Sunday, August 4, 2019

معمول مطابق - عنايت ميمڻ


معمول مطابق
مختصر ڪھاڻي
عنايت ميمڻ
معمول مطابق، هن جي دوڪان آڏو گاڏي بيھاري. گاڏيءَ جي چئني ويلن جي ھوا، کانئس هوا چيڪ ڪرائي، پوري ڪرائي. معمول مطابق هن جي تريءَ تي ويھين جو نوٽ رکيم ته نوٽ کي ڏسي، حيرت ۽ وڌيڪ تقاضا واري لھجي ۾ چيائين؛ ”سائين ٽيھ روپيا ٿيندا.“
”پيارا! مهيني کن ۾، ڪهڙو انقلاب اچي ويو آ!“ مون کلندي چيس؛ ”جو ويھن مان ٽيھ رپيا ھوا جا ٿي ويا آھن؟؟!“
”سائين!“ اکيون ٻوٽي رکائيءَ مان جواب ڏنائين؛ ”ڊالر جو ريٽ چڙھي ويو آھي.“
معمول مطابق، سندس بجليءَ جي تارن ڏانھن ڏٺم، جيڪي بجليءَ جي ٿنڀي تان اچي رھيون ھيون. حيرت ٿي، اھي معمول مطابق، ساڳي ڪنڍيءَ تي ھلي رھيون ھيون.

No comments:

Post a Comment