Tuesday, July 23, 2019

ڪريل وڻ، ڦاٿل ماڻھو- مير اعظم علي ٽالپر


مير اعظم علي ٽالپر
Image result for man trapped under fallen tree
هڪڙي سرڪاري اداري جي آفيس جي لانَ (پارڪ) ۾ سالن جو پوکيل يادگار وڻ، تيز طوفاني هوائن (جهڪ) سبب ڪري پيو. وڻ، وڏو هئڻ ڪري، ڪرڻ وقت، ان آفيس جي ڀر ۾ هڪ ڪارخاني (فيڪٽري) جي ڀت مٿان اٽڪي بيهي رهيو. البته وڻ ڪرڻ وقت، هڪ واٽهڙو، اتفاق سان ان وڻ جي ٿُڙَ هيٺان اچي ڦاسي پوڻ سبب، دٻجي ويو ۽ وڻ جي مٿان هئڻ سبب، دانهون ڪرڻ ۽ بچائڻ (ڪڍڻ) لاءِ رڙيون ڪرڻ لڳو. سندس آواز تي، آفيس جو لان سنڀاليندڙ مالهي، هڪدم ڊوڙي آيو. جڏھن ته وڻ کڻڻ يا مٿي ڪرڻ، ان لاءِ ممڪن نه هو. مالهي ڊوڙي وڃي آفيس ۾ اها ڳالهه، في الحال، ڪلارڪ کي ٻڌائي. ڪلارڪ وري اها ماجرا، هيڊ ڪلارڪ سان ڪئي. اهو قصو، ائين ڪندي، آفيس سپرنٽينڊنٽ ۽ ايڊمنسٽريٽر آفيسر تائين پھتو. آخرڪار پورو داستان آفيس جي وڏي صاحب تائين پهچي ويو. جنهن فورًا زباني حڪم جاري ڪيو ته؛


”هن وقت تائين، جيڪو ڪجهه هن واردات ۾ ٻڌايو ويو آهي، ان لاءِ عيني شاهد ۽ سر زمين جي گواهه مالهيءَ کي چئو ته وڻ ڪرڻ ۽ ان هيٺان هڪ نامعلوم شخص جي اچڻ جا مڪمل تفصيل ۽ سبب، هڪ لکت واري رپورٽ ۾ ڏئي. ان کانپوءِ وڻ جو پروفائيل وغيره ۽ جاءِ واردات جو پورو احوال لکي، هڪ فائيل ٺاهي، مون ڏانهن مارڪ ڪري موڪليو وڃي.“
اھو حڪنامو ٻڌڻ کانپوءِ، ويچارو مالهي، آفيس مان هن ڪنهن پٽيوالي جي معرفت، اڇو ڪاغذ ۽ بال پين وٺي، آفيس جي ھڪ ڪلارڪ وٽ پهتو، جيڪو آفيس ۾ عريضي نويس طور مشهور هو. ڇو ته هو پوري اسٽاف لاءِ، آفيس ۾ درخواستون (هر قسم جون) لکڻ جو ماهر ۽ همدرد هو. بهرحال مالهيءَ، ان منجھ سڄي حقيقت، پوليس جي مشيرنامي وانگر تحرير ڪرائي ته ٻئي طرف ڪريل وڻ هيٺان دٻيل شخص، مصيبت مان آجو ٿيڻ لاءِ، مسلسل رڙيون ڪندو رھيو. ان کي ڏسڻ لاءِ چوگرد آفيس جا پٽيوالا، چوڪيدار، ڪلارڪ گڏ ٿي ويا هئا ۽ پاڻ چئي رهيا هئا ته؛
”هن وڻ هيٺ ڦاٿل شخص کي، ٻاهر ڪيئن ڪڍجي؟
ان وچ ۾ آفيس سپرنٽييڊنٽ ۽ وڏو صاحب، خود موجاءِ واردات تي پهچي ويا. سي به پاڻ ۾ انتهائي فڪر انگيز گفتگو ڪري رھيا ھيا. صاحب وڏي جي چوڻ تي، آفيس سپرنٽينڊنٽ اچانڪ حڪم ڪيو ته؛
”اداري جي ڪارپينٽر (واڍي) کي گهرايو وڃي. ان کان علاوھ آفيس لاءِ مقرر ڪيل ميڊيڪل بورڊ جو ميمبر (ڊاڪٽر) پڻ اچي.“
ٿوري دير بعد، واڍو حاضر ٿي ويو. کيس ڏدي، جاءِ وقوع تي بيٺل وڏي صاحب چيو؛ ”ڪريل وڻ جي ٿولهه جي ماپ ڪئي وڃي.“
ڪارپينٽر، هڪدم ماپ ڪري، صاحب کي وڏي آواز ۾ ٻڌايو ته؛ ”سائين! وڻ قديمي ۽ پراڻو هئڻ سبب ڇهه فوٽ، چار انچ ٿلھو آھي. ڇوڏا تنھن کان سواءِ آهن.“
ان کانپوءِ ميڊيڪل آفيسر کي صاحب حڪم ڪيو ته؛ ”ڦاٿل شخص جي ماپ ڪئي وڃي.“
ڊاڪٽر، ان دٻيل شخص جي ڊيگھ ويڪر ماپي، وڏي آواز ۾ آفيس سپرنٽينڊنٽ کي ماپ لکرائي؛ ”پنج فوٽ، ڇهه انچ! مٿو ان کان الڳ آ.“
هن ڪارروائيءَ کانپوءِ، صاحب اعلان ڪيو؛ ”هاڻ فائيل مڪمل آهي، پر جيئن ته وڻ زمين ۾ پوکيل آهي ۽ وڻ جو معاملو روينيو دپارٽمينٽ ۾ اچي ٿو. آئون فائيل وڌيڪ ڪارروائيءَ لاءِ زراعت کاتي کي موڪليان ٿو. ان لاءِ هڪ ليٽر ۾ لکان ٿو ته هڪ عدد يادگار پراڻو وڻ، هيتري ويڪر ماپ وارو، فلاڻي وقت ۽ تاريخ تي، تيز طوفاني هوائن جي سٽ نه سهندي، سرڪاري آفيس جي لان مان ڪرندي، اڌ هڪ پاسي واري ڪارخاني مٿان ڪري پيو آهي. مذڪوره ڪريل وڻ هيٺان، هڪ شخص نالو فلاڻو، ساڪن وطن پر حال رهندڙ جاءِ فلاڻي تي اچي ويو آهي. ان کي ڪڍڻ ۽ وڻ کي بچائڻ لاءِ اوهان کي اطلاع ڪجي ٿو. هن اطلاع جي ڪاپي سيڪريٽري صاحب، اداري جي وزير صاحب ۽ جملي ٻين واسطيدار (سيڪشن) آفيسرن کي پڻ موڪلجي ٿي.“
فائيل، زراعت کي روانو ڪيو ويو.
ڦاٿل شخص سان مخاطب ٿيندي، آفيس جي وڏي صاحب، هڪدم آرڊر ڪيو؛ ”هن لاءِ فورن هڪ عدد گهڙو (دِلو) پاڻيءَ جو هتي ڀري رکيو وڃي ۽ کيس ڪا به تڪليف نه ڏني وڃي، جيستائين مٿان يا زراعت کاتي پاران ڪو حڪم نه اچي.“
اهو چئي صاحب هليو ويو.
ٻن ڏينهن جي انتظار کانپوءِ، زراعت کاتي، ساڳيو فائيل واپس ڪندي، جواب لکي موڪليو؛ ”زمين تي پوکيل وڻ ڪهڙو به هجي، فروٽ ڏيڻ وارو يا صرف ڇانوَ وارو، اهو زراعت کاتي جي حد ۾ نٿو اچي. جيتوڻيڪ زراعت جي ذميواري عام فصل مثال طور؛ ڪڻڪ، وونئڻ، ساريون وغيره کي بچائڻ آھي. وڻ جو معاملو، باغن سان وابسته آهي. ان ڪري، وڻ لاءِ ان اداري سان رابطو ڪيو وڃي، جيڪو ٻيلي کاتي جي ماتحت آهي. وڌيڪ تصديق لاءِ حد جي مختيارڪار صاحب يا تپيدار صاحب سان رابطو ڪيو وڃي.“
ان دوران، ڀر واري ڪارخاني پاران، مذڪوره اداري کي ڪريل وڻ کان ڪم ڪار متاثر ٿيڻ سبب، هڪ ليگل نوٽيس مليو. جنهن ۾ لکيل هو ته؛ ”هڪ وڻ، اوهان جي کاتي جو، اوھان جي کاتي جي ڀت تي ڪري پيو آھي. جنھن جو اڌ ملبو، گند ڪچرو، پن ۽ ٽاريون، اسان جي فيڪٽريءَ ۾ رستا روڪ بڻيل آهن. جيئن ته اسان جي آفيس ۾ پرده دار خواتين (ملازمائون) به ڪم ڪن ٿيون، انهن کي اچڻ وڃڻ ۾ تمام گهڻي تڪليف ٿي رهي آهي. ان ڪري پنهنجي هن تباهه حال وڻ کي، فورن هٽايو. ور نه ته ٽن ڏينهن اندر، هن نوٽيس کانپوءِ، اسان قانوني ڪارروائيءَ جو حق محفوظ رکون ٿا.“
ان وچ ۾، وڻ هيٺان دٻيل شخص جي حالت، رحم جوڳي ٿي وئي هئي. ان کي ڏسڻ وارن جو هڪ وڏو مجموعو گڏ ٿي رهيو هو. ان کان علاوھ وڻ کي هٽائڻ به هڪ مسئلو هو. هر ڏسندڙ پنهنجي عقل ۽ ڏاهپ جي پڇڙيءَ تي بيهي، مفت مشورن سان نوازي رهيو هو. ائين محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ صلاحن جي فائرنگ ٿي رهي هجي. ڪن ڏاهن جي نظر ۾ وڻ اهم هو ڇو ته وڻ ڏکيو ٿئي ٿو. ڪي چون ته؛ انسان خاص آهي. جڏهن ته ٻيا چون؛ ”وڻ ۽ انسان ٻئي ساوا رهڻ کپن. ٻنهي جي ڌرتيءَ کي اشد ضرورت آهي.“
بهرحال، ڪريل وڻ جو فائيل، آفيس وارن، باغات کاتي وارن ڏي ڏياري موڪليو. جن يڪدم جواب ارسال ڪيو؛ ”جيئن ته هن وقت ملڪ ۾ وڻڪاريءَ جي مهم، زور شور سان جاري آهي. هر هنڌ، ھر ڪنڊ پاسي ۾ گند ڪچري جا ڍير پيل آهن. مطلب ته ڪا به جاءِ خالي نه آهي، جتي جو رهنما ننڍو وڏو، پارٽي ليڊر اڳواڻ زمين تي (اها خبر نه آهي ته ڪهڙو) ڪو نه ڪو ٻوٽو پوکيندي (فوٽو اخبار لاءِ) ۽ تقرير ۽ فلسفو وڻ (ڪنهن نه ڪنهن ٽي وي چينل) تي بيان ڪندي، هڪ ٻئي کان گوءِ کڻي اڳيان روڊ تي هلندڙ گاڏي جيان پهريائن نڪرڻ جي چڪر ۾ نظر اچي ٿو. اهڙي حالت ۾ اوهان پاران، وڻ وڍڻ ۽ ڪپڻ جو مطالبو، ڪريل وڻ کان به انتهائي ڪريل حرڪت ۽ ناجائز ڳالهه آهي. اهو به ممڪن آهي ته اوهان جي ليٽر ۾ ڄاڻايل شخص، خودڪشيءَ جي ارادي سان، وڻ تي چڙهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي هجي. جنھن سبب، وڻ زمين تي ڪرندي، پاسي ۾ ڪارخاني وارن پاڙيسرين لاءِ تڪليف جو باعث بڻيو هجي. جيستائين مذڪوره شخص جو، خودڪشي ڪرڻ لاءِ يا نه ڪرڻ لاءِ، ڊي اين اي ٽيسٽ ۽ بائيو ميٽرڪ نه ٿو ڪرايو وڃي، تيستائين پتو نه ٿو پئجي سگھي. في الحال، مٿس خودڪشيءَ جو شڪ جي بنياد تي قلم لاڳو ڪري، رپورٽ درج ڪرائي وڃي. ان کانسواءِ وڻ وڍڻ جي باري ۾، قطعي فيصلو، ٻيلي کاتي وارا ڪندا. ڇو ته وڻ وڍڻ يا نه وڍڻ لاءِ، ٻيلي کاتي وٽ کوڙ سارا جواز هوندا آهن.“
ڪريل وڻ ۽ ان هيٺان ڦاٿل شخص جي حالت زار ڏسندي، ماڻهن جي ميڙ مان هڪ عقل جي اڪابر، ڏاهن جي پڇڙيءَ تي لت ڏيندي چيو؛ ”هيءُ وڻ ايترو ئي قيمتي آهي ته ڀلي نه وڍيو! بيٺو هجي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ وڏي ترقي ڪئي آهي. آئون هڪ سرجن آهيان. هن همراهه جو ئي آپريشن ڪري، کيس ٻن حصن ۾ بيهوش ڪري، ٻاهر ڪڍيو وڃي. مون کي اميد آهي ته هي آپريشن ڪامياب ويندو. البته ان کانپوءِ، اهو شخص زنده رهي يا نه رهي، اها ٻي ڳالهه آهي.“
موت ۽ زندگيءَ جي ڪشمڪش جي ٻه واٽي تي دٻيل شخص کان اچانڪ چپن مان هڪ دل سوز شعر نڪري ويو، جيڪو ٻڌڻ شرط هڪ همراهه ٻڌي اچي پڇيو؛ ”ڀائو ڇا تون ترقي پسند شاعر آهين يا عشقيه شاعري ڪندو آهين؟“
ان تي ڦاٿل شخص وراڻيو؛ ”پهرين مون کي هن وڻ هيٺان بچائي ٻاهر ڪڍ!“
”اهو منهنجي وس ۾ نه آهي.“ ان شخص موٽ ۾ وراڻيس ۽ دليل ڏيندي چيائينس؛ ”ڇو ته پاڻ وٽ ڪهاڙو ۽ ڪهاڙيءَ بدران قلم جو سهارو آهي. آئون تو کي ادبي سنگت جو ميمبر بنائيندس. تون هڪ عظيم شاعر آهين، جو موت جي منهن ۾ هوندي به شاعري ڪري رهيو آهين. تون يقين رک، خدانخواسته تنهنجا (سنڌي چوڻي موجب) سورهيه اتي پورا ٿي ويا ته ادبي سنگت ۽ ثقافت کاتي پاران هر سال تنهنجي ورسي ملهائڻ ۽ هن جاءِ تي ميڻ بتيون ۽ اگر بتيون ٻاريون وينديون. ان کان علاوھ تنهنجن ٻارن ٻچن کي وظيفو ڏياريندس. جنھن لاءِ ثقافت کاتي جي سيڪريٽريءَ ۽ وزير سان به ڳالهائيندس. جيئن تنهنجي روح کي سُڪون ملي سگهي.“
ان دوران، آفيس ۾ هيڊ ڪوارٽر پاران، هڪ ليٽر پهتو ته ريجنل آفيس ۾ هڪ وڻ ڪرڻ سبب، سرڪاري ڪاروهنوار ۾ رڪاوٽون پئجي رهيون آهن. اھو وڻ، ماضيءَ ۾، هڪ پرڏيهي ملڪ جي سربراهه، پنهنجي دوري دوران، هتي پوکيو هو. ان ڪري اها ٻن ملڪن جي گڏيل وراثت واري ملڪيت آهي. اها هڪ-طرفي ختم ڪرڻ، ناممڪن آهي. البته ان ماضيءَ جي ٻوٽي ۽ هاڻ جي (پوڙهي ۽ جهوني) وڻ، ان جي ڪرڻ سان هڪ شخص دٻجڻ ۽ پاسي واري ڪارخاني جي متاثر ٿيڻ جو سمورو حال احوال لکي، ان يادگار ٻوٽي جي هاڻ خسته حال وڻ ٿيڻ سبب، وزيراعظم جي رضامندي ۽ صحيح سان، ميمورينڊم ان پرڏيهي ملڪ کي موڪلي، انهن جي رضامندي سان مذڪوره وڻ کي وڍڻ يا نه وڍڻ جو فيصلو، گڏيل مفادن جي ڪميشن ۾ ڪيو ويندو.
اهڙو دستاويز، مورخه فلاڻي تاريخ تي، وزير خارجه صاحب کي ڊسپيچ ڪيو ويو.
هڪ هفتي کانپوءِ، پرڏيهي کاتي ۾ ساڳيو فائيل موٽي آيو. ان ۾ نوٽ تحرير ٿيل هو؛ ”اسان ۽ اوهان جي ملڪ جو گڏجي پوکيل ٻوٽو، جيڪو پوءِ جوان وڻ ٿيو. ھاڻي پوڙهو ۽ جهونو وڻ ٿيڻ کانپوءِ، خسته حالت ۾ ڪرڻ ۽ هيٺان هڪ قيمتي انساني جان اچڻ تي ڏک پهتو آهي. ان ڪري فورن وڻ کي وڍيو وڃي. البته ان جو ٿُڙ، محفوظ ڪيو وڃي ۽ پاڙ کي ٻيهر ڦٽڻ لائق بنايو وڃي.“
آخرڪار هڪ هفتي جي التوا بعد، هيڊڪواٽر کان وڻ وڍڻ لاءِ منظوري، ريجنل آفيس پهتي.
صبح جو وڻ هيٺ دٻيل شخص وٽ ويٺل چوڪيدار ڏانهن اها خوشخبري ٽائيپ آرڊر جي شڪل ۾ نائب قاصد (پٽيوالو) کڻي آيو ته وڻ جو مسئلو نيٺ حل ٿي ويو ۽ ان سان گڏ ڪوڏر ۽ ڪهاڙين سان وڻ وڍڻ جي ليبر ۽ پورو اسٽاف، وڏي صاحب جي پروٽوڪول سان گڏ پهتو. وڻ کي جيستائين وڍيو وڃي، وڻ هيٺ آيل بدنصيب انسان جي زندگيءَ جو فائيل ئي ملائڪ ڌرتي تان کڻي، آسمان طرف روانا ٿي چُڪا هئا.

(مير اعظم علي ٽالپر جي ڪالم؛ ”قصو هڪ وڻ جو، جيڪو وڻ ويڙهي بڻجي ويو“، جيڪو ڏيھاڙي عبرت ۾ بتاريخ ۲۲ جولاءِ ۲۰۱۹ع تي شايع ٿيو، تان کنيو ويو آھي.)

No comments:

Post a Comment