Friday, May 31, 2019

ڇا ته ماڻهو هو - امر لغاري


ڇا ته ماڻهو هو!
هڪ تصوراتي خاڪو
امر لغاري
مونسان ملاقات تڏهن ٿي هيس، جڏهن مِٽن تي اڃا وار به نه آيا هيس. ڳڀرو جوان هو. سونهن ۾ به سرس هو. انهي خوبي ڪري وڻندو به سڀنيءَ کي هو. پر انوکي طبيعتي ميلان ڪري ماڻهن سان وچڙندو گھٽ هو. نه ڪنهن کي تنگ ڪندو هو نه ڪنهن جي سهندو هو. .عجيب نوجوان هو، ڀنڀورين جئان چِلوَلو ۽ ٽاهه کائيندڙ! مونسان وري اهڙي لڳس جو اصل هڪ پل به پري نه ٿيندو هو. راند، عشق ۽ رولاڪين واري عمر جو ڪجھه حصو مونسان گڏ گذاريائين. يادگيرين جهڙو ساٿ، پر ٿوري وقت لاءِ. من موجي هئڻ ڪري مائٽ ڪاوڙبا هيس، پر ليکيندو ڪنهن کي به ڪو نه هيو. مئٽرڪ ڪري ڪاليج ۾ داخل ٿيو، پر ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ تي دل نه ڪندي هيس. اڪثر راندين جي ميدانن جا چڪر پيو ڪاٽيندو هو. پنهنجي منهن، ڊڀ وريل پيچرا وٺيو وڻن جي ڇانوَ هيٺ چڳندڙ هُدهدن سان پيو کيچلون ڪندو هو. ايئن جوڳين ۽ سنياسين جو مٿس پاڇو پيو، پوءِ جيڏانهن ٿي آيس اوڏانهن ٿي ويو. هارين مزورن، ريڍارن، ٻڪرارن، ڳنوارن ۽ ميهارن سان ڪچهريون، ۽ دونهيون سندس آستانه بنجي ويا. ڪا تئونس هيس جنهن کي ميٽڻ لاءِ ڳوٺن جا ڳوٺ ۽ شهرن جا شهر لتاڙڻيندو وتندو هو - نون تجربن لاءِ، نون مشاهدن ڪارڻ.


...۽ پوءِ جڏهن ڏاڙهي ڦٽس ته حُسن به بيهي پالوٽ ڪيس. الاءِ ڪيئن ترتيب ۽ تعليم ڏانهن ڌيان موٽي آيس. ڪاليج جي استادن کان ويندي يونيورسٽين جي پروفيسراڻين تائين هر ٿڌي ساهه ۾ هُرڻ لڳو. شاگرد شاگرداڻيون اڳيان پٺيان ٿيڻ لڳس. انهن ئي ڏينهن ۾ سياسي پارٽين جي شاگرد وِنگن مٿس ڏورا وڌا، پر اک کڻي به نه ڏٺائينَ. ڌمڪيون ڏنائونس، عهدا آڇيائونس، پئسا توڙي پگھارون ڏيڻيون ڪيائونس- پر انڪار جو ڪلمو پڙهي ويهي رهيو. تعليم جا سورنهن سال پورا ڪيائين ۽ نمبر کنيائين. ڪاميابين سان گڏ نوڪريون ۽ ڏوڪريون پٺيان ڊوڙڻ لڳس، پر پاڻ ڪنهن اهڙي پوپري پٺيان هو، جنهن جي دل ۽ دماغ ۾ ڏورانهن ڏيهن جا خواب پئي اُسريا.
هوءَ هڪ ڏينهن آمريڪا هلي ويئي. هُن به ٻُڌي هڪ ڊگھي ٽُٻي ڏني. سالن پڄاڻان جڏهن ٻاهر نڪتو ته ايئن ئي ساڻس ڪٿي گسين پنڌين اتفاقي ملاقات ٿي ويئي. عجيب ملاقات هئي! وچ ۾ هڪ وڏي وٿي اچي وئي هئي. هو خاموش هو. بي جان شين جيان بي حواس بنجي ويو هيو. گھڙي کن لئه ڏانهس ڏٺم- ڏٺم ته مٿي تي وار نه هيس. ڀرون وڏا ٿي اکين مٿان وري ويا هُيس. ڏاڙهي وڌي هيانءُ تائين لهي آئي هيس، ۽ پيشانيءَ تي پشيماني هُيس.
پڇيومانس؛ ”ڇا پيو ڪرين؟“
کيسي ۾ هٿ هڻي شَدن مَدن واري هڪ چؤپڙي ڪڍي ڏيکاريائين. چيائين، ”هيءُ پيو پڙهان!“
چؤپڙي ڏي ڏسي گھڙي کن لاءِ ته سپ سنگھي ويم. پر پوءِ جڏهن سوچن جو سلسلو قائم ٿيم ته سوچيم، ڇا ته ماڻهو هو! واچوڙي جيان اُڀريو، آسمان تائين پهتو، پر اُتان اهڙو ته ڪِريو، جو پڇڙ تاري جيئن لاٽ ڪري هميشه لاءِ وسامي ويو.

No comments:

Post a Comment