Friday, May 31, 2019

بيوروڪريٽ - منظور ڪلهوڙو


بيوروڪريٽ
ڪهاڻي
منظور ڪلهوڙو
بابا توهان سان واعدو ٿو ڪريان ته پي ايڇ ڊي جي رهيل ڪم کي هر حال ۾ مڪمل ڪندس.“
ڊرائنگ روم ۾ مڪمل خاموشي ڇائنجي وئي.
تنهنجي مرضي آ....، مڪمل ڪرين يا نه.جڏهن تو سول سروس کي جوائن ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي ته هاڻي پي ايڇ ڊي جو معاملو ثانوي حيثيت جو ٿي وڃي ٿو.
ٻئي خاموش رهيا. سڪندر پيءُ سان وڌيڪ نظرون ملائي نه سگهيو ۽ نه وري وڌيڪ ڳالهائي سگهيو.

صلاحيت - ممتاز لوهار


صلاحيت
مختصر ڪهاڻي
ممتاز لوهار
ليباريٽري تان زال جي پرگيننسي رپورٽ کڻي، هو رستي سان هلندي پڙھڻ لڳو. پرگيننسي پازيٽو آئي هئي. ڏھن سالن جو انتظار، ڪو گهٽ عذاب ڪونهي. ماڻھن کي ڪيترا ۽ ڪهڙا جواب ڏجن. گهر اچي هن زال کي ڀاڪر پائي، ٿڙڪندڙ چپن سان مبارڪ هجئي، چوڻ چاهيو. پر چئي نه سگهيو. ڪرسيءَ تي پاڻ ڇڏي ڏنائين. زال جي اکين ۾ ڳوڙھا ڀرجي ويس. ٻنهي جي چھري تي اداس مرڪ ڦٿڪڻ لڳي. هنن هڪ ٻئي کي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو. ڀاڪر ڍرو ٿيو ته هن اکيون اگهيون. ٿڌو ساھ ڀري سوچيائين: مون ۾ ٻار پيدا ڪرڻ جي صلاحيت ناهي ته ڇا ٿي پيو..... منهنجي زال ۾ ته آھي.

ڇا ته ماڻهو هو - امر لغاري


ڇا ته ماڻهو هو!
هڪ تصوراتي خاڪو
امر لغاري
مونسان ملاقات تڏهن ٿي هيس، جڏهن مِٽن تي اڃا وار به نه آيا هيس. ڳڀرو جوان هو. سونهن ۾ به سرس هو. انهي خوبي ڪري وڻندو به سڀنيءَ کي هو. پر انوکي طبيعتي ميلان ڪري ماڻهن سان وچڙندو گھٽ هو. نه ڪنهن کي تنگ ڪندو هو نه ڪنهن جي سهندو هو. .عجيب نوجوان هو، ڀنڀورين جئان چِلوَلو ۽ ٽاهه کائيندڙ! مونسان وري اهڙي لڳس جو اصل هڪ پل به پري نه ٿيندو هو. راند، عشق ۽ رولاڪين واري عمر جو ڪجھه حصو مونسان گڏ گذاريائين. يادگيرين جهڙو ساٿ، پر ٿوري وقت لاءِ. من موجي هئڻ ڪري مائٽ ڪاوڙبا هيس، پر ليکيندو ڪنهن کي به ڪو نه هيو. مئٽرڪ ڪري ڪاليج ۾ داخل ٿيو، پر ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ تي دل نه ڪندي هيس. اڪثر راندين جي ميدانن جا چڪر پيو ڪاٽيندو هو. پنهنجي منهن، ڊڀ وريل پيچرا وٺيو وڻن جي ڇانوَ هيٺ چڳندڙ هُدهدن سان پيو کيچلون ڪندو هو. ايئن جوڳين ۽ سنياسين جو مٿس پاڇو پيو، پوءِ جيڏانهن ٿي آيس اوڏانهن ٿي ويو. هارين مزورن، ريڍارن، ٻڪرارن، ڳنوارن ۽ ميهارن سان ڪچهريون، ۽ دونهيون سندس آستانه بنجي ويا. ڪا تئونس هيس جنهن کي ميٽڻ لاءِ ڳوٺن جا ڳوٺ ۽ شهرن جا شهر لتاڙڻيندو وتندو هو - نون تجربن لاءِ، نون مشاهدن ڪارڻ.

Thursday, May 30, 2019

گوٿناٿي ٽولي تي بحث - آصف ڪلهوڙو


گوٿناٿي ٽولي تي بحث
آصف ڪلهوڙو
Image result for ghost schoolsمُور، مُترڪو، ملُوڪ ۽ سندس ٻالڪ منڊلي، گوٿناٿي ٽولي تي ويچار ونڊڻ لاءِ ويٺا.
پپر جي وڻ هيٺان، ڦاٽل رليون وڇايون ويون. ٽيهن جي لڳ ڀڳ ٻارڙا، ميرانجهڙن مُنهن سان تڪڻ لاءِ، پنهنجن يارڙن کي ته بحث جي شروعات ڪيئن ۽ ڪٿا ٿي ٿئي.


پهريون مُدو، ميرانجهڙن مُنهن اڳيان رکيائون ته؛ ”ڀڳل بينچ تي ويهڻ وقت، ڪنهن ڪنهن کي ڪوڪو لڳو آهي؟“
نهارڻ لڳا جٿي ڏانهن ته علڻ هٿ مٿي کنيو ۽ چيائين؛ ”مون کي.“
اُن تي مور، صحافتي انداز ۾ پُڇيس ته؛ ”تو کي ڪيئن محسوس ٿيو، ان ويل.؟“
محفل ۾ ٽهڪڙو مچي ويو ۽ علڻ به ٽھ ٽھ ڪندي جواب ڏنو؛ ”دانهن نڪري وئي.“  
محفل ۾ بحث جي شورعات ٿي وئي.
علڻ جي جواب تي ويچار ڪندي، مُترڪي چيو؛ ”ان ۾ ڪنهن جو ڏوھ آهي؟ ڪوڪي جو يا اسڪول انتظاميه جو؟ اهڙي شرپسند عمل ۾، ڪير ڀاڱي ڀائيوار آهي.؟“
جواب موصول ٿيڻ شروع ٿيا.
”سائين وارا، جيڪي بينچن جي ٺڪ ٺُوڪ نٿا ڪرائين، ٻيو وري ڪير.“
پنڊال مان رڙ ڪندي ولڻ وراڻيو؛ ”هيڊ ماستر، جيڪو سدائين نابري واريو ويٺو هوندو آهي.“
ٽيون جواب آيو؛ ”اهي صاحب، جيڪي هيڊ ماستر جي ڪمري ۾ چانهن ماني کائڻ ايندا آهن.“
ان کان علاوھ، ڪيئي سبب، غور ويچار واري بحث ۾ تذڪري هيٺ رهيا.

Wednesday, May 22, 2019

ھوءَ ۽ نسوار - مٺل جسڪاڻي


ھوءَ ۽ نسوار
مختصر ڪھاڻي
مٺل جسڪاڻي
ھوءَ مون کي ڪنھن به خاص سبب کانسواءِ، ھروبرو وڻڻ لڳي ھئي، ان ڪري کيس ڏسڻ ۽ سندس متعلق ڄاڻڻ جي ڪوشش پيو ڪندو ھئس.
ھڪ ڏينھن مون کي خبر پئي ته ھوءَ نسوار ڏيندي آھي. ڪڏھن ڪڏھن نسوار کُٽي ويندي اٿس ته ٻين کان گھُري وٺندي آھي.

Thursday, May 16, 2019

نوٽيفڪيشن - مٺل جسڪاڻي


نوٽيفڪيشن
مختصر ڪھاڻي
مٺل جسڪاڻي
سفر ڪندي جيئن ئي فيس بوڪ ۾ لاگ اِن ٿيو، ته پُٽَس پنھنجي مامي کي چيو؛ ”ماما، ڏس بابا جا ڪم، سفر ۾ به فيس بوڪ ويٺو ھلائي“.
گاڏي ھلائيندي مامھس جواب ڏنو؛ ”ھا، سندس نوٽيفڪيشن ڏٺم“.

ڪير ٿو ڪنھن کي بچائي - مٺل جسڪاڻي


ڪير ٿو ڪنھن کي بچائي
مٺل جسڪاڻي
پوليس وارو: نالو ڇا اٿئي؟
واٽھڙو: الله بچايو.
پوليس وارو: ھي ساڻُ ڪير اٿئي؟
واٽھڙو: منھنجي زال آھي.
پوليس وارو: نالو ڇا اٿس؟
واٽھڙو: الله بچائي.
پوليس وارو: ھا مائي، ھي صحيح ٿو چوي؟
واٽھڙو سان گڏ عورت: جيءُ، ھا ادا، صحيح پيو چوي، اسان زال مُڙس آھيون.
پوليس وارو: ھُون... صحيح ٿو چوي... زال مڙس آھيو يا صلاح ڪري نڪتا آھيو... ھلو ٿاڻي تي، ڏسون ته ڪير ٿو ڪنھن کي بچائي يا ڀڄائي...

Wednesday, May 15, 2019

سلام - مٺل جسڪاڻي


سلام
(مختصر ڪھاڻي)
مٺل جسڪاڻي
پُڇيائينس؛ ”ڪرڙ کي سُڃاڻين؟“
ھن وراڻيس؛ ”منھنجو چاچو آھي“
مٿئون پڇيائينس؛ ”ڪانڊيرو به سڃاڻندو ھوندين“
”ھا،“ جواب ۾ چيائينس؛ ”اھو به منھنجو چاچو آھي“.
ٻِئي سوال جو جواب ٻُڌي، ھُن کي چِڙُ نه ورتو. پر اھڙو اچي کِل ۾ ڇٽو، جو اکين مان به ڳوڙھا وھي ويس!

ڪوءِ ڳنڍيندڙ ھوءِ - عبدالحفيظ ڀٽي


ڪوءِ ڳنڍيندڙ ھوءِ
ڪھاڻين جي ڪاريگر، ھوش ڀٽيءَ جي ڪھاڻين جو مجموعو
عبدالحفيظ ڀٽي
جڏھن اسان لفظ ڪھاڻي يا افسانو استعمال ڪندا آھيون ته ان مان اسان جو مقصد مختصر افسانو يا مختصر ڪھاڻي ھوندو آهي. جنهن کي انگريزيءَ ۾ شارٽ اسٽوريShort Story  چيو ويندو آهي. افسانو يا ڪھاڻي انساني مسئلنProblems  جذباتنEmotions,  محبتنLove  نفرتن Odiousness, خواھشنDesires  وغيره جو ترجمان ھوندو/ ھوندي آهي. ارڙھين صدي عيسوي ۾ افساني لکڻ جو رواج پئجي چڪو ھو ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ ھن صنف ايتري ته ترقي ڪئي جو دنيا جي ادب تي ڇانئجي وئي. آمريڪي افسانانگار ايڊگر ايلن پو مطابق؛ ”افسانو اھا ڪھاڻي آهي، جا اڌ ڪلاڪ کان وٺي ٻن ڪلاڪن اندر پڙھي سگھجي.“ مطلب ته ڪھاڻي ماحول ۾ ٿيندر ھر روز جا واقعا، جيڪو ڪھاڻيڪار پنهنجي عقابي اک سان پسي ٿو، سا سرجڻ جي سھڻي پيماني مان گذاري ڪري، من جي ماڳ کي معطر ڪري سا ئي ڪھاڻي سٺي پذيرائي ماڻي سگھندي.

Saturday, May 11, 2019

ماءُ جو ڏوراپو - انور ابڙو


ماءُ جو ڏوراپو
انور ابڙو
هُن جي چوويهه سالن جي ڌيءُ وڃي، هڪ ٻي برادريءَ جي ايڪويهن سالن جي ڇوڪري سان، پرڻو ڪيو. ماءُ مري پئي. پوڙهو پيءُ ڪُسجي پيو.