Wednesday, April 3, 2013

جـَـل پري، باندِري...! محمد صديق منگيو


جـَـل پري، باندِري...!
محمد صديق منگيو
نه ته جـَـل پري هئي، نه ئي باندري. هوءَ ته وسندڙ پٿرن جي شهر ۾ جياپي جي سزا ڪاٽيندڙ سندر ناري شانـُـو هئي.
هوءَ وڏي اَسـُـر ئي گهران نڪري پوندي هئي. مٿو ۽ پير اگهاڙا، ڇـَـتا ڇـُـڙيل، سـُـٿڻ جا وَر ڀيڏين کان مٿي کنيل ۽ ٿـڃ ڀنل چولو ڇاتين سان چنبڙيل. ڀنڀرڪي جي ميٽوڙي روشنيءَ ۾، شهر جي شناسا ڳلين ۾ ڊوڙون پائي، پنهنجي ٻچڙي سارنگ کي سڏ ڪري پئي ڳوليندي هئي. ڏکايل ماءُ جي سـِـڪايل سڏڙن کي وراڻيءَ جي موٽ نه ملي هئي. موٽ مـِـلڻي به ته ڪانه هيس...! هـُـو امڙ جي کير جي ڪـِـينگرن جهڙين ڇاتين ۾ ڇـُـلندڙ ٿـَـڃُ کان مـُـنهن موڙي، اهڙو ته رُسي ويو هو، جو موٽڻ جون سموريون واٽون وساري ويٺو هو. سارنگ لاءِ شانوءَ جا تاڙي جي تنوارن جهڙا سڏ، سـُـتل شهر جي سـُـن ٿي ويل ڀتين سان ٽڪر هڻي، سنسان ڳلين ۾ وِکري ويندا هئا. گهٽيءَ ۾ ڪو ماڻهو مـُـنهن پوندو هئس، ته اڳُ جهلي بيهي رهندي هئس.

”ادا... او ادا! منهنجو سارنگ ته ڪو نه ڏٺئي...؟ ورنديءَ جو انتظار ڪرڻ بنا پاڻ ئي ڳالهائيندي هئي، ”ادا... مـِـلئي ته ڀلائي ڪري چئجانس، ته مـُـٺـِـي امڙ توکي ڏاڍو ٿي ساري، ابا...!“
”پوءِ اڳتي وڌي ويندي هئي. پـَـڪ هئس ته ڄائي ڄـَـم کان گونگي ٻوڙي ٻار جهڙي شهر کي اکيون ته هيون، پر زبانون ۽ ڪـَـن نه هئا. مـُـلي ٻانگ مهل گهران نڪتل شانو، شهر ۾ بک تي ڊوڙون پائي، گهر به تڏهن ويندي هئي، جڏهن شام ڌاري سندس امڙ، ريجهائي پاڻ سان وٺي نه ويندي هئس.
ٿڌيري رات ته، شانوءَ کي سانت جي ڪوڙي ۾ ڪري، سندس پٿرن جهوريل جسم تي، ننڊ جا ٿڌا پها رکندي هئي، پر صبح جي سـج جا ڪرڻا، شهر جي پٿرن کي حرارت جون چـُـونگون ڏئي جاڳائي وجهندا هئا. سـج اُڀرڻ سان ئي شهر جا حرڪتي ڇوڪرا، ڊنب ڪري پٺيان پئجي ويندا هئس ۽ ”جل پري، باندري“ جو کيل تماشو شروع ٿي ويندو هو. ”ڳاٽي ڀڳا، ميندي لاوڻ ڏي“ وارو لقاءُ هوندو هو. سورن ساڙي شانوءَ جي بيوسي، شهر وارن لاءِ وندر ۽ ورونهن وارو تماشو بڻجي وئي هئي. ڇوڪرا چيڙائيندا هئس ته ڪنڌ ورائي کين ٻنهي هٿن جا گهروڙي ڀـُـونڊا ڏئي چوندي هئي، ”اڙي ڇورا... هيءُ ته وٺو! اچي ڳڻيو ته گهڻا اَٿـوَ...؟“
رونشي ڪوڏين ڇوڪرن کي ٻيو کپندو به ڇا هو؟ اُنهن جو مقصد به کيس چيڙائڻ ئي ته هوندو هو. هوءَ جيئن جيئن پئي چـِـڙندي هئي، ڇوڪرا تيئن پنهنجي سرسيءَ تي هوڪريا ڪري، هڪ آواز ٿي ڪورس جي انداز ۾ چوندا هئس، ”جل پري، باندري...“ ”جل پري، باندري...!“
مرڻينگ احساسن واري شهر جي سنگ باريءَ ۾ ساهه کڻندڙ شانوءَ جي بيوسيءَ جو تماشو، تيستائين پيو هلندو هو، جيستائين ڪو خدا ترس ماڻهو، مٿس رحم کائي، ڇوڪرن کي دڙڪو دهمان ڪري ڊوڙائي نه ڪڍندو هو. ڇيڳرا ڇوڪرا ويندي ويندي به کيس پٿر اُڇلائي هڻندا ويندا هئا. پٿر لڳندو هئس ته سور کان ٻيڻي ٿي، ٻئي هٿ مٿي تي ڏئي، پٽ تي ويهي روئندي به هئي ته پٽڻا ۽ پاراتا به پئي ڏيندي هئن، ”اَئي، ڳاڙهو قرآن ڪندو ته وڍجي ويندؤ. کٽون کڄندوَ... جامي سڳوري پاڙون پٽينديـُـوَ...!“
هوءَ چري نه هئي، پر صدمي سيڪاٽيل ماءُ هئي. ڄائي ڄم کان ته سياڻي سيبتي هئي، پر جيون جي صدمن، دماغ سـُـن ڪري، حال مان بيحال بڻائي ڇڏيو هئس. هوءَ غريب ماءُ هئي ۽ غربت کان وڏو جياپي جو ٻيو ڪهڙو صدمو هوندو؟ غربت جڏهن ڦوٽهڙو ڪندي آهي ته ماڻهوءَ جي جيون ۾ صدمن جا ڪيئي گـؤنـچ ڦـُـٽي پوندا آهن.
هوءَ ڦتو فقير جي اڪيلي ڌيءُ هئي. نه ڀاءُ نه ڀنڊ. نه ڏاڏاڻو ڪيڙُ، نه ناناڻي لـِـڇَ. شهر کان ٻاهر فقيرن جي بستيءَ ۾ ڄائي به هئي، ته سامائي به هئي. ڄائي هئي ته سونهن پکي، ڦتو فقير جي ڪکائين گهر ۾ پنهنجو کنڀُ اڇلائي ويو هو. جهڙي هئس هٺيلي هاٺي ۽ ريشمي بدن جي بيهڪ، تهڙو هئس منهن مهانڊي ۾ ليمڪُ. گول منهن تي جوئر جي سنگن جهڙا ڳاڙها ڳل، ڀرون ڄڻ جاڙن گلن مٿان ڦيرا ڏيندڙ ڀنؤرن جي جوڙي. آرسين جهڙيون اکيون کڻي ڏسندي هئي ته اولڙا پئي اُڇلائيندي هئي. مـِـسي مـُـساڳ مهٽيل اُجرا ڏندَ ۽ ڳاڙهسرا چپ. ڪپڙي لٽي ۾ سادگي، پر اُن سادگيءَ ۾ به سليقو ۽ سٿرائپ هئس.
سونهن جڏهن جوڀن جي جهمريون هڻندڙ ٽاريءَ تي جهومڻ لڳندي آهي، تڏهن سرگم جهڙيون سامايل سوچون، اڻ ڏٺل ساڀيائن وارن خوابن جا عنوان بڻجي وينديون آهن. جهرمر تارن جهڙيون ڀاونائون، تصورات جا پاڇولا بڻجي ذهن جي آڪاس تي ٽمڪڻ لڳنديون آهن. سونهن جي وصف، ته سونهن ئي آهي. سونهن جي ڪوجهي تشريح ٿي ئي نٿي سگهي، پر وهيءَ جي سونهن جي خوشبو ئي نرالي ۽ انوکي ٿيندي آهي. اها پردن جي ستن ڪوٽن ۾ به لڪي نه سگهندي آهي. سو ڦتو فقير جي ڪکائين جهوپڙيءَ جي ڪهڙي مجال هئي، جو شانوءَ جي سونهن کي لڪائي سگهي ها؟ ڀلا پڪل ميوو به ڪڏهن پنهنجو واسُ لڪائي سگهيو آهي؟ شانوءَ جي سونهن جو هڳاءُ به فقيرن جي بستيءَ مان نڪري، شهر جي هوائن ۾ گهـُـلڻ لڳو هو. سونهن جي اُن هڳاءَ تي اڻ جهل ۽ اُٻهري وهيءَ جي جوانڙن ۽ سـُـوڻي عاشقن جا فقيرن جي بستيءَ تي انڌين مکين وارا ڦيرا هئا. ڪـَـڇَ تي دلو کڻي، بستيءَ جي ڇوڪرين سان گڏ، نلڪي تان پاڻي ڀرڻ ويندي هئي، ته سونهن جو واسُ جهٽڻ لاءِ واٽ تي ڪيئي ڀونرا پاند جهليو بيٺا هوندا هئا. هوءَ توڙي جو ڪنهن ڏانهن اک کڻي ڏسندي به ڪانه هئي، پر نشترن جهڙيون چـُـڀندڙ نگاهون ۽ مـِـٺين ڇرين جهڙا جملا، کيس پنهنجي جوڀن جو احساسُ ڏياري ويندا هئا.
ڦتو فقير صبح ساڻ، ڪاٺ جي گهوڙيءَ تي، بستي جي فقيرن سان گڏجي گدائيءَ تي نڪري ويندو هو. شانو سارو ڏينهن ماءُ سان گڏ گهر ۾ هوندي هئي. چلهه پاٽِ، ٿانو ٿڦن ۽ ٻهاري سهاريءَ جي خفن کان پوءِ جيڪو وقت بچندو هئن، ماءُ ڌيءُ ٽـُـڪَ تي ڀلوڙ رليون سبنديون هيون. اُهي رليون شهر ۾ هٿو هٿ چڱي اگهه ۾ وڪامي وينديون هيون.
نياڻي، ڦتو فقير جي نيڻن ٺار هجي يا سـُـکئي گهر جي سونهن، مـِـٺي ذات هوندي آهي، پر نياڻيءَ تي جڏهن جوڀن جو ڇـَـٽُ جهـُـلي ايندو آهي ته ڦتو فقير جهڙن مائٽن لاءِ نيپاج جي آزمائش بڻجي ويندي آهي. ڦتو فقير کي به نـِـڌڻڪين سوچن ڍَڪر ڏئي ڇڏيا هئا. وِهارڻ جي شيءِ ته هئي ڪانه، نڪو ئي رڌي کائڻ جي...! مـِـٽي مائٽيءَ جي تندُ ته ڳنڍڻي ئي هئس، پر ڪنهن سان؟ ٻارُ ته ڪونه هو. چهره شناس ۽ زماني جو ماڻهو هو. هن ڄاتو ٿي ته سـَـند طبقي جا ماڻهو، ترڪڻي فطرت جا هوندا آهن. اُهي شانوءَ کي ته سـُـرمي جي سرائي بڻائي اکين تي رکندا، پر شانوءَ جي پينو ماءُ پيءُ جو نياڻو سڏائڻ پسند نه ڪندا. ڦتو فقير جون اکيون، شانوءَ لاءِ بستيءَ ۾ اهڙي نوجوان کي تلاشي رهيون هيون، جيڪو نه رڳو سندس منهن تي پوي، پر جوڙ جيس به هجي. ڳڻتي اُن ڪري به وڌي وئي هئس، جو شهر ماڻهو ڳالهين جي اوڳر ورائڻ لڳا هئا. شهر ۾ پنڻ ويندو هو ته کٽين اوڳراين جهڙا جملا ٻڌڻا پوندا هئس. چوندا هئس، “ڦتو...! ٻيلي، هاڻي ته پنڻ پچر ڇڏ. ويٺي کائيندين ته به ڪونه کـُـٽندئي!”
”ڦتو، يار! تنهنجي مرضي، باقي ڀانئين ڪونه ٿو!”
”هـَـلُ...! ڀلا ڀاڳ ڦتو فقير جا!“
شهر ۾ ڪي ماڻهو ٽوڪون هڻندا هئس ته ڪي وري خوشامدون پيا ڪندا هئس. هن ڄاتو ٿي ته ٻنهي قسم جي ماڻهن جي من ۾ ويٺل چورُ ساڳيو هو، پر هو ڪري به ڇا پئي سگهيو؟ هڪڙي ڏينهن جو ڪم ته ڪونه هو؟ ”اَنَ جو منهن جنڊ ڏانهن“ وانگر هن شهر سان روز جو منهن هئس. ڪهڙا جوان پـُـٽ ويٺا هئس جو ڪمائي کارائنس ها؟ ڦتو فقير ۽ جوڻس سوڍيءَ لاءِ ڀرپور جوانيءَ واري ڌيءُ جي سنڀال، ڳڻتيءَ جو ڪارڻ بڻجي وئي هئي. فقيرن جي بستيءَ جون ڪکن ڪانن جون عالم پناهون، شانوءَ جي حفاظت لاءِ اڻپوريون پئي محسوس ڪيائون... ۽ پوءِ هڪ رات اِهوئي ٿيو، جنهن جو سوچي ڦتو فقير جا ڏوهه پيا ڏڪندا هئا.
سنجها جو وقت هو. سارو شهر مـِـٺي عيد جي مٺن طعامن جي خوشبو ۽ ڦٽاڪن جي دونهين ۾ ٻـُـڏل هو. فقيرن جي بستيءَ ۾ به ڄڻ ڦٽاڪن جي ڍير کي باهه لڳي وئي هئي. هوائي فائرنگ جي ڌوڙين ۾ ڦتو فقير جي دنيا دونهاٽجي وئي هئي. شانوءَ مٺي ڀت جي ديڳڙي چلهه تان لاهي، دَم تي مس رکي هئي ته سندس ڪکائون گهر گاڏين جي تيز روشنين ۾ وهنجي ويو هو. ڦتو فقير ۽ جوڻس سوڍيءَ جي هانءَ ڦاڙ راڦاٽن ۽ بستيءَ وارن جي رڙين واڪن ۾ شانو، زورآورن هٿان کنڀجي تيز روشنين ۾ گم ٿي وئي هئي. توڙي جو فائرنگ ۽ رڙين تي پوليس ۽ سارو شهر فقيرن جي بستيءَ ۾ پلٽجي پيو هو، پر ”انڌي جهڙي پيڪين، تهڙي ساهرين.“ انهن ۾ ڦتو فقير جي واهر ڪرڻ وارو ڪوبه نه هو. اُهي ته رونشي ڪوڏيا هئا، هڪ بي پهـچ جي زندگيءَ جي بيوسيءَ جي تماشي مان دل وندرائڻ وارا تماشبين! ٻن ڪلاڪن کان پوءِ پوليس رت ڳاڙيندڙ ڦتو فقير کي کڻي اسپتال ڀيڙو ڪيو، پر هو گهڻو رَت وهڻ ڪري پنهنجي بيوسيءَ جي تڪڙي شڪايتي ٽپال کڻي مالڪ حقيقيءَ جي درٻار هليو ويو هو.
ڦتو فقير جي قتل ۽ شانوءَ جي اغوا جا پيرا ڪيڏانهن ٿي ويا؟ نه پوليس کان ڳجها هئا، نه شهرن وارن کان لڪل، پر ڀرئي شهر ۾ ڪير چوي ته، ”تپيدار جي گهوڙيءَ کي چـُـٽا.“ واردات جي دشڪش، بنا چوڻ آکڻ جي ٿاڻي تي پهچي وئي هئي، ڄڻ ٻانهن ئي پوليس جي کڄي وئي هئي. ڏوڪڙ وٺي ڏوهن تي پردا وجهڻ جي هيراڪ پوليس کي گتي به آخر ڪهڙي پئي هئي، جو پينو فقير جي قتل ۽ سندس نياڻيءَ جي اغوا جو ڪيسُ، سياسي وڏيري جي پٽ خلاف داخل ڪري ها؟ شانوءَ جي ماءُ سوڍيءَ کان ته مڙس جي عدت ۾ ويهڻ به وسري ويو هو. پينو فقير جي جوءِ لاءِ عدت به ڪهڙي؟ هوءَ شهر ۾ رڙيون ڪري ڌيءُ لاءِ ٻاڪاريندي رهي، پر سوڍيءَ جهڙن سماج جي ناڪاره پرزن لاءِ چگهڙ جو هڏُ ڪڏهن ڪـُـريو به آهي ڇا؟ اخباري خبرن ۽ عورتن ۽ انساني حقن جي تنظيمن جي اُڙين تڙين اخباري بيانن تي پوليس ۽ وڏيرن جي ڪـَـن تي ڊپ جا ڪينئان سـُـرڻ لڳا هئا.
هوءَ موٽي آئي هئي. پندرهن ڏهاڙن کان پوءِ رات جي انڌاريءَ ۾ فقيرن جي بستيءَ ۾ ڇڏي ويا هئس. هوءَ ڏاڍاين جي ڏيهه مان، نڌڻڪاين جي جهنم ۾ موٽي ته آئي هئي پر اُها شانو نه رهي هئي. نڪ جي بولي لٿل ۽ پير ڀاري هئس. اکين جو آڪاس آگميل ۽ نڙيءَ ۾ اُپڙيل سڏڪا اٽڪيل هئس. هوءَ راهه ۾ نسريل ٻـُـوڙي وانگر هئي، جنهن ۾ ٺوڪرن جا گـؤنـچ ڦٽي پيا هئا. صحافين وراڻا ڏئي پڇائون ڪيس پر هوءَ سڪتي جهڙي ماٺ ۾ هئي. ٻڌائڻ لاءِ بچيو به ڇا هئس؟
ماٺ جي مورت ۾ ساهه تڏهن پيو، جڏهن نائين مهيني هٿ پير لڌا هئائين ۽ سارنگ جهوليءَ ۾ پيو هئس. سارنگ جي ٿڌڪار جهڙي وجود، دردوندي امڙ جي ٺوٺ ڌرتيءَ جهڙي سرير ۾ جياپي جون وسڪاري جهڙيون اوتون اوتي ڇڏيون هيون. ڇا ٿي پيو، جي سارنگ جي جنم ۾ نڪاح جي ٻن ٻولن جي سـَـند نه هئي؟ ماءُ کي ته مـِـٺو هو. ٻار ته ڪائنات جي سونهن ۽ جهوليءَ جي وِرونهن هوندا آهن. ايئن، جيئن ڦلواڙيءَ ۾ رنگ رنگ جا پوپٽ ۽ ڀنڀوريون. ڀلا ڪو پوپٽ کي به حرام ڄائو چئي، ڦلواڙيءَ ۾ اچڻ کان روڪي سگهيو آهي ڇا؟ ممتا جي ڪرشمي جهڙي جذبي، شانوءَ کي صدمي جي پڄراڻ مان ڪڍي، زندگيءَ ڏانهن موٽائي آندو هو. سندس امڙ شهر ۾ پنڻ ويندي هئي ته هوءَ سارو ڏينهن سارنگ سان ڳالهيون پئي ڪندي هئي.
خزان مروٽيل گل جهڙي شانوءَ جي مـِـٽي، لڙڪن سان ڳوهيل هئي. هوءَ حالتن سان سمجهوتو ڪري، سارنگ جي خوشين لاءِ پاڻ کي به خوش رکڻ لڳي هئي، پر سندس جيون مان صدمن جي مند اڃا اُڪري نه وئي هئي. پوپٽ جي پرن جهڙا ممتا جا ڪومل احساس تڏهن ڪرب جي روڄ ۾ بدلجي ويا هئس، جڏهن ٻن مهينن جو سارنگ ڪالرا ۾ مبتلا ٿي، سندس دنيا ۾ ٻيهر ويراني ڀري ويو هو.
هوءَ پـُـٽ جي وڇوڙي ۾ چري ٿي پئي هئي. پراڻا ڦـَـٽ چـِـڪي پيا هئس. سارنگ جي وڇوڙي ۾ ڇتا ڇوڙي، شهر جي ڳلين ۽ بازارن ۾ ڊوڙون پئي پائيندي هئي. نه ٿڌيءَ جي پرواهه، نه ڪوسيءَ جي ڪاڻ. سارنگ کي سڏ ڪري روئندي رڙندي پئي وتندي هئي. شهر ۾ شل نه ڪنهن عورت جي ڪـڇ تي ننڍڙو ٻالڪ ڏسي، پٺيان پئجي ويندي هئس. گهـُـورَ وجهي ايئن پئي ڏسندي هئس، ڄڻ سندس سارنگ کي چورايو هجيس. شهر ۾ ڄڻي ڄڻي کان پڇائون پئي ڪندي هئي، ”ادا... او  ادا! منهنجو سارنگ ته ڪونه ڏٺئي؟ رُسي ويو اٿم. الائي ڇو؟ ادا، الائجي ڇو...؟“
هوءَ شهر جو ڪردار بڻجي وئي هئي. شهر جا ڪي ماڻهو، ترسُ کائي پئسا ڏوڪڙ ڏيندا هئس ته اُهي پئسا به لـُـچا ۽ شرارتي ڇوڪرا دولاب سان کسي ويندا هئس. چوندا هئس، ”شانو، او شانو!“
”ڇاهي، ڇورا...؟“ ڪاوڙ مان وراڻيندي هئي.
”توکي سارنگ جو ڏَسُ ڏيان؟“
”ها، ها! تو ڏٺو آهي منهنجي سارنگ کي؟“ ڪاوڙيل لهجو يڪدم منٿ ۾ بدلجي ويندو هئس.
”ها، تڏهن ته چوانءِ پيو.“
”ڪٿي آهي منهنجو سارنگ؟“
“پئسا ڏي ته پوءِ ٻڌايئين.“
”ها، ها... کوڙ پئسا!“ هوءَ وَر مان پئسا ڪڍي، ڇوڪرن کي هٿ ۾ ڏئي، اتاولائيءَ مان چوندي هئي، ”اچي وٺ، هاڻي ته ٻڌاءِ، ڪٿي آهي منهنجو ٻچڙو؟ ڏاهو ڪيانس... ڀايڙو آهين نه...؟“
ڇوڪرا کانئس پئسا وٺي هٿ ۾ ڪري، چوندا هئس، ”اُهو ته تنهنجي گهر ويٺو آهي.“
”هان...! سچي به...؟“
”ها، اِجهو هاڻي ته ڏسيو پيو اچانس.“
”آئي، گهورجي وڃان! اچان پئي، اچان...! ابا، اچان پئي.“ اهو چوندي چوندي فقيرن جي بستيءَ ڏانهن ڊوڙ پئي ويندي هئي.
صبح جو وقت هو. سـج ڪانو مٿي چڙهي آيو هو. هوءَ شهر مان گذري پئي. خوشيءَ مان ٻه ٻه هٿ مٿي پئي اُڏاڻي. چهڙو ٽڙيل گلاب وانگر ٻهڪيس پئي. ساري شهر کي ڏندين آڱريون هيون. ڇوڪرن جو ڊنبُ پٺيان هئس. کيس چيڙائڻ لاءِ نـِـڙيون ڦاڙي چيائون پئي، ”جل پري، باندري... جل پري، باندري.“
پر هوءَ چـِـڙي ڪانه پئي. وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي وراڻيائين پئي، ”ها، ها... آءٌ جل پري، آءٌ باندري! پنهنجي ٻچڙي جي... پنهنجي سارنگ جي!“
معصوم ٻارڙو هنـج تي هئس. سندس ڇاتيءَ سان چـُـهٽيل ٻارڙي، ٿـڃ جي مٺن گـُـوهن مان زندگيءَ جي حرارت پئي ماڻي. گند جي ڍير تي اُڇلايل ٻارڙي کي سڃاڻپ جو حوالو ۽ امڙ جي ڇاتيءَ جي پناهه ۽ شانوءَ جي ڇاتين ۾ ڇـُـلندڙ ٿـڃ کي سارنگُ ملي ويو هو.

No comments:

Post a Comment