Wednesday, March 7, 2012

ڪو ئي ڪيئن ڪري... - اسحاق انصاري


ڪو ئي ڪيئن ڪري...
اسحاق انصاري
هن پنهنجي گھر جي دروازي مان نڪري،  لان ۾ فروٽ جي خالي ٽوڪرين ۾ لڙڪيل بتين ۽ گيٽ تي لڳل لالٽينن ۾ لڳل بلبن کي، ٻارڻ کان پوءِ فائونٽين جو بٽڻ آن ڪيو ته ڦوهاري جي پاڻيءَ جي ڌار، اٺ فوٽ اوچي وهڻ لڳي. هو آهستي هلندو، لان ۾ اچي، رکيل آرام ڪرسيءَ تي ويٺو. ڀر سان پپل جي وڻ تي اڃا تائين پکين، خاص ڪري ڪنگن جو، لُڙ لڳو پيو هو. هونئن به شام جي شروعات ۾، جيستائين ٿانئيڪا ٿين، پکي شور مچائيندا رهندا آهن.


ٿوري دير ۾، سندس گھر واريءَ چانهن جي ٽري کڻي سندس آڏو پيل ٽيبل تي رکي ۽ هو ٻئي چانهن سپ ڪندي سانجھيءَ ٽاڻي جي روشني، پکين ۽ ماحول جو مزو وٺڻ لڳا. ٿوري دير ۾، جنهن پاسي هُن جي واڙي هئي، اتان هڪ ڪتو گھر جي ڀت پويان لڪي هنن کي نهارڻ لڳو. ڪتي جي اها حرڪت گھڻن ڏينهن کان جاري هئي، پر هر ڀيري هو ڪتي کي جھڻڪي ڀڄائي ڇڏيندو هو. تنھن ھوندي به اهو ڪتو، سندس گھر جي چوڌاري گھمندو هو. بعد ۾، رات جو هنن جي گھر جي سامهون سمهي پوندو هو. هِن ڪتي جون اکيون، ٻين ڪتن کان عجيب هونديون هيون. جنهن ڪري هُن کي ڪتي جي اکين مان ڀؤ ٿيندو هو. ڪڏهن انهن اکين ۾ وحشت ته ڪڏهن وري انهن اکين ۾ هڪ ئي وقت اداسي، نماڻائي ۽ التجا هوندي هئي.
سندس گھر واري ٽري کڻي اندر هلي وئي. هُو ٽيپ تي غزل لڳائي سُرور وٺڻ لڳو. ڪتو به پريان ويهي هن کي تڪڻ لڳو. حالانڪ ڪتي جو نسل ڪو خاص نه پئي لڳو. عام رولو ڪتن جيان ئي هو پر الائي ڇو کيس محسوس ٿيو ته اهو ڪتو، ڪنهن جو پاليل هو. هن سوچيو ته ايترن ڏينهن کان ڌڪارڻ جي باوجود هو وڃي ئي نه ٿو. هتان کائڻ لاءِ به کيس ڪجھه نه ٿو ملي پوءِ به رهيو پيو آهي. هُن کي ڪتي تي پيار اچي ويو ۽ رڙ ڪري ڪتي کي هٿ جي اشاري سان سڏ ڪندي چيائين؛ “هاڻي هلي آ، بيشرم”. ڪتو ٿوري دير رڪيو پر پوءِ آهستي آهستي هلندو، هُن جي پيرن وٽ آيو ۽ انهن کي چٽڻ لڳو. هُن پنهنجن پيرن سان ڪتي جي پٺيءَ تي ٿڌڙا ڪڍيا ته ڪتو ويهي رهيو ۽ هُن پنهنجا پير ڪتي جي مٿان رکي ڇڏيا. ڪتو سڪون سان ڪنڌ ڍرڪائي، اکيون بند ڪري، ليٽي پيو، ڄڻ کيس الائي ڪيترن ڏينهن جي تپسيا کان پوءِ پيار مليو هجي. هُن کي پنهنجي ان جملي “هاڻي هلي آ، بيشرم” تي لڳو ته اهو ڄڻ سندس پيءُ، هُن جي اندران چيو هجي. کيس ياد آيو ته هو جڏهن ننڍو هو ته هنن وٽ هڪ خاڪي رنگ ۽ اڇن چٽن واري بل ٽيريئر ڪتي هوندي هئي. هو ان سان کيڏندو هو ۽ ڪڏهن ڪتي سندس هٿ مان ماني کسيندي هئي پر هو به پورو زور لڳائيندو هو. اهو منظر سندس پيءُ فوٽوءَ ۾ محفوظ به ڪيو هو. ڪتيءَ کي جڏهن گُلر ڄمندا هيا ته هڪ حد تائين هوءَ ڇتي ٿي پوندي هئي، ۽ ڪنهن کي انهن جي ڀرسان اچڻ نه ڏيندي هئي. ان خوف کان ته متان ٻارن کي کائي وجھي، ڪجھه وقت کان پوءِ سندس پيءُ اها ڪتي، پنهنجي نوڪرياڻيءَ کي ڏني، جيڪا ڏاند گاڏيءَ تي 30 ڪليوميٽر پري ڳوٺ کڻي وئي. ڪتيءَ جي وڃڻ سان، هن سميت سڀ گھر ڀاتي ملول ٿي پيا هيا. پنجن ڏينهن کان پوءِ، رات جو هڪ وڳي، دروازي جو هيٺين چانئٺ وارو ڪڙو کڙڪيو. هُن جو پيءُ سٽ ڏئي اٿيو، ڇو جو در کڙڪائڻ جو اهو انداز رڳو هنن جي ڪتيءَ جو هو. سندس پيءُ جيئن ئي دروازو کوليو ته سامهون ڪتي بيٺي هئي، ۽ هُن جي پيءُ کي ڏسي منهن ميسڻو ڪري ويهي رهي ته پڻهنس کيس بجو ڏيندي چيو؛ “هاڻي هلي آ، بيشرم.” ڪُتِي ڪنڌ هيٺ ڪري گھر ۾ گھڙي آئي. ان ئي وقت سڀ گھر ڀاتي جاڳي پيا. کين ڪتيءَ جي حالت تي رحم آيو، جنهن جا نه رڳو ڪن ڪٽيا ويا هيا پر ڳري ڪنڊا به ٿي وئي هئي. پوءِ خبر پئي هئي ته کيس رڇ سان ويڙهايو ويو هو. ان کان پوءِ وري، ڪجھه مهينن تائين ڪُتي سندن گھر ۾ رهي. کيس اهو به ياد آيو ته ان وقت لاڙڪاڻي ۾ بجلي، چند ڪلاڪ هلندي هئي جيڪا، لاڙڪاڻي جي پنهنجي پاور هائوس مان ملندي هئي، پوِءِ وري لالٽينن ۽ گيس گولن تي گذارو ڪرڻو پوندو هو. اهڙي ئي هڪ رات جو سندس پيءُ ۽ ڀاءُ مٿي وڃڻ لاءِ ڏاڪڻ طرف وڌيا ته ڪتي هر هر هنن ٻنهي جي پيرن ۾ وچڙي ٿي پئي، ڄڻ کين اڳتي وڌڻ کان روڪيندي هجي. سندس پيءُ کيس دڙڪا به ڏنا. هونئن عمومًا دڙڪا ملڻ سان ڪتي پري ٿي ويندي هئي پر ان ڏينهن اتان چُري ئي نه، نيٺ سندس پيءُ ڪا ڳالهه ذهن ۾ رکندي ٽارچ  ڏاڪڻ طرف وڌي ته اتي کيس هڪ وڏو نانگ ويٺل نظر آيو.
هُن پنهنجي پيرن تي آلاڻ محسوس ڪئي ته خيالن مان موٽي آيو، ڪتو سندس پير چٽي رهيو هو. ان ڏينهن کان پوءِ ڪتو اتي ئي رهڻ لڳو. رات جو گھر جي آڏو سمهندو هو ۽ اوسي پاسي مان ڪو ئي به لنگھندو هو ته ڀونڪي ان کي ڀڄائي ڇڏيندو هو. صبح جو هو جڏهن آفيس ويندو هو ته ڪتو کيس ڪالونيءَ جي گيٽ تائين سي آف ڪرڻ ايندو هو ۽ وري وڃي گھر جي آڏو ويهندو هو. واپسيءَ مهل وري گيٽ تي هُن جو آڌرڀاءُ، سندس پيرن کي چٽي، ڪندو هو. هو ۽ سندس گھر واري به ڪتي کي پيار ڏيڻ لڳا. هو ساڻس ڳالهائيندو به هو جو کيس  لڳندو هو ته ڪتو سمجھي رهيو آهي. شام جو جڏهن لان تي ويهندو هو ته ڪتو، سندس پيرن هيٺيان ويهي، اکيون ٻوٽي سرور ماڻيندو هو.
ڪجھه وقت کان پوءِ سندس بدلي ڪراچي ٿي وئي. کيس ڪتي ڇڏڻ جو ڏک ٿيو. ڇو جو کيس به پڪ نه هئي ته هو ڪٿي رهندو. جي رهيو ڪنهن فليٽ ۾ ته ايڏو وڏو ڪتو، اتي ڪٿي سمائجندو. پر هُن ان دوست، جيڪو ان گھر ۾ رهڻ لاءِ آتو هو، تنهن کان واعدو ورتو هو ته هو ڪتي کي نه ڪڍندو. بلھ ساڳئي لاڏ ڪوڏ سان رکندو. دوست ڏاڙهيءَ تي هٿ رکي، واعدو ڪيو هو.
ڪراچيءَ ۾ نئين آفيس جوائن ڪرڻ کان بعد، مهيني کان پوءِ، گھر جو سامان کڻڻ هو خيرپور ۾ آيو. هُن ڏٺو ته لان ۾ ڪتو نه هو. پڇا ڪرڻ تي، دوست کيس ٻڌايو ته؛ ٻار ڪتي کان ڊڄن پيا. ان ڪري کيس ڪڍي ڇڏيو اٿئون. جنهن تي کيس ڏاڍو ڏک پهتو. دوست وڌيڪ کيس ٻڌايو ته؛ ڪُتو رهي هتي ڪٿي ٿو. ڇو جو هڪ ڀيري هُن هڪ چوڪيدار کي ڪتو ڏنو ته جيئن اتان پري کڻي وڃي. جيڪو ڪتي کي 40 ڪلوميٽر پري وٺي ويو. پر وري ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ، ڪتو ايڏو پنڌ ڪري، واپس هليو آيو. هو اڃا ڳالهائين ئي پيا ته هُنن ڪتي جي ڊڪڻ جو آواز ٻڌو. شايد ڪتي هُن جو آواز ٻڌي ورتو هو. ڪتو ڊڪندو ڊڪندو، لان ۾ داخل ٿيو ۽ تيزيءَ سان هن جي ڪرسيءَ طرف وڌي، پنهنجا اڳيان پير هُن جي ڪلهن تي رکي، سندس منهن کي چٽڻ لڳو. هُن به ڪتي کي ڀاڪر ۾ ڀريو. جانور جي ايتري پيار تي، سندس اکين مان ڳوڙها وهي نڪتا. اتي ويٺل به حيران ۽ پريشان ٿي ويا. پوءِ اهي ٻه ٽي ڏينهن ڪتو، سڄو وقت هن سان گڏ هوندو هو. وڃڻ مهل، هُن وري دوست کان واعدو ورتو ته، ڪتي کي نه ڪڍندو.
هو جيئن ئي ڪار ۾ ويٺو ته ڪتو شيشي کي چٽڻ لڳو. هن آهستي آهستي اتان گاڏي ڪڍي ۽ گيٽ کان نڪري آيو. هُن بيڪ مرر ۾ ڏٺو ته؛ ڪتو ڪيتري دير تائين ڊوڙندو رهيو ۽ پوءِ هڪ هنڌ بيهي حسرت سان ويندڙ گاڏيءَ کي ڏسڻ لڳو. هُن ڊيش بورڊ تي رکيل ٽشو پيپر کڻي، اکين مان وهندڙ ڳوڙها اگھيا.
ڪراچيءَ ۾ مصروف رهڻ ڪري، هن جو خيرپور سان واسطو گهٽجندو ويو. ٻن ٽن مهينن کان پوءِ هو خيرپور پنهنجن ڪاغذن ڪڍائڻ لاءِ ويو، جتي کيس خبر پئي ته ان دوست ڪتي کي ڪڍڻ جا وڏا وس ڪيا پر هر ڀيري ڪتو واپس اچي ان لان ۾ رهڻ لڳو ۽ گھڻو ڪري ان هنڌ تي ويهندو هو جتي هو ڪرسي رکي ويهندو هو. سندس دوست نيٺ تنگ اچي ڪتي کي قيمي ۾ زهر ملائي ڏنو ۽ ڪتو تڙپي تڙپي مري ويو.
اهو ٻڌي، هو گونگا ڳوڙها ڳاڙڻ لڳو. دوست کيس سمجھائڻ لڳا. هُو لان ۾ ويو ته هُن جي گھر ۾ رهندڙ سندس دوست، اڳتي وڌي، هُن سان ملڻ چاهيو پر هن کيس هٿ جي اشاري سان روڪي ڇڏيو ۽ لان جي ڪُنڊ ۾ رکيل، ڪتي جو کائڻ وارو پاٽوڙو کڻي، پنهنجي بيگ ۾ رکي، آلين اکين سان اتان نڪري آيو.

No comments:

Post a Comment