Saturday, August 17, 2019

تبديليءَ جي چانئٺ تي


تبديليءَ جي چانئٺ تي!
مير قائم خان ٽالپر
۳ جولاءِ ۱۸۸۳ع تي جرمن ٻولي ڳالھائيندڙ وچولي خاندان ۾ يھودي والدين جي گھر چيڪ ريپبلڪ ۾ ھڪڙي ٻار جنم ورتو، جنھن جو نالو پيءُ ماءُ فرانز ڪافڪا رکيو. ابتداءَ ۾ ھن جي دلچسپي تاريخ، يوناني ۽ لاطيني زبانن ۾ ھئي، پوءِ ھن قانون ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي ۽ اڳتي ھلي ھن قانون ۾ سند حاصل ڪئي. اڳتي ھلي ھن جي دوستي ميڪس براڊ سان ٿي، جيڪو بنيادي طور تي رائيٽر ھو. ميڪس براڊ جي دوستي ڪافڪا کي ادب ڏانھن راغب ڪيو. ۱۹۰۹ع ۾ ھن پنھنجي ادبي زندگيءَ جو آغاز ڪيو. اڄ به ويھين صدي جي بھترين ناول نگارن ۾ ھن جو نالو سرِفھرست آھي، جنھن جاءِ تي ھي پيدا ٿيو ھو اڄ اُھا جاءِ ھن جي تصنيفن جي نمائش جي لاءِ مختص ڪئي وئي آهي. فرانز ڪافڪا ٽي بي جي مرض ۾ ۱۹۲۴ع ۾ صرف ۴۱ سالن جي ڄمار ۾ ھن دنيا ۾ موجود ۽ اچڻ واري نسلن کي جھنجھوڙيندي ھن دنيا مان ھميشه جي لاءِ ھليو ويو، ليڪن ويندي ويندي ڪافڪا پنھنجي ڪمري ۾ ضعيفي جي عالم ۾ لوھ جي پلنگ تي ليٽيل آهي ۽ ھن جو دوست ڪلوپٽڪ ڪمري کان ٻاھر وڃڻ لڳي ٿو ته ڪافڪا ضعيف آواز ۾ ھن کي چوي ٿو ڪيڏانھن ٿو وڃين؟ ويھ آئون اوھان کي ڇڏيو پيو وڃان، ھي ڪافڪا جا آخري لفظ ھئا. ڪافڪا ھليو ويو، ليڪن ھن جا لکيل ورق اسان وٽ رھجي ويا، جيڪي اڄ به اسان جي ھن نسل ۽ اچڻ واري نسل کي جھنجھوڙڻ جي لاءِ ڪافي آهن. ڪافڪا جي ھيءَ لکيل ڪھاڻي ”قانون جي چانئٺ تي“ ائين لڳي ٿو ته ڄڻ ھن جي نظر اسان جي معاشري تي ھئي. ھو لکي ٿو ته، ”قانون جي اڳيان ھڪڙو پھريدار بيٺو آهي، انھي پھريدار وٽ ھڪڙو ڳوٺاڻو اچي ٿو ۽ اندر وڃڻ جي اجازت گھري ٿو. پھريدار ھن کي ٻڌائي ٿو ته ھن وقت ھو ھن کي اندر وڃڻ جي اجازت نٿو ڏئي سگهي. اھو ھمراھ انھي جواب تي سوچي ٿو ۽ پڇي ٿو، ڇا پوءِ هن کي اجازت ملي سگھي ٿي؟ ھا اهو ممڪن آهي، ليڪن ھن وقت نه! پھريدار ھن کي جواب ڏي ٿو. جيئن ته دروازو حسب معمول کليل رھيو ۽ پھريدار ھڪ طرف ٿي بيهي رھندو آھي. اھو ھمراھ اڳيان جھڪي دروازي مان جھاتي پائي اندر ڏسڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. اهو ڏسي پھريدار ٽھڪ ڏئي چوي ٿو، جيڪڏھن تون ايترو بيچين آھين ته منهنجي اجازت کان سواءِ اندر وڃڻ جي ڪوشش ڪر ليڪن ياد رک آئون سگھو آھيان پر ٻين سڀني پھريدارن کان گھٽ. اڳيان ھر حال کان ٻاھر ھڪ پھريدار بيٺو آهي ۽ ھر پھريدار پھرين کان وڌيڪ سگھو آھي. ٽيون پھريدار ته اھڙو خوفناڪ آھي جو مون ۾ به ھن جي اڳيان اچڻ جي ھمٿ نه آهي.


ھي اھڙيون ته ڏکايون ھيون، جن جي باري ۾ ھن ڳوٺاڻي ھتي اچڻ کان پھرين ڪڏھن سوچيو ئي ڪو نه ھو. ھو سوچي ٿو ته قانون ھر فرد جي لاءِ ۽ ھر وقت قابل حصول ھجڻ کپي، ليڪن ھاڻي سامھون سمور جي کَلَ واري ڪوٽ ۾ ملبوس وڏي چهنبدار نڪ ۽ تاتارين جھڙي ڊگھي سنھڙي ڪاري ڏاڙهي واري پھريدار کي ڏسي ٿو ته فيصلو ڪري ٿو ته اهو ئي بھتر آهي ته اجازت ملڻ تائين ھتي ئي انتظار ڪريان. پھريدار ھن کي ھڪڙو تختو ڏي ٿو ۽ ھن کي دروازي جي ھڪڙي پاسي ۾ ويھڻ جو چوي ٿو. اُتي ھو ڏينھن کان وٺي سالن تائين انتظار ڪندو آهي. گڏوگڏ اجازت حاصل ڪرڻ جي لاءِ ھو ڪافي ڪوشش ڪري ٿو ۽ پنھنجي مسلسل اسرار سان ھو پھريدار کي بيزار ڪندو رھندو آھي. پھريدار ھن سان ڳالهائيندو آهي، ھن کان سندس گھر ۽ ٻين معاملن متعلق سوال پڇندو آھي، ليڪن اهي سوال بي نيازيءَ ۾ ڪيا ويندا آهن، جيئن وڏن جاگيردارن جو انداز ھوندو آھي. ھو پنھنجي گفتگو ھميشه انھيءَ بيان تي ختم ڪندو آهي ته ھن کي اندر وڃڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. اُنھيءَ ڳوٺاڻي، سفر جي لاءِ تمام گهڻو سامان ٻڌي رکيو آهي. اھو سڀ جو سڀ، چاھي اُھو ڪيترو به قيمتي ڇو نه ھجي، رشوت جي طور تي پھريدار جي حوالي ڪريو ڇڏي. پھريدار ھر رشوت قبول ڪري ٿو، ليڪن ھميشه انھيءَ حجت سان ته آئون اهو سڀ ڪجھ صرف انھيءَ لاءِ وٺي رھيو آھيان ته جيئن تون اهو نه سوچين ته تو کان ڪا ڪسر باقي رھجي وئي ھجي. انھن سڀني سالن ۾ اھو ڳوٺاڻو پنھنجو توجه تقريبن مڪمل طرح انھيءَ پھريدار تي مرڪوز رکي ٿو، ايستائين جو ٻين پھريدارن جو خيال ھن جي ذھن مان ختم ٿي ٿو وڃي. اهو ئي پھريون پھريدار ھن کي لڳي ٿو ته قانون تائين پھچڻ ۾ واحد رڪاوٽ آهي. ھو پنھنجي بدبختيءَ تي شروع جي سالن ۾ جارحانه طور تي ۽ باآوازِ بلند پنھنجو پاڻ کي پاراتا ٿو ڏئي ۽ پوءِ ھو جيئن عمر رسيده ٿيندو آهي، ھو صرف بڙ بڙ ڪندو رھندو آھي. ھن جي مزاج ۾ ٻالڪپڻو اچيو وڃي ۽ سالن کان پھريدار تي نظر رکڻ سان ھو انھيءَ جي سمور جي ڪوٽ جي ڪالر ۾ موجود پسون تائين کان واقف ٿي ويندو آهي. ھو انھن پسون کي درخواست ڪري ٿو ته ھو ھن جي مدد ڪن ۽ پھريدار جو ذھن تبديل ڪن. آخرڪار هن جي نظر ڪمزور ٿيڻ لڳي ٿي ۽ ھو نٿو ڄاڻي ته آيا ھي ئي دنيا تاريڪ آهي يا ھن جون اکيون ھن کي ڌوڪو ڏئي رھيون آھن؟ ليڪن ھن اونداهيءَ ۾ ھاڻي ھو اھڙي چمڪ جو ادراڪ ڪري ٿو وٺي، جيڪا قانون جي دروازي مان مسلسل ويھندي ٿي اچي. ھو ھاڻي ٿوري ئي عرصي جو مھمان آھي. مرڻ کان اڳ ھن جي زندگي جا تمام تجربا ھن جي ذھن ۾ ھڪڙي نقطي تي جمع ٿي ٿا وڃن. ھڪ سوال جيڪو ھن اڃا تائين پھريدار کان نه ھو پڇو، اھو اشاري سان پھريدار کي پنھنجي قريب سڏي ٿو، ڇو ته ھن ۾ پنهنجي جسم کي بلند ڪرڻ جي طاقت ئي نه رهي هئي. پھريدار کي ھيٺ تائين جھڪڻو پوي ٿو ڇو ته ھنن ٻنھي جي وچ ۾ قد جو فرق هو. جھڪي پھريدار ھن کي چوي ٿو، ھاڻي ڇا پڇڻ چاھين ٿو تون؟ تنھنجي پڇڻ جي حس ڪڏھن به ختم نه ٿيندي، ھر شخص قانون تائين پھچڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. اھو ضعيف شخص ھن کي چوي ٿو ليڪن ھتي ماجرا ڇا آھي؟ جو ھنن سڀني سالن ۾ ڪو ھڪڙو شخص به ھتان اندر وڃڻ جي لاءِ نه آھي آيو؟ پھريدار کي خبر پئجي وڃي ٿي ته ھاڻي ھن ڳوٺاڻي جو آخري وقت قريب اچي چڪو آهي، انھيءَ ڪري ھن جي مرڻ واري حسيات ھن جا لفظ ٻڌي وٺي ۽ پوءِ ھو ھن جي ڪن ۾ ڏاڍي آواز ۾ چوي ٿو. ھتان ڪنھن ٻئي فرد کي اجازت ملي ئي نٿي سگھي، ڇو ته ھي دروازو صرف تنھنجي لاءِ بڻايو ويو هو ۽ ھاڻي آئون ھن کي بند ڪري رھيو آھيان!
ڪافڪا جي لکيل ھيءَ ڪھاڻي ’قانون جي چانئٺ تي‘ اسان جي زندگيءَ سان تمام گھرو تعلق رکي ٿي. ڇو ته وطنِ عزيز جي آزاديءَ کان پوءِ گذريل ۷۲ سالن ۾ ڪيترا ئي انسان پيدا ٿيا ۽ موت جي آغوش ۾ ھليا ويا. اُھي خوشحال، ترقي، انصاف، برابري، حق، عزت ۽ تعليم جي دروازي جي چانئٺ تي انھيءَ اميد تي ويٺا رھيا ته ڪڏھن نه ڪڏھن انھن جي ملاقات ھنن سان ٿي ويندي. ايستائين جو انھيءَ اميد تي ھنن جون زندگيون گذري ويون، پر ھو انھيءَ دروازي مان اندر ڪڏھن داخل ٿي نه سگھيا ۽ زندگيءَ ۾ انھن سان ملاقات جي آسري ۾ پنھنجون زندگيون گذاري ھليا ويا. اهو ئي حال اسان سڀني جو اڄ به آهي. اسان اڄ به انھيءَ دروازي تي خبر نه آھي ڪڏھن کان ويٺا آهيون، انھيءَ اميد تي ته ڪڏهن نه ڪڏھن اسان کي اندر وڃڻ جي اجازت ملي ويندي. ليڪن اسان چڱي طرح ڄاڻون ٿا ته اسان به انھي انتظار ۾ ھڪ ھڪ ٿي مري وينداسين پر اسان کي اندر وڃڻ جي اجازت نه ملندي. انھيءَ ڪري جو انھي دروازي مان ڪڏھن به اسان جھڙا عام ۽ فقير انسان، اندر داخل ٿي نٿا سگھن. ڇو ته ھي دروازو صرف انھيءَ ڪري ٺاھيو ويو آهي ته اسان دروازي تي پيا صرف انتظار ڪندا رھون ۽ انھيءَ انتظار ۾ مرندا رھون. جڏھن ته چور، غاصب، لٽيرا، راشي بدڪردار چپ چاپ پٺئين چور دروازي مان اندر داخل ٿي انصاف، ترقي، خوشحالي، برابري، حق، عزت ۽ تعليم کي لٽيندا رھن ۽ اسان انتظار ڪرڻ وارن تي اجتماعي طور تي کلندا ۽ ٽھڪ ڏيندا اسان جي تذليل ڪندا رھن. اسان سڀني جي ڪھاڻي ھڪجھڙي آهي، اسان کان اڳ گذري ويلن جي ڪھاڻي به اسان جھڙي ئي ھئي، بس نالا تبديل ٿيندا رھيا، چھرا تبديل ٿيندا رهيا، جڳھيون ھيٺ مٿي ٿينديون رھيون پر ڪھاڻي ھميشه ساڳي ئي رھي. اُھا ڪڏھن تبديل نه ٿي آهي، اها ئي ڪھاڻي آهي اسان جي به جيڪا ۷۲ سالن کان جاري آهي.
اسان آزادي جا ۷۲ سال گذاري چڪا آهيون ليڪن لڳي ٿو ته اسان جنھن مقصد جي لاءِ جھدوجھد ڪري ملڪ حاصل ڪيو، اُھو مقصد حاصل ڪرڻ ۾ اڃا اسان کي وقت لڳندو. انھن گذريل ۷۲ سالن ۾ مختلف حڪومتون آيون، مختلف دور گذريا، سڀ کان وڏي اسان جي بدنصيبي اها رھي ته اسان جي انصاف جو نظام اسان جي صاحبانِ اختيار جي زيرِ دست رھيو، جنھن جي ڪري ڪڏھن به انصاف جون تقاضائون پوريون ٿي نه سگھيون. انھيءَ ڪري اڄ به عام ماڻهو انصاف جي حصول لاءِ دربدر نظر ايندو آهي ۽ اڄ به انسانيت جي تذليل سرِعام ٿيندي نظر اچي ٿي. افسوس اهو به آهي ته اسان جي صاحبانِ اختيار جي نظر ۾ تعليم ڪڏهن به پھرين ترجيح نه رهي آھي. انھيءَ ڪري اڄ به تعليم جي معيار کي بھتر بنائڻ جي اشد ضرورت آهي، نه ته اسان جو تعليمي نظام نوڪريءَ جي حصول لاءِ نوجوانن کي تيار ڪري سگھي ٿو پر انھيءَ معيار جون صلاحيتون نٿو ڏئي سگهي ته اسان جا نوجوان دنيا ۾ نئين حالتن کي منھن ڏئي سگهن. جيڪڏهن اسان پنھنجي ۷۲ سالا تاريخ تي نظر وجھون ته اسان کي ميرٽ نالي ماتر نظر ايندي، جنھن جي ڪري نااھل ماڻھو اڳيان اچي ويا ۽ اھل طبقو پٺيان رھجي ويو. سڀ کان وڏي ڳڻتيءَ جي ڳالهه اها آھي ته اسان جي صاحبانِ اختيار، گذريل ۷۲ سالن ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالوجي طرف ڪا به توجه نه ڏني. اهو ئي سبب آهي جو اسان اڄ انھيءَ ميدان جي ريس ۾ گھڻو پٺتي آھيون. اسان کي آزاديءَ جي گذريل ۷۲ سالن کي اڳيان رکي پوءِ مستقبل جي لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. ياد رکو عوام ۽ حڪومت کي گڏجي پنھنجي وطنِ عزيز جي خاطر ڪم ڪرڻو پوندو. اڃا اڳيان ڪئين منزلون ۽ مقصد آھن، جيڪي اسان کي حاصل ڪرڻا آهن. انھيءَ ڪري ٻين تي الزام ڏيڻ بجاءِ اسان کي رات ڏينھن خلوصِ نيت سان ڪم ڪرڻو پوندو ته جيئن اسان جو وطن خوشحال بڻجي سگھي. ياد رکو ھي ڪنھن فرد يا گروھ جو نه بلڪ اسان سڀني جو فرض آهي ته وطنِ عزيز جي مسئلن جو حل تلاش ڪريون، ته جيئن اسان بيروزگاري، جھالت، ڪرپشن، ناانصافيءَ کان پنهنجي وطن کي پاڪ ڪريون. جيڪڏهن اسان اڄ به ستا رھياسين ته پوءِ اها ئي ڪھاڻي، جيڪا اسان کان اڳيان اسان جي ھٿن ۾ ڏئي ويا ۽ اسان وري اها ئي ڪھاڻي اچڻ وارن جي ھٿن ۾ اھڙيءَ طرح ئي ڏئي ھليا وينداسين. نه پھرين ڪجھ بدليو، نه وري هاڻ ڪجھ بدلجڻ وارو آهي، نه ئي ايندڙ وقت ۾ ڪجھ بدلبو. نوان انسان پيدا ٿيندا رهندا، انھي ساڳئي ئي دروازي تي ويھڻ جي لاءِ ۽ اسان جي جاءِ تي اسان جي مرڻ کان پوءِ اُھي ويھندا. ڇو ته ويجھڙائيءَ ۾ تبديلي جا آثار گھٽ نظر اچي رھيا آھن، پر ايترو ضرور آهي ته اسان آھيون تبديليءَ جي چانئٺ تي، ٿي سگھي ٿو ته اها تبديليءَ جي نويد اسان جي مقدر ۾ لکيل ھجي. آخر ۾ آئون ڪافڪا جي ھنن لفظن تي پنھنجي ڳالهه کي ختم ٿو ڪريان، جنھن ۾ ھي اسان جي معاشري جي هر فرد کي جھنجھوڙي چوي ٿو ته، ”ھو مرڻ کان تمام گھڻو خوفزده آهن، ڇو ته ھنن اڃا تائين زنده رھڻ ئي نه سکيو آهي.“ اچو ته اسان روحِ ڪافڪا کي ٻڌايون ته اسان زنده قوم آھيون!

No comments:

Post a Comment