Sunday, March 25, 2012

بند ٿي ويل دروازو - جهانگير عباسي


بند ٿي ويل دروازو
جهانگير عباسي
سنڌي ڪهاڻي کيتر ۾، نڪور شايع ٿيندڙ ڪهاڻي ڪتاب ”بند ٿي ويل دروازو“، نئين ٽهيءَ جي ڀلوڙ ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار ذوالفقار ڪانڌڙي جو ٻيو ڪهاڻي ڪتاب آهي. هڪ سؤ اٺاويهه صفحن تي مشتمل هن ڪهاڻين جي مجموعي ۾، ڪل نو عدد ڪهاڻيون شامل آهن. خوبصورت ٽائيٽل ڪور سان هيءُ ڪتاب، سچائي اشاعت گهر دڙو پاران شايع ڪيو ويو آهي.


ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار ذوالفقار ڪانڌڙي جو تعلق، نوي واري ڏهاڪي کان پوءِ اڀرندڙ انهن ڪهاڻيڪارن سان جڙي ٿو، جن ۾ منظور جوکيو، ابراهيم کرل، مظهر ابڙو، احسان دانش، سڪندر عباسي، ضراب حيدر، منور سراج، شگفته شاهه، شبانه سنڌي، محمد صديق مڱيو ۽ ٻيا کوڙ ڪهاڻيڪار اچي وڃن ٿا. انهن سڀني وانگي، ذوالفقار جي به نرالي خوبي هيءَ آهي ته هن پنهنجين ڪهاڻين ۾، موضوع جي چونڊ ۽ ان سان نڀاءَ جو انداز، نرالي طور تي پيش ڪيو آهي. بنيادي طور تي هن معاشري جي جن ڪردارن کي کنيو آهي، سي سڀ پنهنجي پنهنجي ذات ۽ سڃاڻپ ۾ محبتن کان محروم ڀاسن ٿا. هن جي ڪهاڻين معرفت اسين، جڏهن اُنهن سان ملون ٿا ته اهي پنهنجي مڪمل باطن ۽ ظاهر ۾، سمورن جذبن سميت، اسان کي قريب تر ٿا لڳن. جن کان اڪثر هُو پاڻ پري هليو وڃي ٿو ۽ جڏهن ملي ٿو ته پنهنجي انهيءَ ڏات کي هُو هنن لفظن ۾ بيان ڪري ٿو ته؛ ”سوچيان ٿو ته زندگيءَ جي گذرندڙ لمحن مان ڪجهه لمحا هن جي حوالي ڪري ڇڏيان. زندگيءَ جي هڻُ-وٺُ ۾ هيءُ مون کان وسري ويو هو ۽ جڏهن به مون کي ياد ايندو هو ته آئون کيس وسارڻ جي ڪوشش ڪندو هوس، پر هاڻ ائين نه ٿيندو. اي! منهنجي اندر ۾ لڪيل ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار، مضمون نگار ذوالفقار ڪانڌڙا هاڻ ائين نه ٿيندو.“
ذوالفقار ڪانڌڙي جو تعلق، بنيادي طور تي اتر ۽ لاڙ جي وچ واري علائقي سان آهي. جيڪو گهڻي ڀاڱي ٿري ثقافت ۽ ماحول جي اثر ۾ ورتل آهي ۽ پنهنجي لاڙي مليل مٺڙي لهجي واري سنڌي جي ڪري به مشهور آهي. باوجود انهيءَ اثر جي، ذوالفقار پنهنجين ڪهاڻين ۾ نج ادبي ٻوليءَ سان گڏ، هڪ الڳ ٿلڳ لب ۽ لهجو پڻ اختيار ڪيو آهي. اهو هن جي شعوري ۽ مشاهداتي اک جو ڪمال آهي جو، هن معاشري ۾ شين کي جيئن ڏٺو ۽ ڀوڳيو آهي، انهن کي انهيءَ سچائيءَ سان بيان ڪيو آهي. جيئن هُو هڪ ڪهاڻي محبتن کان وسري ويل شخص ۾ چوي ٿو ته: ”چاهتن جي به ڪا عمر هوندي آهي ڇا؟ مون ته الائي ڪيترن کي چاهيو پر سدائين ٺڪرايو ويس. هر هنڌ هر جڳهه تي مون محبت لاءِ خيرات گهري هئي پر منهنجي جهولي محبت کان خالي ئي رهي. کڻي ڪير به نه چاهي ها مون کي پر مون ڏي محبت مان ئي ڏسي ها، اُن ڪوڙي محبت جي سهاري خوشيون ته ملن ها.“
ذوالفقار ڪانڌڙي جي هن ڪهاڻي ڪتاب ۾ شامل، اڪثر ڪهاڻيون مونولاگ پيرائي ۾ لکيل آهن. هن وقت ڪيترا ئي ڪهاڻيڪار، انهيءَ انداز ۾ لکن پيا. پر ذوالفقار جو انداز پنهنجو تخليق ڪيل آهي. ڪردارن جي معرفت، محروم جذبن ۽ احساسن وارن فردن جي هُن خوب ترجماني ڪئي آهي. جنهن جو عمدو مثال ڪهاڻيون ”محبتن کان وسري ويل شخص“، ”وڃايل وجود جي ڪٿا“، ”ورهايل محبتن جو نوحو“ ۽ ”ٽڪرن ۾ ورهايل ماڻهو“ وغيره آهن. جن ۾ هن دل کي ڇهندڙ تشبيهون پڻ ڏنيون آهن، جيئن: (1) جنهن مھل شام پنهنجو ڌنڌلو چهرو کڻي اچي رهي هئي ۽ سج سڄو ڏينهن مزدوري ڪري ٿڪجي پيو هو،. (2) ها! محبتون ته ناهن مرنديون پر محبتون ڪرڻ وارا مري ويندا آهن- وغيره وغيره.
جڏهن ته مجموعي ۾ شامل ڪهاڻي ”ڪجهه به نه هئڻ جو احساس“ هڪ شاهڪار ۽ سنڌي ٻوليءَ جي غيرمعمولي ڪهاڻي آهي. جنهن جو مکيه ڪردار پنهنجي دل ۾ پيدا ٿيندڙ خيالن، انومانن ۽ اڌمن جي آڌار تي هڪ اڻ ڏٺي خوف جي چادر ۾ ويڙهجي، سموري وايومنڊل ۾ ويڳاڻپ جو شڪار بنجي ٿو رهي. پاڻ سان پيش ايندڙ ۽ ٿيندڙ هڪ رخي وارتائن جي نتيجي ۾ ڊڄي زندگي ٿو گذاري. پوءِ ڪنهن به نتيجي جي پرواهه بنا، مزاحمت ڪندي، ڇرڪائيندڙ عمل سان، انهيءَ جي شروعات ڪري ٿو.
ذوالفقار جي اها تمام وڏي ۽ منفرد موضوع واري هڪ اعليٰ ڪهاڻي پڻ آهي، جنهن مان هن جي مطالعاتي مشاهدي جو پتو پڻ پوي ٿو.
آئون اردو جي جڳ مشهور ڪهاڻيڪار ۽ ليکڪ منشا ياد جي هن راءِ سان اتفاق رکندڙ آهيان، ”ڪنهن به تخليقڪار جو پيار ڀريو پورهيو، ڪنهن جي انعام ۽ واهه واهه جي لفظن جو هرگز محتاج نٿو رهي ۽ نه ئي انهيءَ کي نعري بازي ڪرڻ جي ضرورت آهي. پر هن جي اها رڳو تخليق ئي ناماچاري لاءِ وڏي آهي.“
ذوالفقار ڪانڌڙي جو ڪهاڻي ڪتاب ”بند ٿي ويل دروازو“ جي مطالعي بعد، مان قوي اميد سان چوان ٿو ته؛ ”ذوالفقار اهڙيون خوبصورت ۽ زندگي جي موضوعن سان ڀرپور ڪهاڻيون لکڻ تي مبارڪ جي لائق آهي. جن ۾ هن نه ڪنهن مبالغي کان ڪم ورتو آهي نه وري هٿرادو وڌاءُ ڪيو اٿس. شين کي جيئن جو تيئن، پنهنجي تخليقي جوهر ۾ پيش ڪري فضوليات کان جتي پاڻ بچايو آهي، اتي قاريءَ جو وقت به بچايو اٿس.“
ان لاءِ ضروري آهي ته هن ڪهاڻي ڪتاب جو مطالعو ڪهاڻيڪارن کي ۽ خاص طور تي نون ڪهاڻي لکندڙن کي ضرور ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن ذوالفقار گهٽ لکي ٿو ته پرواهه ناهي، پر پنهنجي بامقصد لکڻ جي ڪري پڪ ڄاڻو ته سنڌ جي جديد سنڌي ڪهاڻي جي دنيا ۾ هُن جو ذڪر هميشه سرموڙ ڪهاڻيڪارن ۾ رهندو.

No comments:

Post a Comment