Saturday, May 11, 2019

ماءُ جو ڏوراپو - انور ابڙو


ماءُ جو ڏوراپو
انور ابڙو
هُن جي چوويهه سالن جي ڌيءُ وڃي، هڪ ٻي برادريءَ جي ايڪويهن سالن جي ڇوڪري سان، پرڻو ڪيو. ماءُ مري پئي. پوڙهو پيءُ ڪُسجي پيو.


ڌيءُ جي ڳولا ڪيائون. اوڙي پاڙي مان پڇيائون. ٻن ڏينهن تائين کين ڪو به پَتو پئجي نه سگهيو. ٽئين ڏينهن پنهنجي اُن مائٽ ڇوڪري وٽ ويا، جن تي کين شڪ هو. اُن ڇوڪري قسم کڻي پنهنجي صفائي پيش ڪئي، پر هُن کين اهو ضرور ٻڌايو ته، ’سندن ڇوڪريءَ شانتي نگر ۾ رهندڙ هڪ ڇوڪري سان نڪاح ڪيو آهي.‘ ڇوڪري گلستان جوهر جي هئي.
ماءُ ۽ پيءُ جي اکين اڳيان، اوندهه اچي وئي. کين اعتبار نه ٿي آيو ته سندن ڌيءُ ائين به ڪري سگهي ٿي!
”پوءِ اسان کي وٺي هل... انهن جو گهر هلي ڏيکار“... ماءُ پيءُ ڇوڪري کي منٿ ڪئي.
ڇوڪري انعم ۽ ڇوڪر نعمان سان نڪاح ڪرڻ کان پوءِ شانتي نگر ۾ ڪرائي تي هڪ ڪمري جو گهر ورتو هو، جتي هُو وڃي رهيا.
نڪاح واري ئي رات جو نعمان پنهنجي وڏي ڀيڻ رِدا کي فون ڪري ٻڌايو هو ته، ’هن هڪ ڇوڪريءَ سان نڪاح ڪيو آهي.‘ ڀيڻ ردا اول رُني، پوءِ هُن پنهنجي ڀاءُ جي پرڻي واري ڳالهه پنهنجي پيءُ وحيد ۽ ماءُ زينب سان ڪئي. سندن گهر ۾ خوشيءَ بدران ڏک جو تڏو وڇائجي ويو، ڇاڪاڻ جو نعمان سندن اولاد ۾ اڪيلو پٽ هو. جڏهن ته باقي کين پنج نياڻيون هيون. هِنن ته پنهنجي پٽ کي وڏي ڌام ڌوم سان پرڻائڻ جا خواب ڏٺا هئا، جيڪي هاڻي هميشه لاءِ اڻپورا رهجي ويا.
”ڇوري چڱو ڪم نه ڪيو،“ وحيد ڪنڌ هيٺ ڪري آهستي چيو. هاڻي جيئن ته ”ڏُڌو کيرُ ٿڻين نه پوي“ واري ڪارِ هئي، سو وحيد اهو سڀڪجهه قبول ڪري ويهي رهيو.
زينب جا نير بند نه ٿي ٿيا. پنج ئي ڀينر سڪتي ۾ هيون. ڪاڄ واري ڪا به خوشي نه هئي گهر ۾.
وحيد، پنهنجي پُٽَ نعمان کان فون تي سندن نئين رهائش جو ڏس پتو پڇي وٽن ويو، ۽ کين گهر وٺي آيو.
سادي شادي. ڪي به دُهل نه وڳا. نه ئي ماءُ، ڀينرن، ماسين ۽ مامين سهرا ڳايا. ڪنوار ائين گهر آئي، ڄڻ پاڙي جي ڪا ڇوڪري گهر ۾ ساڻن ملڻ آئي هجي.
ماءُ پنهنجي پٽ نعمان کي ڏسي، مُنهن ٻئي پاسي ڪيو. پٽهس اچي سندس پيرن تي ڪِريو... ماڻهس روئندي ئي رهي.
سندس ڀينرن به ساڻس نه ٿي ڳالهايو... پر هو سڀ اُٿي انعم سان وڏي عزت سان مليا. ان کي کٽ تي ويهاريائون.... کيس پاڻي آڻي ڏنائون.... ڇوڪريءَ جو ڪنڌ بدستور هيٺ هو.
”بس مون کي معاف ڪيو.... غلطي اها ڪيم جو اوهان کي نه ٻڌايم... مون کي ڊڄ هو ته متان اوهان چئو ته اڃا تون ننڍو آهين... ٿورو وقت ترس...“ نعمان ماءُ کي ڀاڪر پائيندي چيو.
ماڻهس جو سڄو مُنهن ڳوڙهن سان آلو ٿي چڪو هو. هُن سڏڪندي پنهنجي پٽ کي ڳلي سان لڳايو.
......
انعم جي ماءُ، وحيد جي گهر اچي پهتي. انعم جو پيءُ نه آيو. انعم ۽ نعمان جي نڪاح کان پوءِ اها ٽين رات هئي.
انعم جي ماءُ جيئن ئي دروازي وٽ پهچي پنهنجي ڌيءُ کي ڏٺو ته سندس قدم اُتي ئي رُڪجي ويا ۽ سندس اکين مان ڳوڙها ڪنهن نديءَ جي بند کي پيل گهاري جيان وهي هليا.
نعمان جي ماءُ اُٿي وڃي کيس ڀاڪر ۾ ڀريو. کيس سهارو ڏيئي اندر ڪمري ۾ وٺي آئي. کيس صوفا سيٽ تي ويهاريائين. هوءَ ڪنڌ هيٺ ڪري روئيندي ۽ رئي جي پلاند سان پنهنجيون اکيون، چهرو ۽ نڪ اگهندي رهي. انعم جي به اکين کي ٽُڪو آيل هو.
زينب پاڻيءَ جو گلاس ڀرڻ وئي ته انعم اُٿي وڃي ماءُ جي پيرن ۾ ويهي، انهن تي مُنهن رکي زارو قطار روئڻ لڳي.
”امان، مون کي معاف ڪر،“ انعم جي زبان مان ٽُٽل لهجي ۾ لفظ نڪتا.
ماڻهس رڳو پنهنجي ڳوڙهن سان ڳالهائي رهي رهي. سندس زبان بند هئي. انعم ڪنڌ مٿي کڻي کيس ٻانهون ٻڌندي چيو: ”امان مون کي معاف ڪر... ٻار هئس نه... غلطي ڪري ويٺس....“ هُوءَ ائين چئي وري ماءُ جي پيرن تي ڪنڌ رکي روئڻ لڳي.
هاڻي ماڻهس پاڻ تي ٿورو ضبط ڪندي سندس مٿي تي هٿ رکندي ڳالهائڻ شروع ڪيو: ”ڌيءَ، تو کي اسان ڇا نه ڏنو هو جو تو هي قدم کنيو.... تو کي پڙهايوسين... تو کي اسڪول، ڪاليج ۽ بازار وڃڻ جي آزادي ڏنيسين... جيڪو به تو کي گهربو هو، اهو سڀڪجهه تو کي وٺي ڏيندا هئاسين... پوءِ به تون ائين پنهنجي پيءُ ماءُ کي ڇڏي هلي وئينءَ..... اسان سان ڳالهه ته ڪرين ها... اسان کي ٿورو وقت ته ڏين هان ته اسان پاڻ تو کي پنهنجي هٿن سان رخصت ڪيون ها... پر هيءَ تو ڪهڙي شادي ڪئي... جنهن ۾ نه تو ميندي لاتي، نه ڪنوار جا ڪپڙا پاتا، نه هار سينگار ڪيو، نه اسان سهرا ڳاتا، نه تو کي رخصت ڪيو..... ڌيءَ، ڪاش! تون ائين نه ڪرين ها!“
ماڻهس ائين چئي وري روئڻ لڳي. گهر ۾ موجود سڀ ماڻهو به روئيندا رهيا.
هاڻي انعم ڄڻ ته بيهوش ٿيڻ تي هئي.....ماڻهس کيس سنڀاليندي، سندس ڪلهن کان وٺي کيس مٿي ڪري پنهنجي سيني سان لاتو ته سڀني جي چهرن تي مُرڪ اچي وئي.
”مان تو کي پوءِ به بددعا نه ڏيندس ڌيءَ. ماءُ جو آهيان...الله سائين تو کي خوشيون ڏيندو.“
انعم ڪنڌ مٿي کڻي، آهستي مسڪرائڻ جي ڪوشش ڪندي نعمان کي ڏٺو ته هُن به اچي پنهنجي سَسُ جي پيرن تي هٿ رکيا. انعم جي ماءُ نعمان کي به پنهنجي سيني سان لائي ورتو.

No comments:

Post a Comment