Friday, August 30, 2019

بکايل تھذيب - ظفرالله کوسو


بکايل تھذيب
(مختصر ڪھاڻي)
ظفرالله کوسو
اوطاق تي ويٺل ماڻهو، قديم ۽ جديد جو سنگم عيان! ويچارو ڏاڙهون ويٺو ڪچهري ڪنائي..
ابا هيل جي اليڪشن به نرالي ٿيندي، پاڻ واري پراڻي ليڊر جو پاسو هيل چوکيرو ٿو لڳي.“ هڪ پوڙهي چيو.
هڪ اڌڙوٽ عمر واري چيو؛ ”هائو! پر پاڻ وارو مرشد جيڏانهن حڪم ڪري، ٻيڙا ئي پار! ٻنهي جهانن جا وارث آهن، سائين ڪامل، پاڻ غريبن لاءِ اجهو.“
ڪچهريءَ ۾ ويٺل هڪ نوجوان ٺهه پهه جواب ڏنو؛ ”چاچا! هاڻ ايئن نه ٿيندو! اسان ووٽ ان کي ڏينداسين جيڪو ڪم ڪندو. جيڪو سنڌ ۽ سنڌي قوم جو ڀلو سوچيندو.“


اوچتو ڏاڙهونءَ کي ڪجهه ياد آيو! سيءُ وٺي ويس، پر پيشاني تي پگهر نڪري آيس. سنگت کان موڪلائي گهر هليو آيو. زال پونم چيس؛ ”اميشا جا پيءُ، ڪو ٽڪو پيسو مليو يا نه؟ نياڻي نه کائي ٿي، نه پيئي ٿي، اڄ ٽيون ڏينهن اٿس، سيءَ تپ ۾. اڄ ته چرڻ پرڻ وسري ويو اٿس.“
ويچارو ڏاڙهون هارايل هرڻ جيئن اميشا ڏانهن ڏسي ٿو، ته سندس پٽ جيڪو نياڻي کان ٻه سال وڏو آهي، قميص جو پلئو جهليندي چوي ٿو؛ ”بابا! بک لڳي آهي.“
جيءُ پٽ، هيءَ وٺ کارڪ ۽ سمهي پؤ!“ هو نياڻي جي حالت ڏسي، پٽ کي دلاسو ڏيئي ٿو.
پيار مان سانڍيل اڪيلي ڌيءُ اميشا جي هيءَ حالت ڏسي، سڄي رات ننڊ نٿي اچيس. صبح صادق، نياڻيءَ جو سرد ٿي ويل جسم ڏسي ٻه وڏا لڙڪ قميص ۾ جذب ٿي ٿا وڃن. پاڙي وارا جوڙي آڻين ٿا. اميشا جو جنازو گھران نڪري ٿو. پٽس ٽنگن ۾ چهٽي روئي ٿو؛ ”بابا کارڪ ڏي! بک لڳي آهي.“
پاڻ ڇڏائي ڌيءَ جي لاش کي ڪلهو ڏئي روانو ٿو ٿئي. هلندي سوچن جا ساگر ذهن جي ڪئنواس تي تري اچنس ٿا. اوچتو ٻار جي روئڻ جو آواز ٻڌي ٿو. ڏسي ٿو ٻار ڪنهن پوڙهي کي ڪپڙن ۾ پڪڙي چوي پيو؛ ”بابا بک لڳي آهي، بابا پيٽ ۾ بک جا وٽ پيا پون.“ پوڙهو کيس دلاسو ڏيندي چوي ٿو؛ ”پٽ! تون واپس هل ڏاڙهون جي گھر، ڪانڌپي جو ڀت ۽ خيرات ڪيو آهي نه وڏيري، اڄ اهو کائينداسين.“
ڏاڙهون سوچي ٿو ته جڏهن اڃا تهذيب پروان نه چڙهي هئي، تڏهن بکايل ماڻهن کي بک جي باهه اجھائڻ لاءِ پنهنجي ئي جٿي جي بيمار ۽ ڏٻري ساٿي جي موت جو انتظار رهندو هو. اڄ کيس ان جو ڪارڻ سمجهه ۾ اچي ٿو، ته هو جديد دور ۽ مذهب تي سوچي ٿو، سياست تي سوچي ٿو، تهذيب جي ارتقاءَ تي سوچي ٿو ۽ ٿاٻڙجي ڪري پوي ٿو!

No comments:

Post a Comment