اڄ جي سيتا!
تارا مير چنداڻي
سريتا ڀت سان لڳي بت بڻيو بيٺي هئي. ٻاهران شانت... پر سندس اندر مان
آگ نڪري رهي هئي. سندس آتما ڄڻ جيئري جلي رهي هئي، اگني ڪنڊ ۾. رام جي سيتا کي به
پنهنجي پتورت ڌرم جي ثابتي ڏيڻ خاطر اگني پريکشا ڏيڻي پيئي هئي، پر سريتا؟
سريتا ته جلي رهي هئي.... ۽ شايد سارو جيون جلندي رهندي بنا پتورت
ڌرم ثابت ڪرڻ جي.
سندس من، ڄڻ ترار جي ڌار تي رکيل هو. نؤڪ چڀندي ٿي رهي، خون جي بوند
بوند ڳڙندي ٿي رهي ۽ ائين بوند بوند ڳڙندي سندس سارو من رتو رت ٿي چڪو هو. سندس
دماغ ۾ گذريل چند ڏينهن جا واقعا ميري گو رائونڊ وانگر چڪر لڳائي رهيا هئا. ڪرشن
جون ڦريل نگاهون، سماجڪ ڀوُنڊا، سس جا سهما، ڏيراڻيءَ جا پاراتا ڄڻ واڪا ڪري کيس
ورائي ويا هئا، پر پوءِ به هوءَ اڏول بڻي بيٺي رهي.
*****