Sunday, July 7, 2019

مٿين ڪمائي


مٿين ڪمائي
مختصر ڪھاڻي
وھاب سھتو
ھڪڙي گداگر، ھڪڙي گھر جي در تي اچي، گدا جي سين ھنئي. گھر-ڌياڻي، در جي ڏيوڍيءَ ۾ آئي ته سندس آڏو اٽي-لپ يا مانيءَ-گرھ ڏيڻ لاءِ صدا ھنيائين. گھر-ڌياڻي، کيس ڏيوڍيءَ وٽ ڇڏي، بورچيخاني مان اٽي-لپ کڻڻ لاءِ مڙي ته پويان پٽ تي پيل ٽامي جو گلاس، فقير جي نظر چڙھي ويو، جيڪو لمڪو ڏئي بگريءَ ۾ وڌائين. گلاس کڻڻ واري آھٽ مالڪياڻيءَ به ٻڌي ورتي. يڪدم پوئتي ڏٺائين ته فقير، گلاس بگريءَ ۾ لمائي رھيو ھيو. يڪدم جھڻڪيائينس؛ ”فقير! اھو ڇا ٿو ڪرين؟“


گداگر وراڻيس؛ ”مائي! پڻ فقير رڳو تو واري اٽي-لپ تي ڀاڙي ويٺو آھي ڪ. نوڪريءَ واري جو پگھار سان گڏ مٿين ڪمائيءَ کان پوءِ گذارو ٿئي ھي. پڻ فقير به ائين گذارو ڪري ھي!“

No comments:

Post a Comment