Wednesday, April 3, 2013

اڻ جهل اُڌمن جو اُپٽاري- محمد صديق منگيو


اڻ جهل اُڌمن جو اُپٽاري
محمد صديق منگيو
ڪهاڻي، جيڪا ريءَ گناهه مارجي ويل لبنان جي ڪنهن ٻارڙي جي کليل سواليه اک به آهي، ته اين جي مجمدار جي بي چين روح جي رڙ به آهي. ڪهاڻي، جيڪا ورڊس ورٿ جي نظم جو ”ڊيفوڊل گل“ به آهي ته جمال ابڙي ۽ شيخ اياز جي ڪهاڻين جا ڪردار ”پيراڻي“ ۽ ”کلڻي“ به آهي. ڪهاڻي جيڪا منهنجي قلم جو موهه ۽ اکين جي اوجاڳن جو اتهاس به آهي، ته پرويز جي اڻ جهل اڌمن جي اپٽار به آهي. اها سنڌي ڪهاڻي، سنڌ جي اڄوڪين حالتن ۾ ٿر جي اڃارين ڀٽن تي مور جي رڙ وانگر آهي، جيئن شيخ اياز چيو هو ته:

اڃان رُڃ مان رڙ اچي ٿي، اچي ٿي،
متان ائين سمجهين، مئا مور سارا.
سنڌ ۾ مور جي رڙ جهڙي ڪهاڻي، اڄ به لکي پئي وڃي. وڏي ۽ شاهڪار ڪهاڻي به لکجي پئي. سنڌي ادب جو ڪهاڻيءَ وارو پُڙ اڃا بيهجي ڪو نه ويو آهي. وتريون نه سهي، وِکون کڄن پيون، پر اڄ جي سنڌي ڪهاڻيڪار سان وڏي ويڌن اُها آهي ته کين سٺا نقاد نه مليا آهن. جمال ابڙو رڳو 13 ڪهاڻيون لکي، سنڌي ڪهاڻي جو ”بابا آدم“ ان ڪري ٿو سڏجي، ڇاڪاڻ ته ان دور جي ڪهاڻيڪارن کي رسول بخش پليجو ۽ ابن حيات پنهور جهڙا نقاد مليا. اڄوڪي ٽوپيون مٽائڻ واري دور ۾، جتي تنقيد جي سخت اڻاٺ آهي ۽ رسالن ۾ ڇپجڻ لاءِ معيار جي نه پرک آهي ۽ نه ئي ضرورت. اهڙي ٻاڪر ڪُٽي واري ادبي ماحول ۾ ڇا وڏي ڪهاڻي لکجڻ معجزي کان گهٽ به آهي ڇا؟
ان ڳالهه ۾ ڪي ٻه رايا ڪو نه آهن ته ادب ۾ هر نئين پيڙهي پنهنجي سينئر پيڙهيءَ جو تسلسل هوندي آهي، جن سينئر دوستن کان اسان اتساهه ماڻيو ۽ اسان لاءِ Inspiring point رهيا، انهن لاءِ اڄ به دلين ۾ کوڙ عقيدتون ۽ محبتون آهن، پر ڳالهه جڏهن ادبي اوسر جي ٿيندي، تڏهن صاف ۽ سڌي ڳالهه ڪرڻي پوندي. سينئر دوستن مان ڪيترا آهن، جيڪي اڄ جي ڪهاڻيڪارن کي پڙهن ٿا ۽ ان تي تنقيدي راءِ ڏين ٿا؟ هڪ ڪهاڻيڪار دوست، مون کان پڇيو ته ”ڪالهه ۽ اڄ جي ڪهاڻيءَ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟“ مون کيس ورندي ڏني ته ”ڪالهه جي ڪهاڻي کي سٺا نقاد ۽ اسان جهڙا دل جي اکين سان پڙهندڙ هئا ۽ اڄ جي ڪهاڻي کي اهڙا پڙهندڙ گهٽ مليا آهن.“ اصل ۾ اهو ڪم ادبي مؤرخن ۽ نقادن جو آهي، پر ٿلهي ليکي ڳالهه پڌري پئي آهي ته اڄ جي ڪهاڻيڪار کي امر لعل هنڱوراڻيءَ جي ”ادو عبدالرحمان“ کان جمال ابڙي جي ”پيراڻي“ نسيم کرل جي ”پهرين مراد“ کان وٺي غلام نبي مغل جي ”ريشمي وار“ امر جليل جي ”اروڙ جو مست“ کان وٺي قهر شهباز جي ”راڄي جو روح“ ۽ حميد سنڌي جي ”مرين ته آرهڙ ۾ مرجان“ کان وٺي شوڪت شوري جي ”چريو“ تائين ڪهاڻيون دل جي (ڦَرهين) تي سبق وانگر اُڪريل آهن، پر حميد سنڌيءَ کان وٺي عبدالقادر جوڻيجي ۽ آغا سليم کان وٺي شوڪت شوري تائين، سينئر دوستن مان ڪيترن عزيز ڪنگراڻيءَ جي ”پويون پهر“ مشتاق ڀرڳڙيءَ جي ”وڻجاري“ منور سراج جي ”گُرگلي“ ڊاڪٽر رسول ميمڻ جي ”روڊ“ حسن منصور جي ”چوڪيون“ انور ڪاڪا جي ”اؤکا پنڌ“ فياض چنڊ ڪليري جي ”ڇوٽڪارو“، سائين بخش رند جي ”ٻُسي ٻانهن“، مجيب بڙديءَ جي ”آخري ڪمرو“، ذوالفقار ڪانڌڙي جي ”بند ٿي ويل دروازو“، عبيد راشدي جي ”جهرڪي“ ۽ پرويز جي ڪهاڻي ”ڳاڙهي شلوار“ پڙهيون آهن. مظهرالاسلام کي پڙهڻ ڪو ڪبيرو گناهه ڪونهي، پر منور سراج به ته ڪجهه لهڻي ٿو. مسعود مفتيءَ کي پڙهڻ ڪا اربع خطا ڪانهي، پر پرويز جي فن جو به ته ڪجهه حق ٿئي ٿو.
پرويز، تڏهن کان ڪهاڻيون لکي پيو، جڏهن اسين سنڌي ڪهاڻي پڙهندا هئاسين. اسان ٻنهي ۾ هڪ جهڙائي اها آهي ته اسان ٻئي نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ پڙهيا آهيون. ۱۹۶۷ع ۾ سندس پهرين ڪهاڻي ڇپي هئي، تڏهن آئون ستون درجو پڙهندو هئس. سندس قلم جي ڪلڪ جي مس اڃا سُڪي ڪانهي، جڏهن ته سندس همعصر ڪهاڻيڪارن کان يا ته لکڻ ڇڏائي ويو، يا ڪهاڻي کين ڇڏي وئي آهي. پرويز چواڻي ته هن گهٽ لکيو آهي، پر آءٌ چوان ٿو ته هن گهڻو لکيو آهي. ڳالهه گهڻي ٿوري جي به ڪانهي، ڳالهه آهي ته لکيو پڙهندڙن وٽ ڪيترو اگهامي ٿو. گهڻو ته قربان بگٽي به لکيو هو. وڏن شاعرن عطا ٺٽوي ۽ ٻين جا وڏا شاعري جا ديوان به ڪٻٽن ۾ سُري جو کاڄ پيا ٿين ”اگهامي ته پاءُ، نه ته مڻن کي موٽ“ وارو قصو آهي. من ۾ محبت پائي، ٿلهو ۽ ٿورو ڪتيل به صرافن وٽ اڻ توريو اگهامي ويندو آهي. پرويز جي لکڻين کي ٺاهوڪو پسمنظر آهي. وڏي ڳالهه ته پرويز پنهنجي وجود جي جملي سچاين سان پنهنجي ڪهاڻين ۾ پاڻ موجود آهي. سندس ڪهاڻين جا نه رڳو عنوان پر ڪردار به ڌرتي ۽ ڌرتيءَ جي ماڻهن جي زندگي مان کنيل آهن. سندس اڪثر ڪهاڻيون طبقاتي اڻ برابري ۽ سنڌي سماج کي چورن وانگر چهٽيل انڌين اونڌين روايتن جو شڪار ٿيل ماڻهن جي اردگرد گهمن ٿيون.
پرويز وٽ ٺاهوڪو رومانس به آهي ته سماجي مسئلن جي چترڪاري به، پر بنيادي طور هو نظرياتي ڪهاڻيڪار آهي. سندس رومانس سان ٽٻيل ڪهاڻيون هجن يا سماجي موضوعن واريون، پر انهن ۾ به هو پنهنجي نظرياتي ڪهاڻيڪار واري سڃاڻپ جي ڇاپ ضرور ڇڏي ٿو. هو لفظن جو ٺاٺارو نه آهي، پر وٽس لفظن جي جڙاءَ لاءِ سوناري وارو هُنر به آهي.
هاڻي اچون ٿا پرويز جي ڪهاڻين تي. هڪ ڊاڪٽر ۽ ڳوٺاڻي نينگريءَ جي اکين جي اٽڪاءُ تي لکيل ڪهاڻي ”اکين ۾ ڄمي ويل لڙڪ“ ڀلوڙ ڪهاڻي آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ جتي ڪهاڻيءَ جي سمورن جزن سان ڀرپور نڀاءُ ڪيو ويو آهي، اتي هن سامونڊي پٽيءَ واري لاڙي لهجي کي به محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ سادي سودي ڇوڪري آمنت جا ڊاڪٽر سان ادا ڪيل مڪالما به ساڳئي لاڙي لهجي ۾ ڏجن ها ته ڪهاڻي اڃا وڌيڪ اثر ڇڏي ها. هن ڪهاڻيءَ ۾ سامونڊي طوفان جي تاريخ ۽ سال ڏيڻ به ضروري ڪونه هو.
”اَئي گهوڙن هئس“! موضوعاتي نواڻ ۽ ٽريٽمينٽ جي حوالي سان پرويز جي بهترين ڪهاڻي آهي.
ٽائيٽل ڪهاڻي ”وڃايل مرڪ“ رومانس تي پگهر ڇڏائيندڙ ڪهاڻي آهي، جيڪا پڙهندڙ کي پنهنجي سحر ۾ آڻڻ جي مڪمل سگهه رکي ٿي. ”شارٽ ڪٽ“ هڪ سچي ۽ ڪميٽيڊ سياسي ڪارڪن جي داخلي ڀوڳنائن تي ڀلوڙ ڪهاڻي آهي. گهر ۾ بک ۽ بيمارين کي ڇڏي نظرياتي سياست ڪندڙ سياسي ڪارڪن جي سياسي نظرين کي حالت جو راڪاس ڪيئن ٿو گهٽا ۽ گهوگها ڏئي کاپائي، ان جي پرويز واهه جي کول ڪئي آهي. آئون سمجهان ٿو اڄ جي سچي سياست ۽ نظرياتي ڪارڪن سان لاڳو اهو سچو پچو الميو آهي.
”آخري چمي“ رومانس جي موضوعن تي بُت مان سياڪا ڇڏائيندڙ ڀرپور ڪهاڻي آهي. منهنجي ذاتي راءِ ۾ هيءَ ڪهاڻي پنهنجا سمورا جزا اُڪلائي محمد علي جي قبر تي ڪلائمڪس کي پهچي ها ته وڌيڪ اثر ڇڏي ها. اڳتي ڪهاڻيءَ کي زوري وڌايو ويو آهي، جنهن جي ڪا خاص ضرورت ڪانه هئي ۽ نه ئي ڪهاڻي جي اڻٽر گهرج.
”پسڻ کان پهرين“ به دل جي لڳي ۽ اکين جي اوچتي اٽڪاءُ تي لکيل ڀلوڙ ڪهاڻي آهي. هن ڪهاڻي ۾ ڪينسر جي مرض ۾ ورتل سپنا درياهه ۾ ٽپو ڏيڻ کان اڳ لکيل وصيت ۾ کيس ۽ پنهنجي پريمي ساهڙ کي عبدالله شاهه اصحابي جي مزار ڀرسان دفنائڻ جي خواهش ڏيکاري آهي. سندس ان وصيت کان ساهڙ بي خبر ڏيکاريو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته سپنا شاهجهان مسجد ۾ ساهڙ کان لڪي پني تي وصيت لکي هئي. ڪهاڻي جي ٽريٽمينٽ ٻڌائي ٿي ته ساهڙ جو موت سپنا جي پيار جي منزل نه هو. ائين هجي ها ته سپنا ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا هوندي به ساهڙ جي خواهش ۽ زور ڀرڻ تي زندگيءَ جا باقي ڏهاڙا سندس ٻانهن جي هندورن ۾ گذارڻ کي ترجيح ڏئي ها. ڇا سپنا کي اها پڪ هئي ته سندس درياهه ۾ ٽپو ڏيڻ کانپوءِ ساهڙ به درياهه ۾ ٽپو ڏئي انت آڻيندو؟
”مٿو ڪٿان ڌوتئه“ روايتي موضوع هوندي به پرويز هن ڪهاڻي کي پنهنجي فن ۽ ڏانءُ سان بامقصد بڻائي ڇڏيو آهي.
”محبت جن جي من ۾“ ڇرڪائيندڙ موضوعاتي نواڻ جي حوالي سان پرويز جي هيءَ ڪهاڻي به ڀلوڙ آهي.
پرويز جي ڪهاڻين ۾ ڪردارن جي واتان اهڙا جملا به چورايا ويا آهن، جيڪي پنهنجي وجود ۾ هڪ ٻن جملن جون ڪهاڻيون آهن.
ڪهاڻي ”آخري چمي“ ۾ محمد عليءَ جي پيار ۾ پاڳل عيسائي ڇوڪريءَ واتان چيل هن جملي ۾ ڪيڏي ڳوڙهائي سمايل آهي.
”آئون توهان جي لاءِ منهنجا پنهنجا به ڇڏي ڏيندس، پنهنجي گرجا به ڇڏي ڏينديس، پر علي، ڊڄان ٿي ته سڀاڻي مون کان مسجد ته ڪانه ڇڏائي ويندي....!؟“
سنڌ جي اڄوڪين حالتن ۾ ادب کي سياست کان ڌار نٿو ڪري سگهجي. اها ادبي فراريت ٿيندي، ان جو اهو مطلب نه وٺڻ گهرجي، ادب ۾ رومانيت سميت ٻين پاسن کي ٽي ڀتر ڏئي ڇڏجن، نه ئي ادب ۾ آئون رومانيت جو منڪر آهيان. رومانس جو پنهنجو رنگ ۽ اهميت آهي. رومانس کي زندگي جي سونهن سمجهان ٿو ۽ زندگي سان لاڳاپيل اها ڪهڙي شيءِ آهي، جنهن ۾ رومانس ڪونهي؟ ڇا ڌرتي کان وڏو ڪو ٻيو رومانس به آهي ڇا؟ ڇا لطيف سرڪار جي ڪيڏاري جي سٽ سٽ ۾ رومانس ڪونهي؟
”ڪاري ڪَڪر هيٺ، مون جهيڙيندي ڇڏيا.
ويڙهه جي ميدان ۾ ڪاري ڪڪر جي منظرنگاريءَ ۾ ڪيڏو نه رومانس آهي. يا شيخ اياز جي هنن سٽن ۾ ته:
تون مان نه رڳو، هن سنڌوءَ تي،
ڪا لهر اُڀاري وينداسين.
سنڌوءَ جي قيامت جهڙي دهشت ۾ لهر اُڀارڻ جو رومانس ڪيڏو نه اثر ڇڏي ٿو. اصل ۾ ذهنن جي ماٺن تلائن ۾ ڪهاڻيءَ جي فن وسيلي ڪا لهر اُڀارڻ ئي ڪهاڻي جو اصل مقصد به آهي ته ڪارج به ۽ پرويز اُن ۾ گهڻو تڻو ڪامياب ويو آهي. آئون ذاتي خيال ۾ ان راءِ جو آهيان ته سماجي ۽ نظرياتي ڪهاڻين کانسواءِ ڪهاڻين ۾ سياسي نظرياتي چتيون لڳائڻ درست نه آهي. رومانوي ڪهاڻين ۾ زوريءَ سياسي ۽ نظرياتي بحثن کي آڻڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. پرويز جي ڪجهه ڪهاڻين ۾ ڪهاڻيڪار جو ٽون ڪردار تي حاوي ٿي وڃي ٿو. ان سان ڪردار اثر وڃائي ڪهاڻيءَ کي ڪمزور ڪري سگهن ٿا.
اديب ۽ ليکڪ ثقافت ۽ ٻوليءَ جا محافظ هوندا آهن. مائوزي تنگ هڪ ڀيري اديبن جي وفد سان ڳالهائيندي چيو هو ته؛ ”ٻولي ۽ ثقافت کي بچائڻ گهرو ٿا ته انهن کي ڌارين اثرن کان بچايو. اديبن کي ٻولي ۽ ثقافت جي سرحدن جو محافظ هجڻ گهرجي.“
ان حوالي سان اديب کي پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت کي ڌارين اثرن کان بچائڻ لاءِ سجاڳ ذهن ۽ محتاط رهڻ جي ضرورت آهي. لفظن، محاورن ۽ تشبيهن جو استعمال ذميداريءَ سڄاڻتائي سان ڪرڻ ضروري آهي. پرويز ٻوليءَ جي استعمال ۾ جيتوڻيڪ سڄاڻ ۽ برجستو ليکڪ آهي، ان هوندي به هو ڌارين لفظن ۽ محاورن کان پاڻ بچائي نه سگهيو آهي. جهڙوڪ:
رات جا ٽي ٿي رهيا هئا (رات جا ٽي وڳا هئا)
بک هئي، جيڪا مٽي نٿي (بک هئي، جا لٿي ئي نٿي)
اڄ اڄ لڳائي رکي آهي (اڄ اڄ کڻي لڳائي اٿئي)
اوڙڻ بڇاوڻ (اوڍاڻو وڇاڻو)
رچي وسي ويون هيون.
ڌچڪو رسڻ
چو پتو بنائڻ.
اچي رهيو آهي
ڪري رهيو آهي.
شڪ ٿورڙي ڪر کنئي (ٿورڙو شڪ جاڳڻ لڳو هو)
هو پُٽ جي تلاش ۾ شاديءَ مٿان شادي ڪندو رهيو (پٽ جي تلاش نه پر آس ٿيندي آهي)
اصل ڪڪڙ ڪاٺ ۾ (سُڪ ٻَلي ڪاٺ ۾)
پاڻ کي ته گهرجي آزادي وطن (پاڻ کي هاڻ آزاد گهرجي وطن)
[خاڪي جويي جو طويل نظم]
ڪپڙي گندي اٻالي ته هئي، پر پوءِ به صاف سُٿري هئي. (؟)
پير ڀر (پيرن ڀر) جهومريون (جهمريون)، وانڌا (واندا)
سڙانڌي (سڙاند)، گنڌي (گندي) وغيره.
چوڻ آکڻ جي ڳالهه اها ئي جُڙي ته اڄوڪي سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ سنڌي ادب جي وايو منڊل ۾ پرويز جو ڪهاڻي ڪتاب ”وڃايل مُرڪ“ سنڌي ڪهاڻي کيتر ۾ مانائتو واڌارو آهي ۽ پرويز جو فن ۽ ڏانءُ سنڌي ڪهاڻيءَ جي حوالي سان سنڌي ادب جو سرمايو آهي.
سينئر دوستن مان اميد ٿا رکون ته اهي سنڌي ڪهاڻيءَ جي اعليٰ روايتن کي مانائتي انداز ۾ اڳتي وڌائڻ لاءِ ڌڻي جي ڏني مان، اسان تي رڳو تنقيدي مُسرت واري ڪڪر جي پالوٽ ڪن. ڇو ته سنڌي ڪهاڻي کي تنقيدي ڇنڊڇاڻ جي جيتري اڄ ضرورت آهي، هن کان اڳ ڪڏهن به ايتري نه رهي آهي. سچ پڇو ته پوءِ اسين ڏندين ڏاند آهيون، سنڌي ڪهاڻيءَ کي تنقيدي سرت جي روشنيءَ ۾ اوجر ڏيڻ اسان جو ڪم آهي.

No comments:

Post a Comment