Saturday, August 31, 2019

قھر ڪري ڇڏيئي - بابر جاگيراڻي


قھر ڪري ڇڏيئي
مختصر ڪھاڻي
بابر جاگيراڻي
پنهنجي واسطيدار اداري جي معرفت، آئون ۽ منصور، چئن ڏينهن جي ٽريننگ حاصل ڪرڻ لاءِ، ٽرين وسيلي اسلام آباد پهتاسين. اداري، پي سي (پرل ڪانٽينٽل) ڀورڀن ۾ ڊبل بيڊ روم بڪ ڪرائي ڇڏيو هو. سکر کان اسلام آباد جي مسافت طويل هئي. تنهن ڪري ٿڪاوٽ سبب، آئون دير سان اٿيس.


ٽريننگ تي وقتائتو پهچڻو هو. منصور وهنجي، مون کي ننڊ مان جاڳايو. مان وهنجڻ لاءِ باٿ روم ڏانهن ويس. پويان منصور، پنهنجي ڪپڙن سان گڏ، منهنجو لنڊي مان ورتل ڪوٽ به استري ڪرڻ لاءِ موڪلي ڇڏيو.
منصور تيار بيٺل هو، آئون به تيار ٿي آيس. ايتري ۾، روم سروس وارو، منهنجو استري ٿيل ڪوٽ، کڻي آيو.
ڪوٽ تي استري ڪرڻ جو بل، ٽيگ ٿيل ھيو. بل تي پنج هزار رپين جو لکيل انگ ڏسي، بيھوش ٿي ڪرڻ کان اڳ، منھنجي واتان نڪري ويو؛ ”يار قهر ڪري ڇڏيئي!“

No comments:

Post a Comment