Monday, April 17, 2017

مضمون نويسي يا مقاله نگاريءَ جو تحقيقي جائزو - ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

مضمون نويسي يا مقاله نگاريءَ جو تحقيقي جائزو
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ


مضمون جي صنف جي نثري ادب ۾ هڪ مڃيل حيثيت ۽ اهميت آهي. مضمون عربي ٻوليءَ جي لفظ ”ضمن“ مان ورتل آهي. ضمن يا ”ارادو ڪيل“، ”گڏ ڪرڻ“ ۽ ”آڻڻ“ جي معنيٰ ۾ اچي ٿو. اردو ۽ سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ ”مضمون“ کي ته انگريزي ۾Essay  سڏيو وڃي ٿو، جيڪو فرانسيسي ٻوليءَ جي لفظEssai  تان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ ڪوشش ڪرڻ آهي. مضمون ڪنهن خارجي موضوع تي داخلي ڪيفيت جي ترجماني هڪ ڪوشش جي صورت ۾ آهي، جنهن ۾ مضمون نگار جي اهليت، ذهانت، جذباتي، احساساتي لڳاءَ ۽ فڪر انهيءَ موضوع جي باري ۾ ظاهر ٿين ٿا.