجي قلم سان ان قومي سرمائي جي نه فقط رکوالي ڪري، پر ٻين (پڙھندڙن) کي پڻ انھن ڏانھن دلچسپي پيدا ڪرڻ تي مجبورڪري. ۽ اسان جي روزمره جي زندگي ۾ جيڪي واقعا پيش اچن ٿا انھن جي نه صرف ڀرپور عڪاسي ڪري، پر اھو پڻ ٻڌائي ته انھن مسئلن ۽ مشڪلاتن کان ڪھڙي ريت ڇوٽڪارو حاصل ڪري  سگھجي ٿو. بقول شيخ اياز جي ته ”ادب فقط زلزلي ماپ جي اوزار وانگر نه آھي جو فقط قومي زندگي جا وڏا ڏيکاري ٿو، پر ھڪ قطب نما وانگر به آھي جا منزل جو طرف ڏيکاريندي آھي.“  (۲۴)
يعني اديب جي اھا پڻ ذميواري آھي ته ھو اھي مسئلا جن جو پنھنجي لکڻين ۾ اظھار ڪري ان جو ڪو نه ڪو حل به انھن لکڻين ذريعي تلاش ڪري ٻڌائي. مطلب ته اديبن تي ٻيڻي ذميواري اچي ٿي جن جو اظھار ھو پنھنجي تخليق پوءِ اھا چاھي شاعري ھجي يا ناول مضمون ھجي يا ڪھاڻي ھر ڪنھن ۾ ڪنھن نه ڪنھن طرح سان بيان ڪندي نظر اچن ٿا. بقول احسان بدوي جي ته ”اديب جو ڪجھ اسان کي تخليق ذريعي ڏيئي ٿو. ان جو ڪو نه ڪو مقصد ٿئي ٿو ٿو ڇو ته ھوارادي يا غيرارادي طور اھي ئي ڳالھيون ڪري ٿو جن جو ھن جي ماحول سان واسطو رھي ٿو. ھو ديوانو يا مجنون نه آھي جو ڪجھ ھن جي زبان تي چڙھيو سو چئي ڏنائين ھو جو ڪجھ به چوي ٿو تنھنجي ڪا نه ڪا معنيٰ ضرور ٿئي ٿي ۽ ھن جي عمل جو ڪونه ڪو مقصد لازمي ٿئي ٿو.“ (۲۵)   
غلام رباني  جو ان بابت هي مڃڻ آهي ته اديب هجي يا شاعر بنيادي طرح سندس تحرير جو مرڪزي نڪتو وري به پيغام آهي. ڏسڻو اهو آهي ته هو پنهنجي قلم سان پڙهندڙن کي ڪهڙو ٿو پيغام ڏئي.“  ( ۲۶) 
ان مان اھا ثابتي ٿئي ٿي ته اديب جي لکڻين جو ڪو نه ڪو واضع مقصد ضرور ھوندو آھي.
ادب اسان جي سماج ۾ موجود ھر چڱائي ۽ برائيءَ کي بيان ڪرڻ جو ڪامياب ذريعو رھيو آھي ۽ جيئن ته ادب جو براه راست واسطو انساني سماج سان آھي ۽ انساني زندگي جيئن ته سماج جي ارد گرد گھمندي رھي ٿي انڪري ان سماج ۾ جيڪي معاشي، اقتصادي ۽ سماجي مسئلا آھن اھي عام ماڻھو سان گڏ ان (اديب) کي پڻ درپيش اچن ٿا ڇو ته اديب ڪو ڌاريو ٻاھران نظاروڪندڙ فرد نه بلڪـ ان سماج جو ئي ھڪڙو باشعور فرد آھي انڪري ھو جو ڪجھ پنھنجي آسپاس جي ماحول اندر محسوس ڪري ٿو ان کي پنھنجي اظھار جو ذريعو بڻائي ٻين ماڻھن تائين پھچائي ٿو فرق صرف مشاھدي جي باريڪ بيني ۽ اظھار جي قوت جو آھي ته ھو ڪيتري قدر پنھنجي معاشري جي سماجي تبديلين ۽ اڻ برابرين کي وائکو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. انڪري سماج ۾ ادب جا ڪجھ ڪارج مقرر آھن. ھيٺ انھن سماجي قدرن، ماپن ۽ ڪارجن جو جائزو وٺون ٿا جن مان گذري موجوده ڪهاڻي انهي مقام تي پهتي آهي.
ادب جا سماجي ڪارج :
ادب ڇو ۽ ڇا جي لاءِ لکيو ويو، ادب جو سماجي ڪارج ڇا آھي؟ ان جي باري ۾ مشھور تاريخدان محترم حبيب الله صديقي پنھنجي ھڪ ڏنل انٽرويو ۾ ٻڌائي ٿو ته ادب جو سماجي ڪارج انھي اصول تي ٻڌل آھي جيڪو ھاڻي اڪثر طور تي عالم قبول ڪن ٿا. ادب زندگي جي واسطي آھي  بھتر زندگي جي تلاش ۽ ابتر زندگي جي مرھم پٽي  ۽ چارو چيلھو ادب براءِ زندگي ھئڻ گھرجي. انسان جي زندگي ڪنھن نه ڪنھن سماج ۾ گذري ٿي بھتر زندگي بھتر سماج لفظن کي اڳتي پوئتي ڪرڻ سان ائين صحيح آھي ته بھتر سماج بھتر زندگي تنھنڪري زندگي ۽ سماج ٻنھي جي بھتري ادب جو خاص ڪارج آھي. (۲۷)
انڪري ھڪ اديب آڏو ادب جو سماجي ڪارج بهتر زندگي جي تلاش هئڻ گهرجي. ھن کي گھرجي ته ھو پنھنجي قلم وسيلي سماج ۾ رھندڙ ماڻھن جي ٻولي، رھڻي ڪھڻي، ڏک سک، ريتون رسمون، مذھب، تعليم، بک بدحالي، يا خوشحالي جنھن جو به ذڪر ڪري ان جو بنياد حق انصاف ۽ پنھنجي ضمير جي سچائي مطابق ڪري ۽ ڪنھن به ڏاڍ ڏمرکان ڊڄي پنھنجي قلم جي طاقت کي ھيڻو نه ڪري، يعني ادب جي ڪارج ۾ اھي لاتعداد مسئلا مونجھارا شامل آھن جن جو سنئون سنڌو واسطو سماج سان آھي. انڪري ادب کي سماج جي دستاويزي فلم يا تاريخ به چئي سگھجي ٿو.  بقول فھيم نوناري جي ته ”اصل ۾ ادب جو ڪارج به اھو آھي جيڪو انساني ذھن، ضمير۽ سوچ کي متحرڪ بڻائي ڪنھن سھڻي ۽ بھتر عمل لاءِ شعوري ۽ لاشعوري طرح آماده ڪري سول سوسائٽي جون سموريون گھرجون ممڪن حد تائين پوريون ڪري سگھجن ٿيون.“ (۲۸)
دنيا ۾ ھر سماج جون پنھنجون پنھنجو گھرجون آھن. تنھن ھوندي به جيڪا ڳالھ دنيا ۾ موجود ھرسماج ۾ مشترڪ آھي اھا آھي ”انسانيت“ ۽ جيڪو به سماج ان کان وانجھيل آھي ان کي زمين جو ٽڪرو ته چئي سگھجي ٿو، پر سماج نٿو ڪوٺي سگھجي. سماج جون خوشيون ۽ ڏک ھڪ جھڙا ئي آھن ائين ڪونه آھي ته آمريڪا ۾ مرڻ واري جي ميت تي خوشيءَ جو اظھار ڪيو ويندو آھي يا وري چين ۾ ٻار جي ڄمڻ تي ماتم ڪيو وڃي ٿو. مطلب ته انسانيت جا بنيادي قدر ۽ رسمون سڄي دنيا جي معاشري ۾ يڪسان ملن ٿيون. سياسي، معاشرتي، تبديلين کانسواءِ ھر ملڪ ھر خطي جي انسانن ۾ سماجي برائيون جھڙوڪ چوري، خون، ڪوڙ، جھيڙو ۽ نشو ڪرڻ وغيره خراب ۽ برو عمل ۽ ان جي برعڪس سچائي، ايمانداري، پرھيزگاري، پيار ۽ محبت کي انسان جي سٺن ۽ معياري قدرن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو.
ادب ۾ به انھن ئي سماجي چڱاين  يا براين جو اظھار ڪيو وڃي ٿو ۽ جيڪو ادب انھن ٻنھي خصلتن تي پورو نٿو بيھي ان کي اسان وندر ته چئي سگھون ٿا، پر ادب نٿا ڪوٺي سگھون. سٺو ۽ معياري ادب ھميشه اھو مڃيو وڃي ٿو، جنھن ۾ پنھنجي ڌرتي پنھنجي ماڻھن پنھنجي ٻوليءَ جي سڳنڌ ۽ انھن ماڻھن سان وابسطـه خوشين، خواھشن، مسئلن ۽ مشڪلاتن يا ڪنھن نه ڪنھن جذباتي عمل يا ردعمل جو اظھار شامل ٿيل ھجي. تڏھن ته ادب ۽ فن کي ڪنھن قوم جي سياسي، سماجي، اقتصادي ۽ ثقافتي تاريخ ڪوٺيو ويو آھي. بقول جامي چانڊيو جي ته ”ادب ۽ فن کي انسان جي سوچ ويچار، خواھشن، خوابن، احساسن، اڌمن، خوشين، ڏکن، المين، حسرتن، ڪاميابين ناڪامين ۽ جرئتن جي حسين تاريخ  چئي سگھجي ٿو.“ (۲۹)
ھاڻي اچو ته ڪارڻ جاچيون جن جي ڪري اسان جي سنڌي اديبن پنھنجي قلم کي پنھنجي قوم جي ماڻھن لاءِ ھٿيار بڻائي ڌارين جي سندن ڌرتي ان جي وسائل مٿان وڌندڙ يلغار کي پوئتي ڌڪڻ تي مجبور ڪيو. شروعات سنڌي ادب جي اوائلي دور کان ڪيون ٿا.
سنڌي ادب پنھنجي ملڪ ۽ قوم جي سماجي، سياسي ۽ معاشي حالتن جي عڪاسي ڪرڻ ۾ ھميشه پورو لٿو آھي.  جيئن ته سنڌي ادب جي شروعات انگريزن جي سنڌي آئيويٽا جي ٺھڻ کان پوءِ شروع ٿي ۽ اڳتي ھلي جيئن جيئن ڇاپخانن جي ڪتابن جي اشاعت جا سلسلا جاري ٿيا تڏھن مختلف ادبي صنفون به ميدان تي نروار ٿيون. ھر صنف پوءِ اھا چاھي شاعري ھجي يا افسانو، داستان ھجي يا ناول سڀني صنفن کي عام ماڻھن ۾ مقبوليت حاصل ٿيڻ لڳي، پر انھن سڀني صنفن ۾ افسانو مڙئي گوءِ کڻڻ ۾ ڪامياب ٿيو. اھو شايد ان لاءِ جو ڪھاڻي شروع کان ئي ماڻھوءَ جي وندر ۽ ورونھن جو خاص ذريعو رھي آھي. ان کانسواءِ اسان پنھنجي جذبن جو اظھار ڪھاڻي وسيلي وڌيڪ موثر نموني ڪري سگھون ٿا. بقول غلام محمد گرامي صاحب جي ته ”انسان ۽ ان جي سماجي زندگيءَ جي ھر پھلو جي ترجماني جيتري افساني ۾ ٿي سگھي ٿي اوتري نه شعر و شاعري ۾ ٿي آھي نه تاريخ ۾. افسانو انسان جي ڪنھن نه ڪنھن جذباتي عمل ۽ رد عمل جي اھڙي ته سادي موثر، دلنشين ۽ ھوبھو تصوير پيش ڪري ٿو جنھن کان ماڻهو جو ذھن ھرحال ۾ متاثر ٿئي ٿو.“ (۳۰)
جيئن ته انگريزن جي دور۾ جديد تعليم جي ڪري اسان جي سنڌي ماڻھن ۾ ادبي شعور تيزي سان وڌي رھيو ھو ۽ ھو آس پاس جي ماحول ۾ رونما ٿيندڙ تبديلين جي اثرات کي ھو پنھنجي ذات اندر محسوس ڪري رھيا ھئا. مختلف ڇاپخانن جي نڪرڻ سان ادب جي اشاعت ۾ اضافو ٿيو، اخبارن ۽ رسالن جي اجراءَ انهن صنفن کي وڌيڪ سهولتون ميسر ڪيون. ان کان علاوه انهن (اخبارن ۽ رسالن جي جاري ٿيڻ سان عام ماڻهو جي سوچ ۽ فڪر جو دائرو پڻ وسيع ٿيو ۽ اديب جيئن ته عام ماڻھن جي بنسبت وڌيڪ گهري سوچ ۽ تيز مشاھدو رکندڙ ماڻهو هوندا آھن انڪري ھو، انهيءَ تبديلي ان جي اثرات کي پهريان محسوس ڪري وٺندا آهن جنهن جو اظهار هو پنھنجي قلم وسيلي عام ماڻھن تائين پھچائڻ لاءِ ڪنهن رچنا جي روپ ۾ ڪندا آهن. جيئن ته ڪهاڻي به  ڪلا جو هڪ مشهور روپ آهي ان ڪري ان وقت اسان جي سنڌي اديبن پنھنجي ڪھاڻين ۾ انهن سماجي ۽ معاشي حالتن کي پيش ڪيو ۽ جن مسئلن جو گھڻي ڀاڱي ذڪر ڪيو، انهن ۾ پنگتي سڌارو اهم موضوع هو انڪري ان دور جي ڪهاڻين جا اڪثر موضوع سماجي اڻ برابري، جديد تعليم جو حصول مرد ۽ عورت لاءِ لازمي، خاص طور تي عورتن لاءِ وڌيڪ لازمي ھئڻ تي زور ڏنو ويو. ۽ ڏيتي ليتي، بيوه جي ٻي شادي نه ڪرڻ، پسند جي شادي نه ٿيڻ، اميرن جو غريبن مٿان ٿيندڙ ظلم، سس ننهن جو جڳهڙو، مذهبي برتري، قديم عقيدن ۽ مدي خارج رسم و وراج انحرافي تي مشتمل نظراچن ٿا. جن ۾ ليکڪن جو سنڌي سماج ۾ شامل انيڪ اوڻاين  کي سڌارڻ جوعمل ڏيکاريل آهي. مثال ”لڇڻ ڪين لڌو“، ”ھيري جي منڊي“، ”ڌرم راءِ جي وھي“، ”جيوت جو جس“ ڏکن ڏڌي زندگي“، ”چمڙا پوش جون آکاڻيون“ وغيره.  انھن سڀني ڪھاڻين جي پڇاڙي ڪنھن نصيحت آميز جملي تي ٿيندي ھئي. جنھن ڪري اوائلي سنڌي ڪھاڻيءَ ۾ وندر نصيحت ۽ مقصد اھم پھلو ھئا ان سان گڏ ان وقت جي سنڌي ڪھاڻي حقيقت نگاريءَ ۾ به پنھنجو مٽ پاڻ ھئي بقول شوڪت حسين شورو جي ته ”سنڌي ڪھاڻي جي شروعات حقيقت نگاري سان ٿي جڏھن اوائلي دور ۾ ڪھاڻيڪارن جيٺمل پرسرام، لعلچند امرڏنو مل، ۽ ڀيرومل مھرچند آڏواڻي ان وقت سماج ۾ موجود برائين تي ڪھاڻيون لکيون. جيٺمل پرسرام جي ڪھاڻين جو مجموعو ”چمڙا پوش جون آکاڻيون“ (۱۹۲۲ع) جن ۾ نام نھاد سماجي ۽ ڌرمي آدرشن کي وائکو ڪيو ويو. لعلچند امر ڏنومل جي ڪھاڻي ”حر مکي جا“
سامراجن جي خلاف پير صبغت الله (پير پاڳارو) جي اڳواڻي ۾ ھلندڙ ”حر تحريڪ“ جي پس منظر پيش کي ڪندي نظر اچي ٿي. جنھن کي سنڌي ۾ مزاحمتي ادب جي پھرين ڪھاڻي چئي سگھجي ٿو.“ (۳۱)
ان کان پوءِ ادب ۾ ٻين شعبن جيان ھلچل برپا ٿي .پھرين مھاڀاري جنگ جيڪا ۱۹۱۴ ۾ لڳي ان جا اثرات دنيا جي ٻين خطن وانگر سنڌ تي به ٿيا. عجب بيچيني جي فضا ھئي جنھن ۾ چؤطرف سياسي ھلچل ۽ تحريڪن جو زور ھئو جيئن ”خلافت تحريڪ“، ”ھوم رول تحريڪ“، ”ريشمي رومال تحريڪ“ ۽ مهاتما گانڌي جي ”قطع تعلقات“ واري تحريڪ ۽ جنھن طرح ھڪ ٻئي پٺيان لڳاتار سياسي پس منظر تي رونما ٿيندڙ واقعا مثال: جليانه والا باغ  ۽ انھن جا اثرات ان وقت جي ادب ۾ ھئڻ اڻٽر ھئا انڪري هن دورجي ادب کي سياسي سجاڳي آڻڻ لاءِ هڪ ڪامياب وسيلي طور ڪتب آندو ويو. اديبن پنھنجي ڪھاڻين کي اصلاح مان بدلائي احتجاج جو ويس ڍڪايو ڇو ته بقول سبط حسن جي ته ”یہ اصلاحی ادب بیسویں صدی کی تیز رفتاری کا ساتھ نہ دے سکا جنگ بلقان و طرابلس، تحریک خلافت، جلیانہ والا باغ کا قتل عام، قصہ خوانی بازار کا سانحہ اور پھر سول نافرمانی کی ساتھ ہنگامی داروگیر میں اصلاحی ادب کی آواز کون سنتا اب تو نئی ادیبوں کی تیور ئی بدلے ہوئے تھے۔  (۳۲)
دنيا جون حالتون تيزي سان تبديل ٿي رهيون هيون، اڃا انھن تحريڪن جو زورھلي رھيو ھو ته ان دوران دنيا ۾ ھڪ عظيم انقلاب (جيڪو روس ۾ محنت ڪش مظلوم عوام جي جدوجھد جو ھڪ اعليٰ مثال ھو) رونما ٿيو جنھن سڄي دنيا جي پورھيت عوام کي نه صرف پر عزم ڪيو پر، پران انقلاب عام ماڻھن جي ستل ۽  ٿڪل جذبن ۽ خوابن کي جاڳائي انھن ۾ عجيب ھلچل مچائي ڇڏي. جنھن جو ذڪر ڪندي سوڀو گيان چنداڻي لکي ٿو ته ”پھرين جنگ عظيم ھلندي ۱۹۱۷ع ۾ روس ۾ انقلاب آيو جنھن سڄي دنيا جي نه صرف پوئتي پيل قومن بلڪـ فاتح قومن جي عوام  ۾ به انقلابي لھر ڦوڪي ڇڏي.“ (۳۳) 
اديبن پنھنجي ڪھاڻين جا موضوع انھن بھادر سپاھين، مزدورن، پورھيتن کي بڻايو جن پنھنجي ھمت، شجاعت، دليري ۽ جوانمردي سان ھڪ قابل ليڊر ( لينن) جي اڳواڻي ۾ ان خواب کي حقيقت جو روپ ڏنو. هيءُ اهو خواب هو جيڪو روءِ زمين تي پيدا ٿيڻ کان پوءِ ھر انسان جي دل جي ڪنھن خاني ۾ لڪل ھئو! سرمائيداري نظام جي ان شڪست سڄي دنيا جي مزدورن ۽ مظلوم قومن کي نئون جذبو، نئين سياسي ۽ سماجي امنگ جاڳائي. قومن پنهنجي روشن مستقبل جي ڳولا ۾ انقلاب جو پيچرو وٺي جدوجهد ڪري آزادي جا گيت ۽ ڪهاڻيون لکيون. سنڌ ۾ ان وقت نه صرف طبعزاد ڪھاڻين ۾، پر دنيا جي اعليٰ ڪلاسيڪي توڙي انقلابي ادب مان پڻ سنڌي ادب ۾ جيڪي ترجما ڪيا ويا انھن (ترجمن) مان پڻ انھي فڪر جي نشاندھي نظر ايندي. ڪيرت ٻاٻاڻي ان دور جي بدلجندڙ سوچ ۽ انداز جو ذڪر هن طريقي ڪري ٿو ته ”ويهين صدي ۾ پير وجهڻ سان دنيا ۾ وسيع پيماني تي بدل سدل نظر اچي ٿي. روس ۾ مزدور انقلاب جي سوڀ سرمائيداري جڳت ۽ عام ويچار ۾ وڏو ٿرٿلو پيدا ڪري ڇڏيو آهي. ڀارت ۾ قومي آزادي جي تحريڪ عوامي رخ وٺي رهي آهي. ڪروڙين انسان نئين ڌڙڪن محسوس ڪري رهيا آهن. ٽئگور، منشي پريم چند، اقبال ۽ شرٽ جهڙا ساهتڪار نئين روشني جي انڀوَ ۾ رسمي ڪٽيل سٽيل پيچري کان ٻاهر نڪري آيا آهن. اهڙي وسيع لهرن سنڌي ادبي افق ۾ پڻ نوان رنگ ڀرڻ شروع ڪيا آهن. ويهين صدي جو شروعاتي دور شعور ۽ شناس جو پيغام کڻي آيو. ڀارت ۾ پڻ سياسي سماجي اٿل پٿل ۽ نئين جاڳرتا جو آرنڀ ٿيو. ساهت ان جو سڏ اونايو.“  (۳۴)
انڪري هن دور جي سنڌي ڪهاڻي سياسي ۽ سماجي شعور سان سلهاڙيل نظر اچي ٿي، جن ۾ طبعزاد ڪھاڻين کان وڌيڪ ترجمن جو وڏو حصو آهي. انڪري ھن دور کي سنڌي ادب ۾ ترجمي جو دور به چيو وڃي ٿو. جنھن ۾ بنگالي ادب جي ترجمن جي پنھنجي نمايان حيثيت آھي ڇو ته شروعات ۾ گھڻي ڀاڱي بنگالي ادب ترجمي ھيٺ آندو ويو ھو. ان جو وڏو ڪارڻ برِصغير جي عظيم اديب رابندر ناٿ ٽئگور جي سنڌ ياترا کي ليکيو وڃي ٿو. ٽئگور ۱۹۲۳ ۾ جڏھن سنڌ جي سرزمين تي قدم رکيو ته سندس شاندار آجيان ٿي (ٽئگور سنڌ ۾ وشو ڀارتي يونيورسٽي لاءِ امدادي فنڊ گڏ ڪرڻ آيو ھو) ان پڻ سنڌي اديبن ۾ ڏاڍو اتساهه جاڳايو.  بقول شمس الدين عرساڻي جي ته ”ٽئگور جي انساني دوستي امن ڀائيچاري ۽ قومي امنگ وارن خيالن سنڌي اديبن کي مٿس فريفته ڪري ڇڏيو ۽ سندس سنڌ ياترا سنڌي ادب جي تبديلي ۾ سنگ ميل ثابت ٿي.“(۳۵)
انڪري ئي ٻين ٻولين جي جي ڀيٽ ۾  بنگالي ادب مان ٿيل گھڻا ترجما سندس (ٽئگور) سنڌ اندر مقبوليت کي ظاھر ڪن ٿا. ان سلسلي ۾ سندس ڪيترين ئي ڪھاڻين جا ترجما شامل آھن جن ۾ داراجنداس آڏواڻي جنھن سندس ھڪ ڪھاڻي ”پريم جو راز“ جي نالي سان ترجمي ھيٺ آندي ان کانسواءِ گرڌاري ڪرپالاڻي ”ٽئگور جون آکاڻيون“ نالي ڪتاب لکيو جنھن ۾ ٽئگور جي مشھور ڪھاڻي ”ڪا بولي والا“ به شامل ھئي. ان ئي سلسلي کي قائم رکندي منشي پريم چند جون سياسي ۽ سماجي موضوعن تي لکيل ڪهاڻيون به شايع ڪيون ويون. ان کان علاوھ بنگالي ادب مان جن ڪھاڻيڪارن جون ڪھاڻيون ترجمو ڪيو ويون انھن ۾ ”بنڪم چئٽرجي“، ”گجيندر متر“، ”پرشاد چئٽرجي“، ”نارائڻ پرشاد“، ”منش گھاتڪ“ وغيره شامل آھن. ان سان گڏ سنڌي ڪھاڻي ۾ ترجمي جي دور جي باقاعده شروعات ٿي. ترجمي جي اهميت بيان ڪندي مشهور ڏاهو اديب دانشور محمد ابراهيم جويو لکي ٿو ته ”انسان فڪر جي واڌ ۽ پکيڙ دنيا ۾ جيتري ترجمن وسيلي ٿي آهي ۽ ٿي رهي آهي، اهڙي ڪنهن به ٻئي ذريعي سان ٿي نه سگهي آهي.“  (۳۶)
انڪري بلاشبه چئي سگهجي ٿو ته  ترجمي سنڌي افسانوي ادب ۾ نئين فڪر ۽ نئين شعور جي شروعات ڪئي جنهن سان ادب جي موضوعات ۾ وسعت پيدا ٿي. اديبن سائنسي شعور ۽ عقلي بنياد سان سلهاڙيل شعورکي پنهنجي ڪهاڻين جو موضوع بڻائي پراڻن مدي خارج سماجي، سياسي ۽ مذهبي نظرين جا ڪوٽ ڊاهي نئون عوام دوست ترقي پسند روشن خيال ادب متعارف ڪرايو. جنهن جو مقصد فاشسٽ قومن کان انقلاب ۽ جدوجهد ذريعي آزادي حاصل ڪري نئين قومي سماج جي اڏاوت ڪئي وڃي جنهن ۾ رهندڙ هر ماڻهو پنهنجي زندگي جي بهتر تشڪيل ڪري سگهي.
ترجمن سان گڏو گڏ طبعزاد افسانن ۾ هندو ليکڪن سان گڏ مسلمان ليکڪن پڻ پاڻ موکيو جن ۾ سرفهرست مرزا قليچ بيگ هو. هن ۱۹۱۴ع ”شريف بيگم“ نالي افسانو لکيو جيڪو جديد فڪر جي ترجماني ڪندي نظر اچي ٿو، جنهن ۾ افساني جو هڪ ڪردار ميان محمد امين جيڪو هڪ اخبار ۾ ڪم ڪندو هو ۽ غربت، مفلسي جو شڪار هو، پر ان ڪڏهن به همت نه هاري ۽ آخرڪار هو پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. مرزا قليچ بيگ طبعزاد افسانن سان گڏ ڪيترا ئي افسانا ترجمو پڻ ڪيا جن ۾ شرلاڪ ھومز جو ڪھاڻيون ۽ شيڪسپيئر جا مختلف ڊراما ماخوذ ڪري سنڌي زبان تي سڀ کان وڏو احسان ڪيو.  ان علاوه ٻين مسلمان ليکڪن جا جيڪي تاريخي سياسي ۽ سماجي افسانا شايع ٿيا انهن ۾ پير حسام الدين جو لکيل تاريخي افسانو ”انارڪلي“ جو جهانگير بادشاهه ۽ انارڪلي جي محبت تي مبني افسانو آهي. لطف الله بدوي جو ”غريبت“ جنهن ۾ اسڪول ماستر جي زندگي جو نقشو پيش ڪيو آهي ۽ ”خوفناڪ بدلو“ سندس ٻي مشهور ڪهاڻي آهي جنهن ۾ ڳوٺاڻي ماحول ۾ زمينداري ظلم جي تصوير پيش ڪئي ويئي آهي. عبدالله عبد جو سماجي افسانو ”اسڪول ماسترياڻي“ ۽ ”اتفاق“  پڻ هن دور ۾ شايع ٿيا.
۱۹۳۲ع ۾ بوچند راجپال شڪارپور مان ”سنڌو“
رسالي جو اجراءُ ڪيو. هن رسالي ڪيترن ئي ليکڪن کي اهڙو ادبي پليٽ فارم مهيا ڪيو. جنهن مان ڪيترا ئي ليکڪ ادب جي اعليٰ منصب تي رسيا جن ۾ سرفهرست مرزا نادر بيگ هو. سندس ڪهاڻيون گهڻي ڀاڱي موهني جي عنوان هيٺ لکيل آهن جن ۾ ”موهني“ موهني جي آهه ”موهني جي دل جو داغ“، ”موهني جي فتح“، ”معشوق موهني“ وغيره شامل آهن. هن سماجي حالتن سان گڏ محبت جي نازڪ جذبي سان ٽمٽار ڪهاڻيون لکي، انسان جي جذباتي قدرن ۽ انسانيت جي اعليٰ گڻن کي اجاگر ڪيو.  مثال طور سندس ڪهاڻي ”معشوق موهني“ ۾ هو لکي ٿو ته ”جن کي اسين ٿياسافيڪل سوسائٽي ۾ مرشد يا گرو سڏيون ٿا اهي ئي اسان جا سچا معشوق آهن. انهن سان ئي دل عشق ۾ اڙيل آهي جنهن جي ڇڪ اسان کي واچن طوفانن ۽ گوڙ ۾ به انهيءَ پيچري تي اچي چاڙهيو آهي. اهي ئي معشوق قدردان ۽ منصف مزاج آهن جي ڪڏهن ڪنهن کي ڏکوئين ڪين. (۳۶) ص ۱۳۱  ڪهاڻي”ماءُ جي محبت“ ۾ هن مرد طرفان عورت سان ٿيندڙ استحصال کي ظاهر ڪري ٿو. هو لکي ٿو ته ”رام لعل سکر جي ڪنهن ڪارخاني ۾ ٽيهين رپئي تي نوڪر هو انهي سان ئي چندن مل پنهنجي ڀاڻيجي ڪملا جي شادي ڪرائي ڇڏي. شادي کان اڳين چند مل اها خبر رکڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي ته جنهن سان گڏ ڪملا کي پنهنجي حياتي گذارڻي آهي انهي جي چال چلن ڪهڙي آهي  هو ته اهڙي گهوٽ جي ڳولا ۾ هو جنهن کي ڏيتي ليتي ۾ ڪجهه نه ڏيڻو پويس.“ (۳۸)             
نصير مرزا سندس ڪهاڻين جي اهميت کي بيان ڪندي لکي ٿو ته ”افسانوي ادب جي کيتر ۾ هن اهڙيون ئي ڇرڪائيندڙ ۽ بولڊ وکون کنيون ۽ ان وقت موجود هندو مسلم ۽ پارسي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ لاءِ بطور اديب ۽ انسان دوست سفير جي پنهنجي ڪهاڻين ۾ مکيه رول ادا ڪرڻ جي ڪوشش به پئي ورتي ان کان به اڳتي فني سطح تي ڪهاڻي هن وٽ اسلوب، ٽيڪنيڪ ٽريٽمينٽ ۽ ٻولي جي سطح تي انتهائي سڌريل ۽ صفا صاف نظراچي ٿي.“ (۳۹)
مرزا نادر بيگ جون ڪهاڻيون جتي جذبات تخليل پرستي ۽ رومانيت جون مظهر نظر اچن ٿيون اتي امرلعل هنڱوراڻي جون ڪهاڻيون حقيقت نگاريءَ جو اعليٰ مثال پيش ڪن ٿيون.  ”ادو عبدالرحمان“ سندس اها جڳ مشهور ڪهاڻي آهي جا دنيا جي مختلف زبانن ۾ ترجمو ڪئي ويئي. هن ڪهاڻي ۾ هن هڪ اهڙو فقير منش ڪردار گهڙيو آهي جنهن جي صاف گوئي عدالت ۽ انصاف جي ٿنڀن کي جهنجهوڙي ڇڏي ٿي. هن ڪهاڻي کي يونيسيڪو طرفان بهترين ڪهاڻين جي انتخاب ۾ پڻ شامل ڪيو ويو. ان کان علاوه هن ”هي به راجهو سندي رمز“ جيڪا جديد فڪر جي ترجماني ڪندي نظر اچي ٿي. ”ڏس ڏيو ڪٿا لڀندي“، ”رام رحيم“، ”لکيو ڪين ٽريو“ وغيره جي نالي سان منفرد اسلوب سان ڀرپور بامقصد ڪهاڻيون لکيون.  سندن ڪهاڻين بابت راءِ ڏيندي جڳديش لڇاڻي لکي ٿو ته ”امر لعل هنڱوراڻي پنهنجي ڪهاڻين ذريعي سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ هڪ موڙ آندو هن کا اڳ جتي سنڌي ڪهاڻي ۾ سماجڪ مسئلن جي روڄن- پٽڪي جي ڀرمار هئي اتي هن انساني من ورتين ۽ ڀاونائن کي آڌار بڻائي ڪردار نگاري جا سهڻا مثال پيش ڪيا. وشيه جي نواڻ سان گڏو گڏ، امر لعل جي ٽيڪنيڪ به پڪي پختي ڪم آيل آهي جيڪا هن کان اڳ وارين ڪهاڻين ۾ عدم پيدا هئي.“ (۴۰)
هنن ڪهاڻيڪارن سان گڏ عثمان علي انصاري جنهن جي ڪهاڻين جو ڳٽڪو ”پنج“ عنوان هيٺ ڇپيو جنهن ۾ سندس مشهور ڪهاڻي ”ململ جو چولو“ هئي جيڪا عورت جي صبر ۽  وفاداري جي عيوض مڙس جي بي وفائي کي ظاهر هئي. ان کانپوءِ سنڌي افساني ۾ ترقي پسند دور ۾ شامل جيڪو پاڻ سان گڏ نئون سياسي، سماجي ۽ اقتصادي نظريو کڻي آيو. جنهن تحت ليکڪ تي سماج سڌار هئڻ سان ماڻهن ۾ قومي شعور جي جاڳائڻ جي زمينداري پڻ رکي ويئي. انڪري ان وقت جي ڪهاڻين جا گهڻا موضوع آزادي جي تحريڪن جي پسمنظر هيٺ نظر اچن ٿا جن انگريزن جي خلاف باغيانه خيالات ۽ جذبات سان گڏ سرمائيدار ۽ جاگيردار جي ظالم ڪردار کي ننديو ويو. غريب مزدور ۽ هارين جي حقن جي پاسداري ڪئي ويئي ۽ آزادي جي لاءِ اجتماعي جدوجهد تي زور رکيو ويو. انڪري ان وقت جا افسانا گهڻي ڀاڱي انگريز سامراج خلاف بغاوت، غلام ۽ سرمائيدار نظام خلاف گڏيل احساس جو بيدارڪندي نظراچن ٿا. جن ۾ شيخ اياز جو لکيل افسانو ”سفيد وحشي“ جيڪو انگريز سرڪار خلاف نفرت جو کلم کلا اظهار پيش ڪري ٿو اهم آهي ان کانسواءِ اتمچنداڻي جي  ”شڪست“ ۽ آخر ”ڪيستائين“  گوبند پنجابي جي ”نيلو“ جيڪا غريب مزدور ٻار جي موت جي الميي کي ظاهر ڪري ٿي.  گوبند مالهي جي ”غم جي ڪهاڻي“ ۽ ”هاري حقدار“ سماج ۾ هاريءَ جي ڪردار کي اڀارڻ جي نشاندهي ڪندي نظر اچي ٿي. ان کانسواءِ هارين ڪرشن کڻواڻي جي ”ڪتي جو موت“ حشو ڪيولراڻي جي ”پدم“ ڪيرت ٻاٻاڻي جي ڪهاڻي ”آزادي جو سڏ“ وغيره سياسي سماجي هلچل جي فڪر سان سلهاڙيل ڪهاڻيون آهن. جن جو مقصد انسان جي عظمت کي ظاهر ڪرڻ ۽ کين پرمار قوتن جي قيد مان رهائي ڏيئي آزادي جي منزل ماڻڻ هو. ورهاڱي کان پهرين افساني هن مختصر اڀياس مان سنڌي ڪهاڻيءَ جي مقام ۽ معيار جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪيئن هن (ڪهاڻي) مختلف سياسي ۽ سماجي فڪري مرحلن اندر پاڻ موکيو.
ورهاڱي بعد سنڌي ادب  پنهنجي زمان و مڪان جي حالتن،  مختلف   سياسي ۽ معاشي نظرين ۽ نون تهذيبي  وتمدني  فڪرن، ريتن، رسمن ۽ بدلجندڙ سماجي قانونن  جي پرچار  بڻجي اڀريو. ڇاڪاڻ ته ادب  جو انهن سڀني محرڪن ۽ رجحانن کان اثرانداز هڪ لازمي جز مڃيو وڃي بقول ڊاڪٽر غلام علي الانا جي ته ”ڪنهن به قوم جو ذوق جمال ان قوم جي نظرين، اعتقادن، ان قوم جي سماجي قانونن، ان جي اخلاقي رجحانن ۽ تاريخ کان بي نياز ۽ بي تعلق رهي نٿو سگهي، پر اهو سدائين ان جي اجتماعي شخصيت جي زير اثر رهي ٿو. ذوق جمال پنهنجو مڪمل مظاهرو لطيف فنن جي ذريعي ڪندو آهي. اهوئي سبب آهي هر قوم جو لطيف فن ان قوم جي فردن لاءِ ذوق جمال جي تربيت جو موثر ترين ذريعو آهي.“ اهي ڪهڙا تهذيبي، تمدني، لساني، سماجي  ۽ فڪري لاڙا آهن جن  سنڌي ادب کي اثرانداز ڪيو انهن جو مختصر بيان اڳتي ايندڙ  بابن ۾ شامل آهي.
حوالا
(۱) خواجـه نور افروز ”سنڌي نثر جو جائزو“ گلشن پبليڪيشن حيدرآباد سنڌ .
(۲) شيخ اياز”جي تند برابر توريان“ سنڌي ادبي اڪيڊمي ۱۹۹۸ ص ۴۲ .
(۳)  ٻاٻاڻي ڪيرت ”سنڌي ڪھاڻي جو شروعاتي دور“ مهاڳ ص ۵۹.
(۴)  ويهين صدي ۽ سنڌي ڪھاڻي افساني جو سماجي ڪارج  فريڊم ٽـه ماھي .
(۵) عرساڻي شمس الدين ”آزاديءَ کانپوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر“ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي يونيورسٽي آف سنڌ ڄام شورو ۱۹۸۲.
(۶) مقدمو بلوچ نبي بخش ڊاڪٽر ”لوڪ ڪھاڻيون“ جلد ۱ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.
(۷) سبط حسن ”ادب اور روشن خيالي“ مرتب سيد جعفر احمد (کیا شہزادوں جِنوں بھوتوں کی کھانیاں بچوں کے لیے مفید ہیں).
(۸) ملڪاڻي منگهارام ”سنڌي نثر جي تاريخ“ روشني پبليڪيشن حيدرآباد   ص ۳۸.
(۹)  مقدمو:  سنڌي افساني جي اوسر اوائلي دور ص ۷ .
(۱۰) سنڌي ادب  ليکڪ حسام الدين راشدي ترجمو غلام محمد لاکو سنڌي تحقيقي بورڊ حيدرآباد ۱۹۹۶.
(۱۱) فن افسانه نگاري ۽ موجوده سنڌي افسانو   عبدالڪريم.
(۱۲) جوڻيجو عبدالجبار”سنڌي ادب جو مطالعو“ افسانو ڪهاڻي ص ۱۵۷
(۱۳) لڇاڻي جڳديش”سنڌي ڪھاڻي جي اوسر“ ريٽا پبليڪيشن الهاس نگر۱۹۹۱.
(۱۴) ماھوار سھڻي امر جليل نمبر، ص ۲۰۸ .
(۱۵) عرساڻي شمس الدين”مختصر ڪهاڻي جو فن ۽ ارتقا“ سهڻي ڪتابي سلسلو ص ۷۸.
(۱۶)  مهاڳ نجم عباسي طوفان جي تمنا  ڇاپو ٻيو زيب ادبي مرڪز حيدرآباد.
(۱۷) An introduction to the study of literature William. Henry .Hudson .
(۱۸) شيخ اياز ”خط  انٽرويو  تقريرون“ مهاڳ رشيد ڀٽي  ڀاڱو ۱ ص ۱۹۱.
(۱۹) ابراهيم خليل ڊاڪٽر”ادب ۽ تنقيد“ ص ۱۴.
(۱۹) ابڙو جمال: ”ڪھاڻيون، مضمون ۽ شخصيت“ ص ۱۲ .
(۲۰) ڊاکٽر گيان چند : نقوش مئي   ۱۹۶۵ ص ۱۲۰.
(۲۱) عشرت علي خان”علم ادب حيدرآباد“ (سنڌيڪار آڪاش سنتورائي ۽ عنبرين ھسباڻي) اداراڪ پبليڪيشنز ص ۳۱۸ .
(۲۲) لغاري گل حسن ڊاڪٽر”مهراڻ“ آڪٽومبر نومبر۽ ڊسمبر ۱۹۸۵.
(۲۳) قاضي خادم ”ادب ۽ روايتون“ ادب جو سماجي ڪارج  سنڌي ساهت گهر حيدآباد ۱۹۹۲ ع، ص ۲۷.
(۲۴) ميمڻ عبدالغفور”سنڌي ادب جو فڪري پس منظر“ ڊاڪٽر  ص ۴۵۰.
(۲۵) صديقي حبيب الله ”ھڪ قلم ھڪڙو مان“ مرتب محمد عثمان منگي ص ۱۲۸.
(۲۶)  ”ادب زندگي ۽ سماج“ (مھراڻ اڪيڊمي) ص ۱۴۲.
(۲۷) ابڙو جمال”آءُ به جاڳي پوندس“ هڪ عظيم افسانه نگار فهيم نوناري ۴۹۴.
(۲۸) ) چانڊيو جامي ”ادب سياست ۽ سنڌي سماج“ ص ۳۶.
(۲)  گرامي غلام محمد ”امر جليل افسانوي فن“ سھڻي امرجليل نمبر آگسٽ  ۱۹۷۳  ص ۱۱.
(۳۰ شورو شوڪت حسين ”سنڌي ڪھاڻي ۾ نوان لاڙا“ ص ۳۴۲ـ ۴۳.
(۳۱) سجاد ظهير”روشنائي“ ديباچه سيد سبط حسين، ص ۱۴.
(۳۲) گيان چنداڻي”تاريخ جا وساريل ورق“(ٻـه مھاڀاريون لڙايون ۽ اڄ جي متحد ٿيل جرمني، ص ۷۵.
(۳۳) ٻاٻاڻي ڪيرت ٻاٻاڻي”پيهي منجهه پاتار“ آرميڪ سنڌي ساهتيـه پرچار يوجنا پونا ص ۱۰ ـ ۱۱.
(۳۴) آزادي کانپوءِ سنڌي افسانوي ادب جي تاريخ :  ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي.
(۳۵) ص ۶ : محمد ابراهيم جويو: ڳالهيون ڪتابن جون تعارف از: جامي چانڊيو سنڌي اديبن جي سهڪاري  سنگت  حيدرآباد سنڌ ۲۰۰۰.
(۳۶) ”مرزا نادر بيگ جون ڪهاڻيون“، مرتب نصير مرزا
(۳۷) ايضاً
(۳۸) ايضاً
(۳۹)  ”مرزا نادر بيگ جون ڪهاڻيون“ مرتب نصير مرزا انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي  يونيورسٽي آف سنڌ ڄام شورو ۱۹۹۲ ع، ص ۲۲.          
(۴۰) لڇاڻي جڳديش صوڀراج سنڌي ڪهاڻي جي اوسر ”ريٽا پبليڪيشن الهاس نگر ۱۹۹۱ع، ص ۶۸.
(۴۱) ڊاڪٽر غلام علي الانا ”سنڌي ثقافت“ صداءِ مهراڻ  مهراڻ ميڊيڪوز آرگنائيزيشن ڊو ميڊيڪل ڪاليج ڪراچي ۷۱-۱۹۷۰.

(ٽه-ماھي مھراڻ ۲۰۱۳-۲ع، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو تان کنيل)

No comments:

Post a Comment