Thursday, August 1, 2019

ريل جو سفر - فرانز ڪافڪا - همير گاد


ريل جو سفر
فرانز ڪافڪا/ همير گاد
ريل گاڏي ۾ ويهين ته پوءِ اهو وساري ڇڏ ته؛ تون ڪٿي آھين.؟
بس اهو سمجھ ته؛ هيءُ تنهنجو گهر آ ۽ تون هتي ئي رهندا آھين.
اچانڪ تو کي ياد ايندو ته؛ هيءَ ڪهڙي جڳھ آھي.؟
اڳتي تيز هلندڙ ريل کي ڏس.


هاڻي تون هڪ مسافر آھين. پنهنجي بيگ مان ٽوپي ڪڍ، گڏ سفر ڪندڙ مسافرن سان، بي تڪلفيءَ سان مل. تون پنهنجي منزل جي طرف وڃي رهيو آھين، ليڪن ڪوشش ڪر ته ان ۾ تنهنجي ڪنهن شعوري ڪاوش جو دخل نه آهي.
هڪ ٻار وانگر سفر مان مزو وٺ.
ڪنهن عورت جو محبوب بڻجي وڃ. تو کي دريءَ ۾ ڪشش محسوس ٿيندي.
پنهنجو هٿ دريءَ تي رکي ڇڏ.

(بروز اڱارو، بتاريخ ۳۰ جولاءِ ۲۰۱۹ع تي روزاني ”پنهنجي اخبار“ ۾ شايع ٿيو، ليکڪ جي فيسبڪ وال تان کنيو ويو)

No comments:

Post a Comment