Monday, February 20, 2012

رت، رات، ستارا - شبنم گل


رت، رات، ستارا
شبنم گل
هن ڪنڌ مٿي ڪري اُڀ ڏانهن نهاريو. جون جو ٻرندڙ سج، آسمان تي ڪنهن شعلي جيان، چمڪي رهيو هو. سندس ڪپڙا، پگهر ۾ ڇل هئا ۽ اکيون گرميءَ سبب ڳاڙهيون هيس. منجهند جي ان سَمي، جڏهن پکي پکڻ وڃي وڻن جي ٽارين ۾ پناهه وٺندا آهن، سمورا مزدور روڊ تي پٿر ڪٽي رهيا هئا. وريام به انهن مزدورن مان هڪ هو ۽ زندگيءَ جي پيڙا ۾ پيڙهجندڙ انهن بدنصيب انسانن مان هڪ هو، جن جو مقدر به سج جي ان ماريندڙ تپش جيان گهايل ڪندڙ هوندو آهي... هو ان ڪري محنت ڪري رهيو هو جيئن، سندس معصوم ٻارن کي ڪو سڻڀو ٽڪر نصيب ٿي سگهي، جيڪي سدائين سڪيءَ مانيءَ تي گذران ڪندا هئا ۽ ڪئين ويلا لنگهڻ ڪاٽيندا هئا. خاص ڪري ڪرفيوءَ جي ڏينهن ۾، سندن حالت رحم جهڙي هوندي هئي. اڪثر جڏهن شهر ۾ وڳوڙ اُٿندو هو ۽ ماڻهن جي چهرن تي موت جهڙي ويراني ڇائنجي ويندي هئي ۽ سندن اکين ۾ خوف ۽ انديشا جاڳي پوندا هئا، تڏهن ويران رستن تي فوجين جي ڳرن ٻوٽن جا پڙلاءَ ٻڌي، بک ۾ پاهه ٿيندي وريام سوچيندو هو؛ ”ڇا بک کان وڌيڪ به دنيا ۾ ڪو ڏک ٿي سگهي ٿو....!“ دنيا ۾ انسان جي بقاءَ جو مسئلو، هميشه ڳنڀير مسئلن مان هڪ رهيو آهي. ان ڪري وريام به ٻن هنڌن تي ڪم ڪري، ان مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو. هو پائي پائي گڏ ڪري، پئسا بچائي رکندو هو ۽ جڏهن به عيد براد جهڙو ڪو موقعو ايندو هو ته پنهنجن ٻارڙن کي نوان ڪپڙا اوڍائيندو هو. ان ڏينھن سندس گهر مان، اوٻاريل پٽاٽن بدران، ڀُڳل گوشت جي خوشبوءِ ايندي هئي. هُو اهو سڀ ان ڪري ڪندو هو، جيئن ان اجتماعي خوشيءَ جي موقعي تي، پنهنجي ٻارن کي احساس ڪمتريءَ کان بچائي سگهي. ان ڏينهن وريام ڏاڍو اُداس ٿي ويندو هو، ڇو ته سندس زال مريم، پنهنجن ساڳين ميرن سيرن ڪپڙن ۾ ڪم ڪندي وتندي هئي. مريم ۽ سندس ساٿ، ڏهن سالن جو هو. انهن سڄن سارن ڏهن سالن دوران، ڏک سک ۽ تتيءَ ٿڌيءَ ۾، مريم ساڻس گڏ هئي. جنهن وريام سان گڏ، زندگيءَ جي سختين کي ڀوڳيندي، ڪڏهن ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍي هئي. کيس ڪڏهن حيرت لڳندي هئي ته؛ مريم آخر ڪهڙي قسم جي عورت آهي، جنهن اڄ ڏينهن تائين، پنهنجي لاءِ ڪا به فرمائش نه ڪئي هئي. هو ڪم ڪار لاهي، جڏهن گهر واپس موٽيو ته، سج سڄو ڏينهن قهر وسائي، افق جي ٻئي پار وڃي لڪو هو. هو پنهنجين سوچن ۾ گم سم، گهر جي چائنٺ ٽپي اندر آيو ۽ هٿ منهن ڌوئي، اچي کٽ تي ويٺو ته مريم سندس آڏو ماني آڻي رکي. هن جڏهن ماني کائي بس ڪئي ته مريم کيس پاڻيءَ جو گلاس ڏيندي چيو:
”هڪ ڳالهه چوانءِ ڪاوڙبين ته نه.“