Friday, August 2, 2019

ڊپ موت جو وکر آهي - امر لغاري


ڊپ موت جو وکر آهي
مختصر ڪهاڻي
امر لغاري
مون جڏهن پهريون ڀيرو هڪ سرڪاري پرائمري اسڪول مان پنھنجو ٻار ڪڍائي، پرائيويٽ اسڪول ۾ داخل ڪرايو ته هو ڏاڍو خوش ٿيو. اسڪول جي استادن جي چوڻ تي کيس ڪاپيون ڪتاب به وٺي ڏنم. اسڪول اچڻ وڃڻ لاءِ رڪشا به رکي ڏنم. ڪجھه ڏينهن ته هُن جا ڏاڍا سٺا گذريا. پر پوء، مهيني ڏيڊ بعد هڪ ڏينهن هو جڏهن اسڪول کان موٽيو ته دروازي تان ئي روئڻ شروع ڪيائين. ڏاڪڻ چڙهي مٿي جڏهن گھر جي ڪمري تائين پهتو ته ٿيلهي مان ڪتاب ڪڍي هڪ هڪ ڪندو اڇلائيندو ويو. اسان جيڪي به گھر ڀاتي ويٺا هئاسين، ڊوڙي وٽس پهتاسين. پڇيوسينس، ”بابا، ڇا ٿيو؟ ڇو پيو ڪتاب اڇلائين؟ ماستر مار ڏني اٿئي يا ڪنھن ...؟“


پر هن جي اها ئي رون رون جاري رهي.
”بابا، ٻڌاءِ نه، آخر ڇا ٿيو؟“
”آئون اِن اسڪول ۾ نه پڙهندس...“
”ڇو؟ ڇو نه پڙهندين؟“ مون پڇيو.
”استاد چئي ٿو ... قيامت ايندي ...“
”قيامت ايندي؟“ مان حيرانيءَ ۾ ڏانهنس ڏسڻ لڳس.
”چئي ٿو... اسين سڀ مري وينداسين... آئون به مري ويندس...“هن سڏڪندي سڏڪندي چيو؛ ”مان ڪو نه ويندس اسڪول...“
”اسين ڇو مرنداسين؟“ مون ڪاوڙ ڏيکاريندي چيو؛ ”ماستر ڪو وڏو بيوقوف آ جو اسان جي ٻار کي چئي ٿو ته تون مري ويندين؟ اهو ڪهڙو ماستر آهي؟“
مان هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳس. مون کي ماستر تي سخت ڪاوڙ آئي.
”ٻار اڃا چڱي ريت اسڪول مان واقف ئي نه ٿيو آهي جو هُن کي موت کان ٿو ڊيڄاري، ۽ مٿس قيامت جو رعب ٿو ويهاري ... اهو به ستن سالن جي ٻار تي؟“ مون پنهنجي گهر واريءَ ڏانهن ڏسندي چيو. هوءَ به حيران ۽ پريشان ٿي ويئي هئي.
”افسوس آهي!“ هُن پنهنجي منهن ڀڻ ڀڻ ڪندي، ٻالڪ سان مخاطب ٿيندي چيو؛ ”سڀاڻ اسان جو پٽ اِن اسڪول نه ويندوِ. ڏسون، قيامت ڪيئن ٿي اچي؟“
”ها، اسان جو گُلڙو هاڻ اِن اسڪول نه ويندو. ڏسون ماستر جي قيامت ڪيئن ٿي اچي!“ مون ننڍڙي کي پنهنجي هنج ۾ کنيو ۽ سندس ڳِل تي پيار ڪيو. هُن جا ڳوڙها هٿن سان اگھي، کڻي کيس هنڌ تي ليٽايو.
هُو ماني کائڻ بنا ئي خوابن ۾ هليو ويو.

No comments:

Post a Comment