Monday, August 30, 2021

سَرور سيفَ جي ڪَھاڻين ۾ حقيقت نگاري - خليق ٻگهيو

سَرور سيفَ جي ڪَھاڻين ۾ حقيقت نگاري

خليق ٻگهيو



اُڻويھين صديءَ ڌاري فرانس مان پيدا ٿيل ادبي حقيقت نگاريءَ جو رجحان، جيڪو يورپ توِڙي ايشيا ۾ پنھنجي وسعت يا ڦھلاءَ جي ڪري ھڪ تحريڪ جي صورت اختيار ڪري ويو.اُن رجحان نه صرف تخليقي ادب ۾ جمالياتي مبالغه آرائيءَ کي روڪيو، پر خيالن جي رنگين ڪھڪشائن ۾ ڀٽڪڻ کان پرھيز به سِيکاري. اھا حقيقت نگاري ئي ھئي، جنھن موضوعي وھمن جي برعڪس معروضي ساڃھه جي تقاضائن کي روشناس ڪيو. حقيقت نگاريءَ کي مُصوريءَ ۽ ادب جو ھڪ “رجحان” يا لاڙو اُنھيءَ ڪري سَڏيو ويو، ڇاڪاڻ ته رومانويت جي تحريڪ جي خاتمي بعد حقيقت نگاري آرٽسٽن لاءِ پھريان ھڪ رجحان، ھڪ لاڙي طور سامهون آئي. لاڙو دراصل پنھنجي دَور جي لِکڻ جو خاڪو ھُوندو آھي. ھڪ صورت ھوندي آھي. ھڪ اھڙي تشڪيل ھُوندي آھي، جنھن جي پٺيان ڪو نه ڪو نظريو موجود ھُوندو آھي. ڪڏھن اُھو لاڙو موضوعاتي چُونڊ جي صورت ۾ به پَسي سگهبو آھي. ٻين لفظن ۾ پنھنجي دَور جي لِکت جي عام ڇانيل رُخ کي لاڙو چئبو آھي. ائينءَ جيڪڏھن تقابلي جائزي تحت رومانويت ۽ حقيقت نگاريءَ جي تحريڪ کي پرکي ڏسون ٿا ته يورپ ۾  رومانويت جي تحريڪ مادي کان مٿي يا ٻاھر جي ڪائنات جي درشن مثل ھئي ۽ حقيقت نگاريءَ جي تحريڪ زميني حقيقتن کي ماھيت ۽ افاديت بخشي. رومانويت جي تحريڪ يورپ ۾ مابعد الطبيعات Meta physics کڻي آئي ته حقيقت نگاريءَ جي تحريڪ اُن جي تضاد ۾ خارجيت، انساني برابري، امن، انصاف، انسانيت خير ۽ سماجي توازن يا معروضي صورتحال کي پيش ڪيو. حقيقت نگاريءَ فرانس ۾ فطرت طرف وڌيڪ جهڪاءُ ڏيکاريو، جنهنڪري فطرت نگاري ۾ جذب ٿي وئي. پر باقي دنيا جھانَ تائين ڦھلاءَ جي دوران حقيقت نگاري سموري عينيتي فلسفي ۽ تخليق ٿيندڙ آدرشي لقائن جي اُبتڙ سماج ۾ واقعن کي جيئنءَ جو تيئنءَ ايمانداريءَ سان پيش ڪندي رھي. حقيقت نگاريءَ نه صرف انساني حالتن، مظھرن ۽ لقائن کي پنھنجي مشاھدي ۽ تجربي وسيلي پنھنجي اکين سان ڏِسي عڪس بند ڪرڻ جي ڪوٺ ڏني، پر ڪھاڻين ۽ ناولن ۾  ڊرامائي انداز کان به پرھيز جو “ادبي نصاب” ڏنو. حقيقت نگاريءَ ادب ۾ امير ڪلاس جي درباري ڪلچر جي برعڪس ھيٺين ۽ وچين طبقي جي زندگيءَ کي ترجيح ڏني. رومانويت ۾ فرديت ھئي، حقيقت نگاريءَ اجتماعيت ڏني. رومانويت جي فلسفي رُوحاني رمزن ۽ متصوف روين کي جنم ڏنو ۽ حقيقت نگاري سکڻي جذبي ۽ بي عقل احساس ۽ وجدان جي خفي کان نجات وٺڻ جي ڳالهه ڪئي. رومانويت ۾ پنھنجي ذات ۽ پنھنجي انفرادي راءِ کي اهميت حاصل ھئي، پر حقيقت نگاريءَ حقيقتن جي عڪاسي ڪرڻ وقت غير شخصي بڻجي اجتماعي فڪر ڏيڻ جو پيغام ڏنو. تاريخ موجب، حقيقت نگاري، رومانوي تحريڪ جي رد عمل ۾ آئي ۽ ان جي خاتمي جو سبب بڻي. يورپ ۾ حقيقت نگاريءَ جو عروج ۱۸۴۸- ۱۸۸۰ع تائين رھيو. ويھين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ ھيءَ تحريڪ بظاھر پُڄاڻيءَ تي پُھتي. Encyclopedia Britannica مطابق حقيقت نگاريءَ کي ھِن طرح سمجهايو ويو آھي:

Sunday, August 29, 2021

نماءُ - رزاق سهتو

نماءُ

مختصر ڪهاڻي

رزاق سهتو



سکر جو سج پنهنجي پوري سگھ سان، گرميءَ جا الا وسائي، پير پوياڙيءَ ڏانهن سوري رهيو هئو. مٽيءَ گاڏڙ هوا، هن جي پلئه سان کيڏي رهي آهي. هوءَ شاهي بازار جي آخري ڇيڙي تي پهچي چڪي آهي. هاڻ سندس رخ نم جي چاڙهي طرف آهي. هوءَ بازار ۾ نرالي هئڻ ڪري ماڻهن جي نهار جو مرڪز هئي. کيس ڏسندي ڪيئي پنهنجون دليون قابو ڪري نه سگھيا ۽ پيريءَ جيان هن جو پيرو کڻڻ لڳا. هوءَ نم جي چاڙهي، بازار جو روڊ چڙهي رهي آهي. ڪنهن پهاڙي هرڻيءَ جيان سينو ڇڪجي ويو اٿس. پاڻ ڪنڌ کي جھٽڪو ڏنائين ته سندس ڊگھا ڪارا وار قلابازي کائي، سندس پٺن تي اچي ڪريا. ڄڻ ته سندس ڪارا وار پٺن جي پاسن تي آهلي پيا. نم جي چاڙهي چڙهي، اسٽيشن روڊ تي پهتي. روڊ جي ٻنهي پاسن کان نيلامي مال وڪرو ڪندڙ فٽ-پاٿي، جن ۾ اڪثريت پٺاڻن جي هئي، تن سندس تاڻيل ڇاتيءَ جي اڀار، پوئتي نڪتل پولهه، چيلهه جي موڙن ۽ جسم جو ڪپڙن اندر ٿڙڪڻ ڏٺو ته اھو منظر پٺاڻن جي دلين تي وڄ جيان ڪريو. نسوار جو چپٽو وات ۾ وجھي چوڻ لڳا؛ ”يا قربان! يا قربان!“

Saturday, August 14, 2021

حقيقت ڪن خواب - عزيز نيسن - انجنيئر عبدالوهاب سهتو

حقيقت ڪن خواب

(ترڪي ڪھاڻي)

عزيز نيسن

انجنيئر عبدالوهاب سهتو


ھو پنڌ ڪري ڪري، ساڻُو ٿي پيو ھيو. ڏاڍي ڏکيائيءَ سان، پير گيسڙائي گيسڙائي، اڳتي رڙھي رھيو ھيو. ھاڻ ان حقيقت جو شدت سان احساس ٿيڻ لڳو ھيس ته؛ انسان جي لاءِ جيڪو ٻوجھ کڻڻ مڙني کان اوکو آھي سو خود سندس جسم جو ٻوجھ آھي. ڪنھن به شخص کي، موت کان اڳي، ان ٻوجھ کان آجائي نه ٿي ملي سگھي. ھليو به پئي، سوچيائين به پئي. رستي تي گاڏيون ڦرڙاٽ ڪيو لنگھي پئي ويون، مگر ھيءُ پنھنجي ڌن ۾ مست مگن ھلندو پئي ويو.

جڏھن بت ئي چوي ڪافر - غلام مصطفيٰ مشتاق

جڏھن بت ئي چوي ڪافر

(وھاب سھتي جي ڪتاب تي ھڪ سرسري نظر)

غلام مصطفيٰ مشتاق



ڪھاڻي لکڻ ڪڏھن کان ۽ ڪنھن کان شروع ٿي، ان لاءِ ڪو آخري فيصلو نه ٿو ڏئي سگھجي ۽ اھو به ٻڌائڻ في الحال مشڪل آھي ته ڪھاڻيءَ کي موجوده روپ، ڪنھن ڏنو. ايترو اندازو لڳايو ويو آھي ته موجوده ڪھاڻي، لوڪ ڪھاڻيءَ جي سڌريل شڪل آھي. اڻ سڌريل انسان، جڏھن ڪنھن ڏٺل/ اڻ ٺل طاقت کان خوفزده ٿيندو ھو ته ٻين کي به انھن کان مرعوب ڪرڻ لاءِ، ھٿراڌُو واقعا بيان ڪندو ھو ۽ اھي واقعا ھو اھڙي نموني لوڻ مرچ وجھي ٻڌائيندو ھو جو اڳيون متاثر ٿي سندس ھمخيال بڻجي ويندو ھو. وچين دور ۾ وري قومن جي سورمن ۽ سرواڻن سان ڳالھيون منسوب ڪري، انھن کي بيان يا قلمبند ڪيو ويو. انھن ڪھاڻين ۾ ھر قوم، پنھنجي پنھنجي سورمي کي ٻين کان وڌيڪ پر اسرار ۽ پھلوان ثابت ڪرڻ لاءِ عجيب و غريب واقعا بيان ڪيا ۽ انھن کي وڌائي وڻ ڪيو. ائين نه آھي ته ڪو اھي منسوب ڪيل واقعا، سمورا ڪوڙا ھئا. پر بيان ۾ چاشني ۽ رنگيني پيدا ڪرڻ لاءِ ۽ انھن کي ڪھاڻيءَ جو روپ ڏيڻ لاءِ انھن ۾ ڪي ھٿ گھڙيا واقعا به شامل ڪيا ويا. ائين ڪھاڻيءَ جو سفر شروع ٿيو.

ڪووڊ_۱۹ تي تنقيد - هوش محمد ڀٽي

ڪووڊ_۱۹ تي تنقيد

هوش محمد ڀٽي



ڪووڊ_۱۹ ناول تي ڪافي سارا تبصرا نظرن مان گذريا. سڀني ۾ رڳو زور اهو هو ته هي وبائي ادب ۽ وبا جي موضوع تي لکيو ويو آهي. جڏهن ته ناول جي نالي منجهان ئي ظاهر آهي ته هي وبا تي لکيل آهي. ٻيون ڪي خاص ڳالهيون هن ناول بابت بحث هيٺ نه آيون آهن.

ناول جو ليکڪ پوري سنڌي ناول کي ٻڙي ڏيڻ ۾ دير ناهي ڪندو. هو سموري ناول برداري جي ليکڪن تي غير نصابي ۽ غير سنجيده قسم جا ريمارڪس ڏيندو آهي. هن جي تنقيد نه پر تنقيص هوندي آهي.

چپ جي سزا - جبار آزاد منگي

چپ جي سزا

(ننڍڙي ڪھاڻي)

جبار آزاد منگي



”ڪتا پولن ۽ ٿوڻين تي ٽنگ کڻي ڇو مٽندا آهن؟“ پنهنجي آلي ٿيل قميص کي نپوڙيندي، پڇيائين.

چيومانس؛ ”پولن ۽ ٿوڻين کي زبان ڪونهي. جنھنڪري ڪنھن جي مٿان ٿيل بيواجبين تي، پنهنجو آواز بلند ناهن ڪري سگهندا. جيڪي ڪنھن سان ٿيل بيواجبين تي، آواز بلند ناهن ڪري سگهندا، تن تي ڪتا ٽنگ کڻي مٽڻ جو ناجائز فائدو وٺندا آهن!!“

Monday, August 9, 2021

بي نسلو - جبار آزاد منگي

بي نسلو

(ننڍڙي ڪھاڻي)

جبار آزاد منگي



”سائين! صاحب فرمايو آهي ته پندرنھن منٽ انتظار ڪيو.“ پٽيوالي، صاحب وٽان موٽي اچي چيو.

”ڇو!؟“ کانئس ٿوري ناراضگيءَ ۽ صاحب ۾ ھُجَ واري انداز مان پڇيم؛ ”صاحب کي مون لاءِ ٻڌائيئي؟“

”ھا ٻڌايومانس پر صاحب ضروري ڪم ۾ مصروف ھيو، ان ڪري ترسڻ لاءِ چيائين.“ ائين چئي، پٽيوالو وري آفيس اندر هليو ويو.