Thursday, August 15, 2019

ذھانت جو انعام ۽ فضولي جي سزا


ذھانت جو انعام ۽ فضولي جي سزا
(مختصر ڪھاڻي)
ڊاڪٽر نواز علي شوق
هارون رشيد عباسي جي درٻار ۾ هڪ شخص حاضر ٿيو. اتي اچي پنهنجو هڪ ڪمال ڏيکاريائين. ڪمال اهو هو ته اڱڻ جي وچ تي هڪ سُئي کوڙي، پري وڃي ٻي سئي اڇلايائين، ته اها سئي ان کوڙيل سئي جي سوراخ مان آرپار هلي وئي. ماڻهو ڏاڍا خوش ٿيا ۽ واهه واهه ڪيائون.
هارون رشيد حڪم ڏنو؛ ”هن کي هڪ دينار انعام ڏنو وڃي ۽ ڏهه ڦٽڪا هنيا وڃن.“
اهو ٻڌي سڀ حيران ٿي ويا. کانئس انعام ۽ سزا بابت پڇيائون.


”هن جي ذهانت ۽ محنت، واقعي تعريف جوڳيون آهن. تنهنڪري کيس هڪ دينار ان جو انعام ڏنو ويو. پر هن پنهنجو ذهن انهيءَ فضول ڪم تي صرف ڪيو، تنهن ڪري کيس سزا ڏني وئي.“ خليفي هارون رشيد، پنھنجي دليل ۾ اڃا وڌيڪ وضاحت ڪندي چيو؛ ”ايڏو ذهين ۽ محنتي ماڻهو، ڪو اهڙو ڪم ڪري ها، جنهن مان عوام کي ۽ ملڪ کي فائدو پهچي ها. هن هڪ خصيص ڪم تي پنهنجي عمر وڃائي ڇڏي. تنهن ڪري سزا جو لائق آهي!“

No comments:

Post a Comment