Sunday, August 25, 2019

نمڪ حلالي


نمڪ حلالي
سبق آموز آکاڻي
نواز علي شوق
ڪنهن زماني ۾ درهم بن نصر سجستان جو امير هو. سندس دور حڪومت ۾ عمرو ليث ڪجهه دوستن سان گڏجي ڌاڙيلن جو ٽولو تيار ڪيو هو. ۽ اهي مختلف هنڌن تي چوريون ڪندا هئا ۽ ڌاڙا هڻندا هئا. پر انهن ڌاڙيلن جو اهو اصول هوندو هو ته گهر جو سمورو سامان ڪو نه کڻي ويندا هئا، فقط ضرورت آهر سامان کڻي ويندا هئا.
هڪ رات هنن درهم بن نصر جي خزاني ۾ کاٽ هنيو. سڄو مال ٻاهر ڪڍي رکيائون. ليث جو پير ڪنهن صاف ۽ شفاف شيءَ تي پيو. هن سمجھيو ته ڪو قيمتي پٿر آهي. اونداهي هئي. هن اها شيءَ کڻي چکي ڏٺي ته معلوم ٿيس ته لوڻ آهي. لوڻ چکڻ کان پوءِ هن پنهنجن ساٿين کي چيو ته، “هلو، هتان ڪابه شيءَ ڪا نه کڻڻي آهي. سڀ ڪجهه هتي رکي ڇڏيو.


ٻئي ڏينهن درهم بن نصر کي جڏهن ساري حقيقت معلوم ٿي ته اعلان ڪيائين ته “جن چورن منهنجي خزاني ۾ کاٽُ هنيو آهي، سي مون وٽ اچن، کين ڪجهه به نه چيو ويندو، کين امان ڏني ويندي.”
اهو ٻڌي ليث درهم بن نصر جي درٻار ۾ حاضر ٿيو. درهم کيس چيو ته، “تو منهنجي خزاني ۾ کاٽ هنيو، پر اتان هڪ اشرفي به نه کنئي. ان جو ڇا سبب آهي؟”
ليث جواب ڏنو ته اتي لوڻ پيو هو، مون اتفاق سان اهو چکيو، تنهن ڪري مون اهو مناسب نه سمجھيو ته اتان ڪجهه کڻي وڃان. ڇو ته مون توهان جو نمڪ (لوڻ) کاڌو، تنهن ڪري مون نمڪ حلالي ڪئي.
اهو ٻڌي درهم بن نصر کيس پنهنجن خاص ملازمن ۾ شامل ڪيو. ترقي ڪندي هو فوج جو سپهه سالار بڻجي ويو. اهو آهي نمڪ حلاليءَ جو فائدو.

No comments:

Post a Comment