Wednesday, April 17, 2013

فقيرياڻي - رابيندر ناٿ ٽئگور - کيمن يو مولاڻي


فقيرياڻي
رابيندر ناٿ ٽئگور
کيمن يو مولاڻي
ڳوٺ ۾ هڪ تمام پراڻو مندر هو. مندر ۾ ماتا جي درشن لاءِ پري پري کان ڀڳت ايندا هئا. انهيءَ مندر جي دروازي تي هڪ نابين فقيرياڻي بيٺي هوندي هئي. ماتا جو درشن ڪري جڏهن ماڻهو ٻاهر نڪرندا هئا ته، هوءَ پنهنجو هٿ وڌائي منٿ ڪندي چوندي هئي ”بابو جي، نابين تي ديا ڪريو.“

Thursday, April 4, 2013

نردئي گنگا - نسيم ٿيٻو


نردئي گنگا
نسيم ٿيٻو
منهنجو جيون ٻن حصن ۾ ورڇيل هو يا منهنجو وجود ٻن عورتن ۾ ورهايل هو. ٻنهي عورتن ۾ ڪهڙي نه هڪجهڙائي هئي. هو اڻ پڙهيل قبائلي عورت هئي، جنهن کي مان نيلي سڏيندو هوس. ٻئي منهنجي هستيءَ جي وجود ۾ سمايل هيون يا مان هنن جي ساهن ۾ رچيل هوس.
سانوڻ جا ڏينهن هئا، پنهنجي ڳوٺ کان ٿورو پرڀرو هڪ خوبصورت گهر ٺهرايو هو، جنهن جي چؤطرف ساوا ساوا کيت هئا. سياري ۾ سونهن ڄڻ ڌرتيءَ تي پلٽجي پوندي هي. سرنهن جا پيلا پيلا گُل نيڻ نهار تائين وکريل هوندا هئا.

Wednesday, April 3, 2013

جـَـل پري، باندِري...! محمد صديق منگيو


جـَـل پري، باندِري...!
محمد صديق منگيو
نه ته جـَـل پري هئي، نه ئي باندري. هوءَ ته وسندڙ پٿرن جي شهر ۾ جياپي جي سزا ڪاٽيندڙ سندر ناري شانـُـو هئي.
هوءَ وڏي اَسـُـر ئي گهران نڪري پوندي هئي. مٿو ۽ پير اگهاڙا، ڇـَـتا ڇـُـڙيل، سـُـٿڻ جا وَر ڀيڏين کان مٿي کنيل ۽ ٿـڃ ڀنل چولو ڇاتين سان چنبڙيل. ڀنڀرڪي جي ميٽوڙي روشنيءَ ۾، شهر جي شناسا ڳلين ۾ ڊوڙون پائي، پنهنجي ٻچڙي سارنگ کي سڏ ڪري پئي ڳوليندي هئي. ڏکايل ماءُ جي سـِـڪايل سڏڙن کي وراڻيءَ جي موٽ نه ملي هئي. موٽ مـِـلڻي به ته ڪانه هيس...! هـُـو امڙ جي کير جي ڪـِـينگرن جهڙين ڇاتين ۾ ڇـُـلندڙ ٿـَـڃُ کان مـُـنهن موڙي، اهڙو ته رُسي ويو هو، جو موٽڻ جون سموريون واٽون وساري ويٺو هو. سارنگ لاءِ شانوءَ جا تاڙي جي تنوارن جهڙا سڏ، سـُـتل شهر جي سـُـن ٿي ويل ڀتين سان ٽڪر هڻي، سنسان ڳلين ۾ وِکري ويندا هئا. گهٽيءَ ۾ ڪو ماڻهو مـُـنهن پوندو هئس، ته اڳُ جهلي بيهي رهندي هئس.

اڻ جهل اُڌمن جو اُپٽاري- محمد صديق منگيو


اڻ جهل اُڌمن جو اُپٽاري
محمد صديق منگيو
ڪهاڻي، جيڪا ريءَ گناهه مارجي ويل لبنان جي ڪنهن ٻارڙي جي کليل سواليه اک به آهي، ته اين جي مجمدار جي بي چين روح جي رڙ به آهي. ڪهاڻي، جيڪا ورڊس ورٿ جي نظم جو ”ڊيفوڊل گل“ به آهي ته جمال ابڙي ۽ شيخ اياز جي ڪهاڻين جا ڪردار ”پيراڻي“ ۽ ”کلڻي“ به آهي. ڪهاڻي جيڪا منهنجي قلم جو موهه ۽ اکين جي اوجاڳن جو اتهاس به آهي، ته پرويز جي اڻ جهل اڌمن جي اپٽار به آهي. اها سنڌي ڪهاڻي، سنڌ جي اڄوڪين حالتن ۾ ٿر جي اڃارين ڀٽن تي مور جي رڙ وانگر آهي، جيئن شيخ اياز چيو هو ته: