Sunday, August 25, 2019

پروميٿيئس - فرانز ڪافڪا - ياسرقاضِي


پروميٿيئس
Prometheus) - (فرانز ڪافڪا جي هڪ جرمن تمثيل جو ترجمو)
(مصنف: فرانز ڪافڪا | مُترجم: ياسرقاضِي)
پروميٿيئس جي باري ۾ ديومالائي ڪهاڻيُون چئن قسمن جُون آهن:
پهريُون اُهي، جن ۾ کيس ”قفقاذ“ جي جابلُو سلسلي جي هڪ چوٽيءَ تان هڪ فولادي پنجوڙ جي مدد سان ان ڪري ٻَڌي ورتو ويو هو، جو هُن ديوتائُن جا رازَ، انسانن کي ٻُڌائي ڇڏيا هُئا ۽ ديوتا هُن ڏانهن اهڙا بازَ موڪليندا هُئا، جيڪي سندس اُهو هانءٌ کائي ڇڏيندا هُئا، جيڪو هر ڀيري کاڄي وڃڻ باوجُود به ٻيهر وجُود وٺي، وري پُورو ٿي ويندو هو ۽ سندس وجُود ۾ ڌڙڪڻ لڳندو هو.


ٻئي قسم واريُن ڪهاڻين جي مُطابق، پرومیٿیئس، وڍيندڙَ، ڦاڙيندڙ چُهنبن جي ڪري ايڏي ايذائيندڙ سُور ۾ مُبتلا هو ۽ پاڻ کي ايڏو زور سان دَٻائيندو، جبل ۾ پُوريندو پئي ويو، جو آخرڪار هُو پاڻ به اُن جبل جو حصّو بڻجي ويو هو.
ٽين جي مُطابق، ڪيترا هزار سال گذري وڃڻ ڪري، سندس بغاوت ديوتائُن، توڙي بازَ کان ته وسري ئي وئي هُئي، پر کيس به ياد ڪانه هُئي.
چوٿين قسم جي ڪٿائُن موجب، هرڪوئي اُن کڙُ تيل نه نڪري سگهندڙ معاملي مان ڪَڪِ اچي چُڪو هو. ديوتا ٿڪجي پيا هُئا. بازَ به ٿڪ ۾ پاهُه ٿي چُڪا هئا ۽ ”پرومیٿیئس“ جو گهاءُ به تنگ اچي پاڻ ئي بند ٿي چُڪو هو. باقي صرف اُهو جبل بچيو هو، جنهن جي وضاحت ڪرڻ ممڪن ڪونه هو. هن قسم جي ديومالائي ڏند ڪٿائن ۾ اهڙين ڳالهيُن جي وضاحت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جن جي وضاحت ڪرڻ مُمڪن ناهي. پر جيئن ته اُنهن وضاحتن جو واسطو به سچَ جي بنياد سان آهي، ان ڪري ان جي پنهنجي پُڄاڻيءَ جو وضاحت لائق نه هجڻ به هڪ لازمي ۽ اڻٽر ڳالهه آهي.

(اربع، ۸ مئي ۲۰۱۹ع, ۲ رمضان ۱۴۴۰هه)

No comments:

Post a Comment