Sunday, August 11, 2019

انور پيرزادو بحيثيت هڪ ڪهاڻيڪار - محمد علي پٺاڻ


انور پيرزادو بحيثيت هڪ ڪهاڻيڪار
محمد علي پٺاڻ
سنڌ جي ذري پرزي سان ڀٽائي سرڪار جهڙو عشق ڪندڙ ۽ هر وقت ان مٿان ساهه گھورڻ جهڙو جذبو رکندڙ، ويهين ۽ ايڪويهين صديءَ جي وڏي قد وارو جديد کان جديد، روشن خيال دانشور، شاعريءَ ۾ اسڪول آف ٿاٽ جو حوالو بڻيل، مثالي ڪالم نگار، محقق، آرڪيالاجسٽ ۽ اينٿروپالاجسٽ، نج ڳوٺاڻو، دل جو ڪونئرو، سخي، هر ماڻهوءَ کي ڀاءُ سمجھي انهن جي ڏک تي روئي پوندڙ ۽ سندن ڀرجھلو ٿيڻ ۾ هر جوکم سر تي کڻندڙ ڌڱ مڙس، منهنجو رهبر دوست، ساٿي ۽ ماءُ جهڙو حقيقي ۽ سچو پيار ڏيندڙ انور پيرزادو صاحب  اڻڳڻين خوبين جو مالڪ هو. جن مان هڪ اهم ۽ سدائين ياد رکڻ جهڙي خوبي اها به هوندي هئي، ته هن جي هر گفتي، بلڪه هر جملي ۾ ڪا ڳالهه هوندي هئي. ڳالهه به اهڙي، جيڪا ٻڌندڙ جي ڪنن مان هڪدم سڌو رستو وٺي، دل جي دفتر ۾ لهي وڃي هميشه لاءِ اتي ديرا ڄمائي ويهي رهندي هئي. انڪري مان سدائين حجت ڪري هن کي چوندو هوس ته،”سائين، اهو جيڪو وڏو ڪهاڻيڪار اوهان جي دل ۾ ويٺو آهي. ڪجھ ان کي به وقت ڏيو ۽ سنڌي فڪشن جي ڌرتيءَ تي لازمي طور تي پنهنجي باغ جي آبياري ڪريو.“


ٽهڪ ڏئي وراڻيندو هو،”وقت مليو ته ائين ڪبو.“
بدقسمتيءَ سان اهڙو وقت حياتيءَ جي آخري لمحي تائين هن کي نه مليو ۽ منهنجي اها ۽ ان سان لاڳاپيل وڏي ۾ وڏي ”آتم ڪهاڻي“ لکڻ جي خواهش به پورائي جو اعزاز ماڻي نه سگھي!
۽ جڏهن هو نه رهيو ۽ مون سميت لکين والهانه پيار ڪندڙ ماڻهن  کي ويڪرو ويڙهو ڏئي، ڌرتيءَ جي چادر پائي هميشه لاءِ هليو ويو، ته هن جي قلمي ورثي کي سهيڙڻ لاءِ سندس نالي سان ”اڪيڊمي“ ٺاهي وئي. جيڪا ڪنهن به سرڪاري سهڪار کانسواءِ پنهنجي مدد پاڻ جي بنياد تي ۲۰۰۷ع کان ۲۰۱۹ع تائين مختلف موضوعن وارا هِنَ جا ”انور پيرزادي جون ڪهاڻيون“ سميت ۱۴ ڪتاب ڇپائي چڪي آهي ۽ ڪيترائي ڇپائيءَ جي تياريءَ هيٺ آهن.
هي ڪتاب، جيڪو انور پيرزادي صاحب جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي ۽ جنهن ۾ ڪل ۸ ڪهاڻيون شامل آهن. تن مان اڪثر ڪهاڻيون هن ۱۹۷۰ع جي پنهنجي جيل ياترا دوران لکيون. جن ۾ تنهن زماني جي مسئلن ۽ ڳالهين سان گڏ انور پيرزادي صاحب پنهنجي ڳوٺاڻي زندگيءَ جي ڀيانڪ غربت کي به وائکو ڪيو آهي. جنهن لاءِ هڪ ڀيري شادين مرادين تي دهل وڄائي مرادون وٺندڙ عمر رسيده فنڪار گل فقير سان ملاقات دوران مونکي چيو هئائين ته،”اسانجي گھر جي غربت جو حوال هن شخص کان پڇ.“
۽ گل فقير ٻڌايو هو، ”ها سائين، تمام گھڻو مسڪيني حال هونِ. مون اهڙي غربت پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪاٿي ڪاٿي ئي ڏٺي آهي..“
اهڙي غربت جي ڌٻڻ مان نڪري آيل ۽ آسمان ۾ ”پائليٽ“ جي عهدي کي رسيل ۽ اتان سڌو جيل حوالي ٿي ويل هن سپورنجھ شخص جتي قيد ڪڙولن وارن انهن ئي ڏينهن ۾ قلم کڻي شاعريءَ جي دڳ ڏي پنهنجي سوچ جا پير وڌايا، اتي هن ادب جي اهم صنف يعني ڪهاڻيءَ ڏانهن به پنهنجي خيالن کي سفر سانباهو ڪرايو.
هي ڪهاڻيون، جن کي لکيي ذري گھٽ پنجاهه ورهيه گذري چڪا آهن، سي جڏهن اڄوڪي زماني ۾ پڙهجن ٿيون ۽ انهن ۾ بيان ڪيل مسئلن ۽ ڳالهين تي غور ويچار ڪجي ٿو، ته توڙي جو وقت جي وڇوٽيءَ جو شدت سان احساس به ٿئي ٿو، پر گھڻي ڀاڱي ائين ئي لڳي ٿو، ته هي اڄوڪي دور جون ئي ڪهاڻيون آهن. جن جي ماحول ۾ جيڪڏهن ٿورو گھڻو فرق آيو به آهي، ته اهو موبائيل، انٽرنيٽ جو ئي آيو آهي، نه ته لڳ ڀڳ حالتون اڄ به هوبهو ان دور جهڙيون ۽ ساڳيون ئي آهن. ڇو ته وقت اسانوٽ بدليو ناهي ۽ حالتن جي ڦيري سان ان جو  ڳانڍپو ٿي نه سگھيو آهي.
انور پيرزادي صاحب جو ڪهاڻيڪار وارو هي تعارف، جيڪو هن جي لکڻين جي مهين جي دڙي هيٺان پنجاهه سالن کان پيل هو ۽ هاڻي ظاهر ٿي ڇپجڻ لاءِ اسان اڳيان آيو آهي، ته ان جي مطالعي مان هن جي ڪهاڻيڪار واري حيثيت سندس شخصيت جيان قدآور محسوس ٿئي ٿي. ڇو ته ڪهاڻيءَ کي هن ڪهاڻيڪارن جي قطار ۾ نالي ڳڻائڻ لاءِ نه لکيو آهي، پر ان ۾ پلاٽ، ڪردارنگاري، منظرنگاري ۽ گفتگوءَ جي سونهن سان گڏ فني ۽ فڪري حوالي سان به روح ۽ درد جو رشتو ڳنڍي لکيو آهي. جن جي اڇوتائپ ۽ غير روايتي هجڻ جو بنيادي سبب اهو آهي، ته ليکڪ کي ماڻهوءَ جي نفسيات جي به ڀليءَ ڀت خبر هئي ۽ فڪشن لکندڙ لاءِ ان کانسواءِ وڏي قد جو فڪشن لکڻ ممڪن ئي نه آهي.
ڪتاب ۾ شامل سڀني ڪهاڻين جي ترتيبوار مطالعي بعد راءِزنيءَ لاءِ اول اول ڪهاڻي ”خدا ۽ سرمايو“ کڻي هٿ ۾ ڪجي ٿي.
هيءَ ڪهاڻي جيتري مختصر آهي، اوڏي ئي گهري ۽ وڏي مقصد واري آهي. جنهن ۾ وڏيري جي “اسلامي سوشلزم“ ۽ ”اونچ نيچ“ جي نعري واري ٻچاپڙائيءَ کي وائکو ڪيو ويو آهي ۽ آخري جملي ۾ حيران ڪندڙ ۽ سوچ جي ويسوڙي ۾ وجھندڙ اهي لفظ ته، ”سرمايو خدا تي حاوي آهي!“ ڏئي، جڏهن ان تي ئي ڪهاڻيڪار پنهنجي تانَ ٽوڙي ٿو، ته پڙهندڙ جي ڇرڪ سان گڏ اندر مان ڄڻ ڪا ڪيههَ نڪري ٿي وڃي. جيڪا ڪهاڻيءَ جي بيمثال ۽ جديد هئڻ جي گواهي ته ڏئي ٿي، پر ان بحث کي حقيقت ۾ تسليم ۽ عام ڪرڻ ۾ مددگار ٿئي ٿي ته، سرمايي کي اسانوٽ ڪيئن نه خدا تي حاوي ٿيڻ لاءِ ڇيڪ ڇڏيو ويو آهي!
”ملاقات“ انور پيرزادي صاحب جي تڏهوڪي پنهنجي جيل ياترا جي پس منظر ۾ لکيل حقيقي ڪهاڻي آهي. جنهن جي شروعات ئي درد جي وڏي ڇوليون هڻندر ساگر سان ٿئي ٿي. جيل جو لوهي سيخن مان ٺهيل ڄاريءَ جي ڀت وارو ملاقات جو ڪمرو. ٻنهي پاسن کان بيٺل زال مڙس. جن جي تازوئي شادي ٿيل. ٻيئي پهريان ڳوڙهن ۾ ڳالهائن ٿا ۽ پوءِ ڳوڙهن کي لفظ ڏئي جڏهن ڪهاڻيڪار ڪهاڻيءَ کي اڳتي وڌائي ٿو، ته پڙهندڙ به هنيانءُ مُٺِ ۾ ڪري هن سان گڏ گڏ اڳتي وڌي ٿو.
ڪهاڻيڪار هاڻي هڪ پيرسن ماءُ جي ڪردار کي پيش ڪري ٿو. جيڪا شديد گرمي ۽ پيهه ۾ پنهنجي جوان پٽ سان زاروقطار روئندي ملاقات ڪري ٿي. هوءَ جڏهن پٽ کي چئي ٿي،”تنهنجي مڱ جوان ٿي آهي ، مون سان هل ته تنهنجو وهانو ڪريان.“ يا ”مان ڪلهه کنياتي کي مصري کارائي هئي، توڏي سلام مُڪا هئا، توکي مليا منهنجا ڍولڻ پٽ.“ ته، پڙهندڙ جا ڇهه به ڇڄي ٿا پون ۽ ساڳي ڪرب مان گذرندي هو ڪهاڻيءَ سان اڃا به وڌيڪ ويجھو ٿئي ٿو.
ان ڪربناڪ منظر بعد هڪ ڪراڙي قيديءَ جي پنهنجي زال ۽ ٻارن سان ملاقات ڏيکاري وڃي ٿي. جنهن جو ننڍڙو پٽ يڪساهيءَ هن کي چوندو ٿو رهي ته،”مونکي گوڏ وٺي ڏي. اٿ، هل هاڻي وٺي ڏي.“
اتي انورپيرزادي صاحب ڏسو ته ٻار جي نفسيات کي ڪيڏي نه منفرد ۽ نرالي انداز ۾ ظاهر ڪيو آهي. جنهن جي خواهش جي پورائي لاءِ قيد ۽ ڪوٽ ڄڻ ته ڪا معنيٰ ئي ڪو نه ٿا رکن!
ڪهاڻي اتان ٽرن ڪري مک ڪردار ”مان“ سان ان جي زال ۽ ٻارن کي منظر ۾ آڻي ٿي. جنهن جو ننڍڙو پٽ به اڳئين ٻار وانگر بي فلڪائيءَ سان جڏهن پيءُ کي چوي ٿو،”بابا، مان توکي وٺڻ آيو آهيان.”يا“ جهاز ڪاهي جيل ۾ اچي لهندس ۽ توکي وٺي هلندس.“ ته ڪهاڻيڪار جي مشاهدي ۽ ذهني پختگيءَ سان گڏ پڙهندڙ جو فڪري طور به ان سان پيچ پختو ٿي ڪهاڻيءَ جي عروج ڏانهن وڌي ٿو.
۽ جيئن ڪهاڻي عروج طرف وڌي ٿي ۽ ”مان“ ڪردار جي وڏي پٽ سان ڪيل گفتگو، عام ڳالهه جي تاثر مان مٿي اڀري مقصد جو آسمان ڇهڻ لڳي ٿي ته پڙهندڙ ان جي سحر ۾ ويتر وٺجي وڃي ٿو. انور پيرزادو صاحب اتي پڙهندڙ کي هڪ عالمگير پيغام ٿو ڏئي. جيڪو انسانذات جي برابريءَ وارو آهي ۽ جنهن سان ئي هيءَ دنيا جنت ٿي سگھي ٿي.
پڄاڻيءَ ۾ ڪهاڻي وري به ٻار جي آزاداڻي نفسيات کي فوڪس ڪري ٿي. ملاقات جو وقت پورو ٿئي ٿو ۽ “مان” ڪردار جڏهن زال کان اکين اکين ۾ موڪلائي ٿو ته ننڍو پٽ موڪلاڻيءَ کي نٿو قبولي ۽ جذبات ۾ ڀرجي چوي ٿو،”بابي کي وٺيون پوءِ اينداسون. اسان هن ٿلهي پوليس واري جو پيٽ ڦاڙينداسون.”
هن ڪهاڻيءَ کي به وقت جي فريم کان ڪڍي اڄ جي دور واري تناظر ۾ ڏسون، ته هيءَ پنجاهه سالن جي سفر ۾ اڄ به نئين نڪوري آهي. انڪري، جو اسانجي ڏيهه وارن جيلن ۾ قيدين جي ملاقات واري طريقي ۽ رواج ۾ ايڏو عرصو گذرڻ باوجود تِرَ جيترو به بدلاءُ ڪونه آيو آهي. ٻيو ليکڪ ان کي لکيو به اهڙي انداز ۽ وڏي ذميواريءَ سان  آهي، جو پڙهندڙ هن جي قلم جي سور سان سلهاڙجي، ڪٿي به ساهي نٿو پٽي ۽ هلندو وڃي آخري جملي تي ٿو بيهي. جنهن ۾ ڄاڻايل آهي ته،”ٻارن پنهنجا معصوم هٿ سيخن ۾ مظبوط ڪري ڇڏيا هئا.“
علامتي نموني چيل ان جملي ۾ ڪيڏي نه وڏي معنيٰ واري رمز رکيل آهي. جيڪا ڪهاڻيءَ کي، ڪهاڻين جي جھنگ مان ڪڍي ڏاڍي ئي منفرد روپ ۾ ظاهر ڪري ڪلاسڪ جي درجي جو مستحق بڻائي ٿي.
“ٻه جيون ساٿي” ڪهاڻي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندڙ ٻن پريمين سوڍي ۽ موهنيءَ جي ڪردارن کي فوڪس ڪري لکيل آهي. جيڪي انقلابي خيال رکن ٿا ۽ سرمائيداڻي نظام جي خاتمي جا خواهشمند آهن.
انهن ٻن ڪردارن جي وچ ۾ بحث جو خاص نقطو ”شادي“ آهي. جنهن لاءِ سوڍو بضد آهي ۽ ان لاءِ هن وٽ دليل اهو آهي ته، ٻيئي شادي ڪري، هٿ هٿ ۾ ڏيئي وڌيڪ موثر نموني سامراج خلاف ۽ انقلاب لاءِ ڪم ڪري سگھون ٿا. پر موهني هن سان اختلاف ڪري ٿي ۽ اهو موقف رکي ٿي ته، شادي معاشي مسئلن ۾ وڪوڙي ڇڏي ٿي ۽ انقلابي سوچ وارن کي انقلاب جي راههَ تان ٿيڙو ڏئي هميشه لاءِ پرڀرو ڪري ٿي.
بهترين ۽ اعليٰ درجي جي عقل واري ان گفتگوءَ تي مبني هن ڪهاڻي جو تاڃي پيٽو ڏاڍو ئي موهيندڙ ۽ شاندار آهي. جنهن ۾ توڙي جو سياست جي روشن خياليءَ واري بحث کي پيش ڪيو ويو آهي، پر ڪهاڻيءَ ۾ سکڻي نعري بازيءَ کان پاڻ بچائي ليکڪ ان کي وڌيڪ طاقتور ۽  پڙهندڙ جي دل ۾ سدائين لاءِ جاءِ جوڙي ويهارڻ جو سعيو ڪيو آهي.
ڪهاڻي ”قربانيءَ جي ٻڪري“ ڳوٺاڻي سماج جي جھلڪ پسائي ٿي. جنهن جو ڪڌو پاسو اهو آهي ته، ماءُ جي پيٽ ۾ پيل ۽ نه ڄاول نينگرين جا سڱ به ڪيا ويندا آهن ۽ ڪيا وڃن پيا.
ڦاپل اهڙي ئي هڪ ڇوڪري آهي. جيڪا پيٽ مان ٻاهر نه آئي هئي، ته وڏيري مينهين جي نالي ڪئي وئي هئي. پوءِ انگ نه مٽائڻ واري عمر باجود ئي هوءَ وڏيري مينهين جي ڪنوار بڻائي وڃي ٿي. جيڪو براين جو ڀنڊار آهي. ڦاپل پهريٽي ڌيءَ ڄڻي ٿي، ته وڏيرو مينهون ٿو چوي، “هيءَ نڀاڳي زال آهي. جنهن مان پهريون ٻار ئي ڌيءُ ڄائي آهي.”
وڏيرو اتان ڦاپل کان اکيون ڦيري ٻي شاديءَ لاءِ سوچڻ ٿو لڳي. پر هڪ ڪاٽڪو شادي نه ڪرڻ جي صلاح ڏئي ۽ “اسان توهان کي وڻ وڻ جي ڪاٺي پيش ڪنداسون” چئي بدڪاريءَ تي هرکائيس ٿو ۽ هو ان راهه تي هلي پوي ٿو ۽ راتين جو مهري پلاڻي، روالور سٿر سان ٻڌي ڪچي جي هڪ هاريءَ جي گھر چارا ٺاهي، ڦنڊي چوي ٿو،“مان ڪاڪ ڌڻي...منهنجو عشق عبادت آهي!”
هاڻي ڦاپل کي پٽ به ڄمي ٿو، پر وڏيري جي نظر اندازيءَ ۾ فرق نٿو اچي. هڪ ڏينهن هوءَ پنهنجي وڃايل حق حاصل ڪرڻ لاءِ وڏيري اڳيان زبان کولي ڳالهائي ٿي، ته موٽ ۾ وڏيري وٽان هن کي ٻن ٻارن سوڌو هڪالجي نڪرڻ پلئه پوي ٿو.
هوءَ پنهنجي پيءُ ماءُ جي گھر ۾ رهڻ ٿي لڳي. جتان وڏيرو مينهون پٽ کي وٺي وڃي ڌام ڌوم سان ان جي طهرن جو ڪاڄ ڪري ٿو. جنهن ۾ ڦاپل جي ڳوٺ وارن جي ميڙ ڪري وڃڻ باوجود هن کي ”زال نه چئي“ شريڪ نٿو ڪيو وڃي ۽ هوءَ ان ڏک ۽ وڏي پيڙا ۾ رڙيون ڪندي تڙپندي ٿي رهي.
ڦاپل جي ان ڪربناڪ ڪيفيت کي چٽيندي ڪهاڻيڪار ڪهاڻيءَ کي آرٽسٽڪ بُلُ ڏياري لکي ٿو،”هن ڳوڙها اگھيا ۽ سڏڪا ڀريندي اٿي وئي، مانيءَ ٽڪر کڻي اچي ٻليءَ کي وڌائين پر ٻليءَ نه کاڌو.“
هنن ٻن اڍائي جملن ۾ انور پيرزادي صاحب انسان کي ڪيڏين به تڪليفن هوندي ٻاجھه واري جذبي ۾ ڏيکاري ان جي اعليٰ گُڻَ کي اجاگر ڪيو آهي. جيڪو فطرت سان سلهاڙيل آهي ۽ ڪڏهن به ان کان ڌار ٿي نٿو سگھي.
ڪهاڻيءَ ۾ پوءِ وڏيري مينهين جي زوال جي ڏينهن کي ڏيکاريو وڃي ٿو ۽ حڪومت جي تبديليءَ سان نئون وڏيرو هن جي جاءِ والاري ٿو. جيڪو هر طرح جا پلوَ ڪرائڻ کان پوءِ هن کي ۱۱۰ ۾ جيل اماڻڻ جا انتظام به ڪرائي ٿو. جنهن جي نتيجي ۾ هو روپوشيءَ واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿئي ٿو.
پويان پوليس ڪاهي ٿي اچي. وڏيري مينهين جي ٻانهن حاصل ڪرڻ لاءِ ان جا ننگ ڪڍڻ جو فيصلو ڪري پوءِ ڦاپل کي ٿاڻي تي آڻي لاڪپ ٿي ڪري. جتي هوءَ وڏيري مينهين سان تعلق نه هجڻ ۽ ان جي زال نه رهڻ جون دانهون ڪري ٿي، پر آزادي نه ٿي مليس ۽ مليس ٿو ته انڌي، گونگي ۽ ٻوڙي پوليس جو  هر طرح جو تشدد.
هن منظر ۾ ڪهاڻيڪار اوچتو ٻليءَ جي ٽپي سان صوبيدار جي منهن جي رانڀوٽجڻ ۽ رتو واهه ٿيڻ جي عڪسبندي ڪري سپاهيءَ هٿان ٻليءَ جي مارجڻ تي ڪهاڻيءَ جو اختمام ڪري ٿو ۽ فيصلو يا ان جو نتيجو پڙهندڙ تي ڇڏي ڏئي ٿو، ته اهو ڪيئن به ڪڍي؟
اهڙي نموني جي ڪهاڻي جي سرئيلسٽ پڄاڻي غير روايتي ۽ ان کي دوام بخشيندڙ آهي. جنهن مان ڪهاڻيڪار جي سوچ جو اهو نئون ۽ نرالو حوالو به پراپت ٿئي ٿو.
ڪتاب جي پنجين ڪهاڻي ”ڌاڙيل“ به ڪهاڻي ”ملاقات“ جيان جيل جو پسمنظر رکي ٿي. پر انور پيرزادي صاحب ان کي نئون رخ ڏئي لکيو آهي. جيل جي ماحول، قيدين جي نفسيات ۽ ۽ انهن جي قسمن سان گڏ اي، بي، سي ڪلاسن جو ذڪر ۽ ان سان اونچ نيچ جي فرق کي ظاهر ڪري ان ئي ڪهاڻيءَ جي مهڙين حصي  ۾ هو ۾ پنهنجي ذاتيات کي، يعني ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ ۾ مَنهن واري گھر ۽ مٿي گل فقير جي واتان ڄاڻايل انتهائي غربت کي به ڄڻ ته تصديق طور شامل ٿو ڪري. لکي ٿو،”جيل جي ڪوٺيءَ جي پنهنجي اباڻي گھر سان ڀيٽ ڪريان ٿو ته معلوم ٿو ٿئي ته مان ته بهشت ۾ آهيان. اسانجي ٻلهڙيجيءَ واري ڪکائين گھر جو ورو ٽڙڪيل آهي، جنهن کي بابي ۽ مان ٿوڻي ڏني هئي. طوفان يا زوردار مينهن وسندو آهي، ته گھر سڄو جھولندو آهي“
غريبي ۽ بيوسيءَ جي ان تصوير سان هو اتيئي پنهنجي من اندر جي خواهش جو اظهار هنن لفظن ۾ ڏسو ته ڪيڏي نه عجيب نموني ٿو ڪري، “انوقت مونکي سوچڻو پوندو آهي ته هن سماج ۾ گھٽ ۾ گھٽ اهڙو انتظام هجي ته اسانکان سرڪار جيترو ڪم وڻيس سو وٺي ۽ اسانکي پڪو گھر، کاڌو ۽ لٽا ڏئي.“
ڪهاڻيءَ ۾ اڳڀرو هلي هو پنهنجي شفاف سوچ جو اظهار ڏوهن جي خاتمي لاءِ جاکوڙيندڙ ۽ ان ڏوهه ۾ سامراجي سازش تحت قيد ڪاٽيندڙ قيدين جو الميو بيان ڪندي ۽ انصاف ڀرئي سماج جي اڏاوت لاءِ اجھو هيئن به پنهنجي تمنا کي ظاهر ٿو ڪري ته، ”جنهن ۾ ڏوهه نه ٿين، جنهن ۾ بک نه هجي، جنهن ۾ ڪنهن اشراف جو ڪنوارو ڀاءُ اگھاڙو نه ٿئي، جنهن ۾ هرڪنهن کي مٿي ڇانو هجي، جنهن ۾ پورهيت ۽ هاريءَ جي خون مان محلاتون نه جڙن، جنهن ۾ گوڏير هاريءَ جي پگھر جي پورهيي کي ڳڙڪائي وڏيرو اشرافن جا ننگ نه تڪي ۽ جنهن ۾ سڪيلڌن ٻچڙن کي ارهه ۾ گولي نه لڳي.“
ڏوهن جي خاتمي جي ڏوهاري ڪردان جو ٻين قيدين کان ڌار ڪري انور پيرزادو صاحب انهن جو تعارف هن طرح ٿو ڪرائي، ”اهي ڏوهي ان پوليس واري لاءِ به ڪم ڪن ٿا، جو هنن کي هٿڪڙيون هڻي گهلي رهيو آهي. اهي انهن جاسوسن جي پگھار وڌائڻ لاءِ به تڙڦن ٿا، جي هنن کي ڪميونسٽ لکي سزا ۾ اينگھ ڪرائن ٿا. اهي قيدي مون ٻين سڀني کان خوش ڏٺا. هنن جي پيشانيءَ مان فخر ڏٺم ۽ انهن وٽ پڇتاءُ ڪونه هيو. شايد انڪري جو هو تاريخ جي ڌارا کي سمجھن ٿا. ظلم جي فلسفي کي سمجھن ٿا. دولت جي ورهاست کي ڄاڻن ٿا ۽ انهن کي خبر آهي ته سرمايا ڪٺي ڪرڻ ڪري ڪهڙيون خرابيون پيدا ٿين ٿيون.“
پنهنجي خوشين کي اجتمائي خوشين سان ڳنڍيدڙ انهن مثالي ۽ صاف سٿرن قيدين جو تعارف ڪرائي انور پيرزادو صاحب ڪهاڻيءَ جي مک ڪردار ”ڌاڙيل“ ڏانهن پنهنجي قلم کي موڙي ٿو.
هي ڪردار، جنهن جا ڪي به ڌاڙا هنيل نه آهن ۽ جيڪو اتي جيل ۾ انوقت به هڪ نه ڪيل خون جي عيوض چوڏهن سال قيد جي سزا ڀوڳي رهيوآهي، ان بابت ڪهاڻيڪار ٻڌائي ٿو، ته هن کي هڪ ڊنگ زميندار، جيڪو تڏهوڪي زماني ۾ وزير به هو، بي گناهه ٻن ٽرڪن جي اسپيئر ويل لڪائڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪرائي، ڌاڙن ۽ ڦرن جا ڏوهه به شامل ڪرايا ته آخر ۾ خونيءَ طور چوڏهن سال قيد به ڏياريو.
گھڻ پاسائين هي ڪهاڻي به هڪ دفعو پڙهڻ کان پوءِ هميشه لاءِ پنهنجي ياد ڇڏي وڃڻ جهڙي خوبيءَ سان انڪري به مالا مال آهي، جو ڪهاڻيڪار، ڪهاڻيڪار ٿي ئي ان جي موضوع ۽ ڪردارن سان نڀاءُ ۽ انصاف ڪيو آهي.
ڪهاڻي ”سازش“ جو موضوع به انور پيرزادي صاحب پنهنجي ٻين ڪهاڻين کان بنهين ڌار ڪري چونڊيو ۽ لکيو آهي. جنهن ۾ ”ساجن“ جهڙو باهمٿ ۽ ماڊل ڪردار بک جي ڀيانڪ تصور کي پٺي ڏئي ۽ عشق جي رنگينين ۽ پيٽ ڍَوَ جي اطمينان ۾ پنهنجيون وفاداريون تبديل ڪري ٿو ۽ انسان دوستيءَ واري آدرش تان اکيون ۽ ڪنڌ جھڪائي هٿ کڻي رت پياڪ ۽ انسان دشمن ڌرين سان سمجھوتو ڪري ٿو، ته ليکڪ ان کي باضميريءَ جي انصاف ڀريي فيصلي موجب تاريخ جي ڪٽهڙي ۾ بيهاري، ”مجرم“ ۽ ”غدار“ قرار ڏئي، پنهنجي پوري طاقت سان پوئتي ڌڪي ٿو ۽ اهو چئي ته،”زخميل کي ڇڏي ڏيو. توهان اڳتي وڌو. وقت تمام ٿورو آهي“ هڪ وڏي پيغام کي آشڪار ڪري ٿو. جيڪو ڪمٽمينٽ جو آهي.
“پرين پڄاڻان” ڪهاڻي آهي ته کوهه کوٽڻ بابت، پر انور پيرزادي صاحب ان کي شاهڪار منظر نگاريءَ، مشاهدي جي ڊجيٽل ڪيميرا جهڙي اک، اعليٰ درجي جي شاعراڻي ٻوليءَ جي استعمال، ڳوٺاڻي زندگيءَ سان واسطو رکندڙ ناڪام عشق جي دکدائڪ ۽ نه وسرندڙ داستان ۽ “اوڀايي” جي مثالي ڪوڏياري  ۽ ٻنيءَ جي ڪم ۾ وڏي هاڪ ۽ خاص طور تي “رونبي” ۾ ڪو مَٽُ ثاني نه رکڻ واري خوبصورت ڇوڪري بسران جي ڪردار سان سينگاري، بي انتها سهڻو ۽ يادگار بڻائي ان انداز ۾ پيش ڪيو آهي، جو سنڌي ڪهاڻيءَ جي ڀاڳ جي تاريخ وڌيڪ جرڪندي ۽ چمڪندي نظر اچي ٿي..
اٺين ۽ ڪتاب جي آّخري ڪهاڻي ”ڪاڇي جي ڪهاڻي“ آهي. جيڪا انور پيرزادي صاحب پنهنجي حياتيءَ جي آخري ڏهاڙن ۾ لکي. تنهن کي ڪاڇي جي سوڪهڙي جو سڏڪو چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو.
هيءَ ڪهاڻي، تمام ٿورڙن لفظن ۽ بلڪل ننڍڙي پلاٽ تي مشتمل آهي، ان کي انور پيرزادي صاحب ڪاڇي جي دائمي درد سان پنهنجي قلم جي حساس قلب ۾ سمائي شاعريءَ جي پيرايي ۾ اهڙي طرح لکيو آهي، جو پڙهندي سِٽَ سِٽَ مان سيسراٽيءَ جو احساس اڀري ٿو.
ائين هن ڪتاب ۾ شامل هي سڀئي ڪهاڻيون انور پيرزادي صاحب جو ته اسان سان نئون تعارف ڪرائن ٿيون، پر سنڌي ڪهاڻيءَ جي محققن کي به نوان تعارف ۽ حوالا آڇين ٿيون.

(ڪتاب ”انور پيرزادي جون ڪهاڻيون“ جو مهاڳ)

No comments:

Post a Comment