Wednesday, July 24, 2019

اڌ اکري - مٺل جسڪاڻي


اڌ اکري
(مختصر ڪھاڻي)
مٺل جسڪاڻي
ڊاڪٽر ڪي ڊي نه ته ڪو عام رواجي ڊاڪٽر آھي ۽ نه ئي ڪو عام شخص آھي، پر سفا سڌو، سچو، کرو ھجڻ ڪري، گھڻائيءَ کان گھڻو مختلف آھي. ڪڏھن ڪڏھن دل جو بار ھلڪو ڪرڻ لاءِ ايندو آھي، ته ويھندو آھي، ماڻھن جا ساڻس وڙھندڙ رويا ٻڌائي، پنھنجو من ھلڪو ڪري، مون تي وزن وڌائي ھليو ويندو آھي.


ھن دفعي آيو ته رسمي دعا سلام ۽ خير عافيت به نه ڪيائين! چوڻ لڳو؛ ”عنوان پڇي، ھمراھه گم ٿي ويو! سڌي ڳالھه ڪري ھا، ته به سڌي صلاح ڏيانس ھا... ڪُلھا گَٺل آھن. لالچ رکي ناھي. ڪاروبار ڪرڻ نه ڪو اچي، نه ئي ڪندو آھيان... ٺڳيءَ جا ٺاھه گھڻا، پر ھي نت نئون، نرالو، جديد انداز محسوس ٿيو.“
مون سان اھڙي طرح ڳالھيون ڪري ويندو آھي، ٻئي ڪنھن کي گھٽ سمجھه ۾ اينديون، پر اسان ھڪ ٻئي سان سدائين پيا حال احوال ڪندا آھيون، ھڪ ٻئي جي اڌ اکري سمجھي ويندا آھيون.

No comments:

Post a Comment