Sunday, August 4, 2019

اڻ لکي اوکي ڳالھ - عرفان شيخ


اڻ لکي اوکي ڳالھ
مختصر ڪھاڻي
عرفان شيخ
Image may contain: 1 personڪنھن اڻواقف سان ڪچھري ٿي. ڪچھريءَ دوران ھڪڙي حيران ڪندڙ ڳالھ ٻڌايائين.
قبرستان ۾، تازو دفن ٿيل ھڪڙي ماڻھوءَ جي قبر کوٽي، ڪا بلا سندس ھٿن جا آڱوٺا کائـي ويئي ھئي.
جاچ ڪرڻ تي خبر پئـي ته آڱوٺا کاڌل نه پر ڪپيل ھئـا. گمان نه پر پڪ ٿي ته اھا ڪا بلا ناھي، جنھن اھو ڪم ڪيو آھي.
وڌيڪ جاچ ڪئي وئي. جاچ جياڳڀرائـي ۾ خبر پئـي ته مرحوم جي اولاد مان ڪنھن سندس آڱوٺا ڪپيا. ڇو جو کيس ڪنھن دستاويز تي ھڻي، ڪا وصيت پنھنجي نالي تي ڪرڻـي ھئي.

(ليکڪ جي فيسبڪ وال تان کنيل)

No comments:

Post a Comment