Tuesday, August 27, 2019

پندرنھن سال وارنٽي


پندرنھن سال وارنٽي
مختصر ڪھاڻي
بابر جاگيراڻي
سيٺ سرور پنهنجو نئون بنگلو، شهري گوڙ گھمسان کان پري، نئين سوسائٽيءَ ۾ نڪور نقشي تحت، هڪ تعميراتي ڪمپنيءَ کي تعمير ڪرائڻ لاءِ آڇ ڏني. سيٺ، ڪمپنيءَ جي گھرج مطابق، رقم ڏيڻ لاءِ، ان شرط تي راضي ٿيو ته ايندڙ پندرنهن سالن تائين بنگلي جي ڪم ۾ ڪنهن به قسم جي نقص جي بحالي، ڪمپني جي ذمي هوندي.
ڪمپني ٽن سالن اندر، سيٺ جي گھرجن مطابق معياري اڏاوت ڪرائي، بنگلو تيار ڪيو.
سيٺ سرور، ڪمپنيءَ کان پندرنهن سالن جي وارنٽيءَ وارا صحيح ٿيل دستاويز کڻي، نئين بنگلي ۾ شفٽ ٿي ويو.
سيٺ، پھرين رات ئي، نئين بنگلي اندر، دل جو دورو پوڻ سبب، فوت ٿي ويو.

No comments:

Post a Comment