Wednesday, May 15, 2019

ڪوءِ ڳنڍيندڙ ھوءِ - عبدالحفيظ ڀٽي


ڪوءِ ڳنڍيندڙ ھوءِ
ڪھاڻين جي ڪاريگر، ھوش ڀٽيءَ جي ڪھاڻين جو مجموعو
عبدالحفيظ ڀٽي
جڏھن اسان لفظ ڪھاڻي يا افسانو استعمال ڪندا آھيون ته ان مان اسان جو مقصد مختصر افسانو يا مختصر ڪھاڻي ھوندو آهي. جنهن کي انگريزيءَ ۾ شارٽ اسٽوريShort Story  چيو ويندو آهي. افسانو يا ڪھاڻي انساني مسئلنProblems  جذباتنEmotions,  محبتنLove  نفرتن Odiousness, خواھشنDesires  وغيره جو ترجمان ھوندو/ ھوندي آهي. ارڙھين صدي عيسوي ۾ افساني لکڻ جو رواج پئجي چڪو ھو ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ ھن صنف ايتري ته ترقي ڪئي جو دنيا جي ادب تي ڇانئجي وئي. آمريڪي افسانانگار ايڊگر ايلن پو مطابق؛ ”افسانو اھا ڪھاڻي آهي، جا اڌ ڪلاڪ کان وٺي ٻن ڪلاڪن اندر پڙھي سگھجي.“ مطلب ته ڪھاڻي ماحول ۾ ٿيندر ھر روز جا واقعا، جيڪو ڪھاڻيڪار پنهنجي عقابي اک سان پسي ٿو، سا سرجڻ جي سھڻي پيماني مان گذاري ڪري، من جي ماڳ کي معطر ڪري سا ئي ڪھاڻي سٺي پذيرائي ماڻي سگھندي.


انسان جي زندگي ڪيترن ئي تجربن ۽ واقعن جو مجموعو آهي افسانا نگار انهن مان ڪو ھڪ واقعو يا مسئلو کڻي ٿو ۽ ان کي ڀرپور تاثر سان پڙھندڙن تائين پھچائي ٿو. ان مکيه مسئلي جي اردگرد ٻيا به مسئلا افساني يا ڪھاڻي ۾ زير قلم ايندا آهن. ليڪن اھي سڀ ان مکيه واقعي کي نکارڻ ۽ اجاگر ڪرڻ لاء استعمال ٿيندا آهن. سنڌ لفظ اچارڻ ۽ سوچڻ سان من ٻھڪي پوي ٿو پر جڏھن ان سنڌ ۾ وڌندڙ مسئلا جيڪي سنڌ جي سونهن کي ميرو ڪن ٿا پيا ۽ ان جي پويان جيڪي ھٿ ھجن ٿا اھي به سرداري ۽ وڏيرڪي نظام ھجڻ ڪري لڪيو وڃن ته روح روئندو آهي ۽ ان اٿل پٿل کي محسوس ڪري پنهنجو مسئلو سمجھي جڏھن ڪھاڻيڪار صاف ۽ شفاف من سان سرجي ٿو ته ڪنهن حد تائين ان آھ زاري جو آواز ڪھاڻين وسيلي حل لاءِ آلاپن ۽ سڏڪن جو سُور ڦوڪڻ ۾ مدد ڪن ٿيون، ائين ئي سنڌ جي اترانھين پٽي تي واقع باڊھ شھر سان تعلق رکندڙ نوجوان ڪھاڻيڪار ”ھوش محمد ڀٽي به سنڌ جي پيتل سُرڪ جو مان رکندي ساڻس قلم ذريعي ساٿي رھيو آهي.
ھوش ڀٽي سھڻو شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نگار ۽ تنقيد نگار آهي جنهن جو قلم سان عشق ھجڻ ڪري ھر وقت سچائي جي ٻڪ مان حق جا ڍڪ ڀري لکي ٿو، حق ۽ سچ جو علمبردار نھايت ئي سادي ۽ سلوڻي اسلوب سان ڪھاڻيون چٽي ٿو، جيڪي پڙھندڙن جي دل جا تاڪ کولي ڇڏي ٿو. افسانا يا ڪھاڻين جو لکڻ بي حد فائدي مند ثابت ٿيو آهي ڇو ته ٽيڪنالاجيڪل زماني ۽ تيز رفتاري واري زماني ۾ ڪجهه شيون پڙھڻ کان قاصر ھجن ٿيون سا ڪتابي شڪل ۾ ھجڻ ڪري من جا موتي ڪھاڻين جي شڪل ۾ ھميشا چمڪندا رھن ٿا سي ڪڏھن به ڪھڙي وقت به پڙھي سگھجن ٿا.
ھوش ڀٽي جو ڪھاڻين جو ڪتاب ”ڪوءِ ڳنڍيندڙ ھوءِ“ به انهن مڙني ڪتابن مان آهي، جنهن جي سنھري ورقن تي لکيل ڪھاڻيون، آئيندي جو آئينو ھجڻ جو ثبوت آهن. ھوش ڀٽي جو ڪتاب ڪو ڳنڍيندڙ ھوءَ سترنھن ڪھاڻين تي آڌاريل مرڪ پبليڪيشن ڪراچي مان ۲۰۱۸ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن جو ملھ ۲۰۰ روپيا آهي. ان ڪتاب ۾ ڪھاڻيڪار جون چٽيل سموريون ڪھاڻيون پڙھن وٽان آهن. ڇو ته تخليقڪار مسلسل لکندو رھي ٿو ۽ ذھن مان اڀرندڙ ھر خيال پاڪ ھجي ٿو. جنهن جو اثر دير يا سوير پڙھندڙن کي موھي سگھي ٿو.
ھوش ڀٽي جي ڪتاب ۾ ڪجهه ڪھاڻيون معاشري جي حقيقي پس منظر جو ڏيک ڏين ٿيون جن ۾ ٽائيٽل ڪھاڻي ڪوءِ ڳنڍيندڙ ھوءِ ۽ امن جو خواب، ڪامريڊ ۱۱، ڪامريڊ ۱۱۱، افطاري، شوق ۽ گاريون شامل آهن. ”امن جو خواب“ ڪھاڻي ڪتاب جي پيج نمبر ۳۵ کان ۳۹ جي وچ ۾ ان سوچ جو سنيھو آهي جيڪا اميدن تي قائم آهي جنهن جي مستقبل ۾ نويد ملڻ ڏاڍي ڏکي آهي امن جو خواب ڪھاڻي امن جو واقعي خواب آهي جيڪو پورو ٿيڻ ناممڪن ئي آهي ۽ اھو خواب صدين جو گھايل خواب آهي. اچو ته اڻ پوري خواب جي ساڀيان ٿيڻ جو سپنو ڏسون. ”ليفٽننٽ پرڀات سوچن ۾ غرق ھڪ ٽڪريءَ تي ڪنهن سامان جيان پيل ھو ۽ پکين کي پنهنجي گھرڙن ڏانهن ويندو ڏسي پنهنجي گھر ۽ ٻارن جي ياد اچڻ تي انهن جي باري ۾ سوچي رھيو ھو. پکين جي لاءِ سرحدون ڇو نه آهن؟ ۽ ھي ھوا!؟ ھي ھوا به ته سرحد پار دشمن ڏانهن ھتي آئي ھوندي ھن ھوا کي سرحد تي ڇو نه روڪيو ويو!؟ ۽ کيس چيو وڃي ھا ته تون اسان جي سرحد نه ٿي ٽپي سگھين ڇو جو تون دشمن ملڪ جي آهين ھي بادل اھي به ڀٽڪندا ڀڄندا سرحد اورانگھي ايندا ھوندا ـ يا وري اھا معصوم ياد جيڪا معصوميت جي ڪري موت جي وادي ۾ مسمار ٿي وڃي ٿي. پرڀات کي ياد ٿي اچي پنهنجي معصوم ننڍڙي ڌي دُعا جيڪا سندس جي حياتي ۽ سلامتي سان گڏ سڄي جھان جي سک شانتي ۽ سلامتي جو دعائون گھرندي رھندي آهي ھن کي ياد ٿو اچي ته گذريل ڀيري سرحد تي ايندي دعا کانئس سوال ڪيو ھو. بابا دشمن ڪيئن ھوندا آهن؟؟ ليفٽننٽ پرڀات ايڏو وڏو آفيسر ھوندي ان ننڍڙي سوال تي منجهي سوچ ۾ پئجي ويو ھو. پٽ دشمن اسان جھڙو انسان ئي ھوندو آهي پر لباس رڳو ٻيو پائيندو آهي ۽ سرحد جي ٻئي پار ھوندو آهي ـ امن جو خواب ڪھاڻي جو ھي حصو معصومانا فلسفي تي مشتمل آهي جنهن جو ڳچ حصو پاڪيزگي سان پاند ۾ امن لاءِ ڪھاڻيڪار پاڻ پتوڙي ٿو.
ڪھاڻيڪار ھوش روح ۾ سندر ۽ سچي خيالن جا موتي سانڍي ويٺو آهي ۽ ان آبھوا جي انتظار ۾ آهي جتي بنا ڪنهن سرحد جي ميلا ملاکڙا قائم ھجن گھرجن. ڪاش ته اھڙو جھان جڙي جتي اديبن، شاعرن، ڪھاڻيڪارن ۽ دانشورن جي پيار ۽ محبت جي ھٿي وٺرايل ادب ۾ ڪيل محنت رنگ لائي ۽ بنا ڪنهن رنگ ۽ نسل جو انسان ٿي ڪري ھڪ ٻئي جو ڀرجھلو بڻجون.
ھوش ڀٽي جو ھي ڪھاڻين جو ڪتاب مقدس سوچن تي گھڙيل صحيفو آهي. ڪتاب جي دل اندر، امن جا آلاپ سڏجن ٿا ۽ اھي آلاپ معاشري جي بنيادي ضرورت آهي. ھوش ڀٽي جو ھي ڪتاب ”ڪوءِ ڳنڍيندڙ ھوءِ” سنڌي ادب ۾ پنهنجي جاءِ مضبوطي سان جوڙي چڪو آهي جيڪو مستقبل جي معمارن جي خيالي اوسر ۾ مثبت اثر ڪندو مالڪ ٻاجھاري کان دعا آهي ته ھوش ڀٽي جي قلم کي عشق جي لَوءُ لڳائي ۽ ائين ئي معاشري جي مورت ڪھاڻين جي شڪل ۾ ھر عمر جي ساڃانھ وندن تائين پھچائيندو رھي.

No comments:

Post a Comment