Wednesday, May 15, 2019

سلام - مٺل جسڪاڻي


سلام
(مختصر ڪھاڻي)
مٺل جسڪاڻي
پُڇيائينس؛ ”ڪرڙ کي سُڃاڻين؟“
ھن وراڻيس؛ ”منھنجو چاچو آھي“
مٿئون پڇيائينس؛ ”ڪانڊيرو به سڃاڻندو ھوندين“
”ھا،“ جواب ۾ چيائينس؛ ”اھو به منھنجو چاچو آھي“.
ٻِئي سوال جو جواب ٻُڌي، ھُن کي چِڙُ نه ورتو. پر اھڙو اچي کِل ۾ ڇٽو، جو اکين مان به ڳوڙھا وھي ويس!


کِل کي روڪڻ لاءِ جڏھن ٻيون سڀ اٽڪلون ناڪام ويون، ته سندس منھن ۾ تيز ٿڌي پاڻيءَ جا وڏا ڇنڊا ھنياسين...
”مون کي جيڪا خبر آھي، ان مطابق ته ڪرڙ ۽ ڪانڊيرو، پاڻ ۾ پيءَ ۽ پُٽ آھن.“ مُنھن اُگھي چوڻ لڳو؛ ”پر جيڪڏھن اھي ٻئي ھِن ھمراھه جا چاچا آھن، ته پوءِ آئون غلط آھيان.“
آخر ڪھاڻي اتي ختم ٿي، ته ھُن کي چيائين؛ ”ڪو به ڪم ڪار ھجي، بنا حجاب ھليو اچجانءِ، ڳوٺ وڃين، ته پنھنجي ٻنھي چاچن کي منھنجا سلام چئجانءِ.“

No comments:

Post a Comment