Monday, August 30, 2021

سَرور سيفَ جي ڪَھاڻين ۾ حقيقت نگاري - خليق ٻگهيو

سَرور سيفَ جي ڪَھاڻين ۾ حقيقت نگاري

خليق ٻگهيو



اُڻويھين صديءَ ڌاري فرانس مان پيدا ٿيل ادبي حقيقت نگاريءَ جو رجحان، جيڪو يورپ توِڙي ايشيا ۾ پنھنجي وسعت يا ڦھلاءَ جي ڪري ھڪ تحريڪ جي صورت اختيار ڪري ويو.اُن رجحان نه صرف تخليقي ادب ۾ جمالياتي مبالغه آرائيءَ کي روڪيو، پر خيالن جي رنگين ڪھڪشائن ۾ ڀٽڪڻ کان پرھيز به سِيکاري. اھا حقيقت نگاري ئي ھئي، جنھن موضوعي وھمن جي برعڪس معروضي ساڃھه جي تقاضائن کي روشناس ڪيو. حقيقت نگاريءَ کي مُصوريءَ ۽ ادب جو ھڪ “رجحان” يا لاڙو اُنھيءَ ڪري سَڏيو ويو، ڇاڪاڻ ته رومانويت جي تحريڪ جي خاتمي بعد حقيقت نگاري آرٽسٽن لاءِ پھريان ھڪ رجحان، ھڪ لاڙي طور سامهون آئي. لاڙو دراصل پنھنجي دَور جي لِکڻ جو خاڪو ھُوندو آھي. ھڪ صورت ھوندي آھي. ھڪ اھڙي تشڪيل ھُوندي آھي، جنھن جي پٺيان ڪو نه ڪو نظريو موجود ھُوندو آھي. ڪڏھن اُھو لاڙو موضوعاتي چُونڊ جي صورت ۾ به پَسي سگهبو آھي. ٻين لفظن ۾ پنھنجي دَور جي لِکت جي عام ڇانيل رُخ کي لاڙو چئبو آھي. ائينءَ جيڪڏھن تقابلي جائزي تحت رومانويت ۽ حقيقت نگاريءَ جي تحريڪ کي پرکي ڏسون ٿا ته يورپ ۾  رومانويت جي تحريڪ مادي کان مٿي يا ٻاھر جي ڪائنات جي درشن مثل ھئي ۽ حقيقت نگاريءَ جي تحريڪ زميني حقيقتن کي ماھيت ۽ افاديت بخشي. رومانويت جي تحريڪ يورپ ۾ مابعد الطبيعات Meta physics کڻي آئي ته حقيقت نگاريءَ جي تحريڪ اُن جي تضاد ۾ خارجيت، انساني برابري، امن، انصاف، انسانيت خير ۽ سماجي توازن يا معروضي صورتحال کي پيش ڪيو. حقيقت نگاريءَ فرانس ۾ فطرت طرف وڌيڪ جهڪاءُ ڏيکاريو، جنهنڪري فطرت نگاري ۾ جذب ٿي وئي. پر باقي دنيا جھانَ تائين ڦھلاءَ جي دوران حقيقت نگاري سموري عينيتي فلسفي ۽ تخليق ٿيندڙ آدرشي لقائن جي اُبتڙ سماج ۾ واقعن کي جيئنءَ جو تيئنءَ ايمانداريءَ سان پيش ڪندي رھي. حقيقت نگاريءَ نه صرف انساني حالتن، مظھرن ۽ لقائن کي پنھنجي مشاھدي ۽ تجربي وسيلي پنھنجي اکين سان ڏِسي عڪس بند ڪرڻ جي ڪوٺ ڏني، پر ڪھاڻين ۽ ناولن ۾  ڊرامائي انداز کان به پرھيز جو “ادبي نصاب” ڏنو. حقيقت نگاريءَ ادب ۾ امير ڪلاس جي درباري ڪلچر جي برعڪس ھيٺين ۽ وچين طبقي جي زندگيءَ کي ترجيح ڏني. رومانويت ۾ فرديت ھئي، حقيقت نگاريءَ اجتماعيت ڏني. رومانويت جي فلسفي رُوحاني رمزن ۽ متصوف روين کي جنم ڏنو ۽ حقيقت نگاري سکڻي جذبي ۽ بي عقل احساس ۽ وجدان جي خفي کان نجات وٺڻ جي ڳالهه ڪئي. رومانويت ۾ پنھنجي ذات ۽ پنھنجي انفرادي راءِ کي اهميت حاصل ھئي، پر حقيقت نگاريءَ حقيقتن جي عڪاسي ڪرڻ وقت غير شخصي بڻجي اجتماعي فڪر ڏيڻ جو پيغام ڏنو. تاريخ موجب، حقيقت نگاري، رومانوي تحريڪ جي رد عمل ۾ آئي ۽ ان جي خاتمي جو سبب بڻي. يورپ ۾ حقيقت نگاريءَ جو عروج ۱۸۴۸- ۱۸۸۰ع تائين رھيو. ويھين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ ھيءَ تحريڪ بظاھر پُڄاڻيءَ تي پُھتي. Encyclopedia Britannica مطابق حقيقت نگاريءَ کي ھِن طرح سمجهايو ويو آھي:


Realism , in the arts, the accurate, detailed, unembellished depiction of nature or of contemporary life. Realism rejects imaginative idealization in favor of a close observation of outward appearances. As such, realism in its broad sense has Comprised many artistic currents in different civilizations. In the visual arts for example, realism can be found in ancient Hellenistic Greek sculptures accurately portraying boxers and decrepit old women.

حقيقت نگاري جي تحريڪ دنيا ۾ مصوريءَ کان ادب تائين وڏا اھم مصور ۽ تخليقڪار ڏنا. مثال طور Gustave Flaubert ، Henrik Ibsen - Norway، Alexandre Dumas son ،Henry James، Guy de Maupassant، Stendhal،Dostoyevsky،Leo  Tolstoy ۽ ٻيا لاتعداد ليکڪ حقيقت نگاريءَ سان وابسته ھئا. خود ادبي حقيقت نگاري وقت گذرڻ سان گڏ ڪيترن ئي قِسمن ۾ ورھائجي وئي. مثال طور: جادوئي حقيقت نگاري، سماجي حقيقت نگاري، بورچي خاني سان جڙيل حقيقت نگاري، سوشلسٽ حقيقت نگاري، نفسياتي حقيقت نگاري، فطرت واري حقيقت نگاري ۽ مقاميت نگاري وغيره. ھاڻي اسان ايڪويھين صديءَ ۾  جديديت پُڄاڻان جي صورتحال ۾ حقيقتن کان مٿانھين حقيقت Hyper reality تائين پھتا آھيون، جتي حقيقت خود نقل، ڪوڙ، دوکو بڻجي وئي آھي. سنڌ جي ھڪ بھترين محقق ۽ نقاد ڊاڪٽر ساجده پروين پنھنجي ڪتاب، “جديد ادبي تنقيدي نظرين ۽ لاڙن جو سنڌي ادب تي اثر” ۾ حقيقت کان مٿانھين حقيقت Hyper reality بابت لِکي ٿي ته:

“حقيقت کان مٿانھين حقيقت مان مراد اھڙا خيال ۽ تصور يا ڪنھن به شيءِ جي نقل پيدا ڪرڻ آھي، جيڪا فطري حقيقت يا صداقت جي بجاءِ  ڪوڙ ۽ مصنوعيت تي ٻڌل ھجي.”

ننڍي کنڊ ۾ حقيقت نگاري “ترقي پسند تحريڪ” جي صورت ۾ نروار ٿي. ترقي پسند تحريڪ بنيادي طور يورپ جي فلسفياڻي ۽ دانشوراڻي تحريڪ، روشن خياليءَ جي تحريڪ  Enlightenment Movement کان متاثر ھئي. پر سنڌ ۾ پوءِ اُھا ادب کان وڌيڪ سياست جي ڇانوَ ھيٺ پلجندي رھي، جنھنڪري تجريدي، علامتي وجودي ۽ سررئيلسٽڪ ڪھاڻيڪارن اُن کان ڪناراڪشي اختيار ڪئي. سنڌيءَ ۾ ماضيءَ جي ڪھاڻيڪارن ۾ امر لعل ھنڱوراڻيءَ کي سنڌي تخليقي ادب ۾ حقيقت نگاريءَ جو باني تصور ڪيو وڃي ٿو. انھيءَ کان سواءِ آسانند مامتورا، عثمان علي انصاري، گوبند پنجابي، سراج، نجم عباسي، امر جليل، عبدالقادر جوڻيجو، علي بابا، نورالهديٰ شاه ،نسيم کرل، رسول بخش پليجو، جمال ابڙو، غلام نبي مغل ۽ ٻيا ڪيترائي مشھور ڪھاڻيڪار، جيڪي سنڌي ادب ۾ حقيقت نگار ڪھاڻيڪار شمار ڪيا وڃن ٿا، تن ۾ سرور سيف جو نالو به ھڪ اھم نالو آھي. ڪھاڻيڪار ۽ محقق جھانگير عباسيءَ موجب، سرور سيف، اياز قادريءَ، رسول ميمڻ، اخلاق انصاريءَ، شوڪت شوري، ملڪ آگاڻيءَ، ڪيھر شوڪت، ابراھيم خشڪ، زيب سنڌيءَ، نورُ گهلو، رزاق مھر، بادل جماليءَ ۽ سليم ڪورائيءَ جو ھمعصر ڪھاڻيڪار آھي. بقول سرور سيفَ جي ته ھُن اڻويھ سئو پنجھتر کان ڪھاڻي سرجڻ جو تخليقي سفر شروع ڪيو. سندس پھرين ڪھاڻي، “ٽاڪا ٽٽي ويا” ۽ ٻي ڪھاڻي “۷۶ ماڊل” ھئي. الميي جي ڳالهه اھا آهي ته سندس ٻه ڪھاڻيون “ھٿَ ڪرائي وڍيا” ۽ “جيون ٿوھر کير” پبلشر ادارن جي پاران شايع ڪرڻ کان انڪار ڪيو. اُڻويھ سئو ٽياسيءَ ۾ سندس ڪتاب،

“کير جھڙي ڪاري” شايع ٿيو. ساڳيو ڪھاڻي مجموعو، “کير جھڙي ڪاري” ٻيھر جنوري ٻه ھزار ايڪيھ ۾ پڻ شايع ڪرايو ويو آھي. ساڳئي مجموعي جي ھِن نئين ايڊيشن ۾ سندس وڌيڪ ٻه نيون ڪھاڻيون “ست نام” ۽ “مارُل ڌيءَ” به شامل ڪيون ويون آھن. “سوغات پبليڪيشن پني عاقل” مان شايع ٿيندڙ سرور سيف جي ڪھاڻين جي ھن نئين ايديشن جو مھاڳ “انور پيرزادي جو لکيل آھي. ڪتاب تي متاثر ڪندڙ خوبصورت اسڪيچ ھارون چني جو ٺاھيل آھي ۽ پبلشر ڊاڪٽر سجاد سرور جي اداري جي نوٽ کان سواءِ، ھِن ڪتاب ۾ ملڪ نديم، جھانگير عباسيءَ، جميل سومري، محمد دين راڄڙيءَ، ابراھيم کرل، اياز گل ۽ ممتاز بخاريءَ جا رايا شامل آھن. ھيءُ ڪھاڻي مجموعو پندرنھن ڪھاڻين تي مشتمل آھي. سرور سيف ھن وقت تائين تحقيقي، تدريسي، تنقيدي ۽ ترجمو ڪيل ڏھن ڪتابن جو مترجم آھي.

سندس ڪتابن جي پيرائتي فھرست ھيٺ ڏجي ٿي:

۱. “کير جھڙي ڪاري”

پھريون ڇاپو ۱۹۸۳ ٻيو ڇاپو ۲۰۲۱ع

(وڌايل سنواريل)

۲. “دنيا جا ھاري انقلاب” (۱۹۹۰ع) رھبر پبليڪيشن (ترجمو)

۳. “جي مون ماڻڪ ميڙيا” سنڌي ادب جي تاريخ جو تنقيدي مطالعو ۲۰۰۰ع

۴. “پنو عاقل ماضي حال” ۲۰۱۳ع(پني عاقل تعلقي جي شھرن ڳوٺن ۽ مختلف نامور شخصيتن بابت تحقيق)

۵. “تاريخ اسلام سيرت النبي صه”

۶. “تاريخ اسلام خلافت راشده”

۷.” تاريخ اسلام بنو اميه بنو عباس”

۸. “سنڌي ٻولي ۽ ادب جي جامع تاريخ”

(مختصر سوال جواب)

۹. “شاھ لطيف جو مطالعو” ۲۰۰۸ع

۱۰. “سنڌي ٻولي ۽ ادب ج تاريخي تحقيقي تنقيدي جائزو” ۲۰۱۹ع

۱۱. “نربدا کان مھراڻ” آتم ڪٿا ترجمو ۲۰۲۰ع

سرور سيف محاورن ۽ اصطلاحن تي به ھڪ ڪتاب لکيو. پر سندس چوڻ موجب، سندس اهو مسودو گُم ڪيو ويو.

سرور سيفَ جون اڪثر ڪھاڻيون جيتوڻيڪ پُراڻيون لِکيل ڪھاڻيون آھن. پر اهي اڄ به سنڌي سماج جون عڪاس نظر اچن ٿيون. ڇاڪاڻ ته اڄ به سنڌ جي سماجي صورتحال تقريبن ساڳي آھي. ٻيو ته اڄ جڏھن چڱا ڀلا ڪھاڻيڪارَ پنھنجي ڪھاڻين ۾ طوالت جو شڪار ٿي وڃن ٿا. تڏھن سرور سيف جون ڪھاڻيون پڙھي سچ پچ ته اندر مان اُھو احساس جاڳڻ لڳي ٿو ته مختصر ڪھاڻيون ته ھي ڪھاڻيون آھن، جن ۾ ڪا پٽاڙ ڪانهي. ھي اُھي ڪھاڻيون آھن، جن ۾ اَڻ-لاڳاپيل مُوضوعن تي ڊگهي مڪالما بازي ڪانهي. ھِن تيز رفتار دَور ۾ ھي ڪھاڻيون قاريءَ جو نه صرف وقت بچائين ٿيون، پر قاريءَ جي ذھن تي اضافي بار به نٿيون وجهن. ڏيڍ يا سوا صفحي جون ڪھاڻيون ٻوليءَ جي لحاظ کان ايتريون سھل، سڦل، روان ۽ رس چَس واريون آھن، جو ھِر سطح جو قاري اُنهن مان نه صرف سماج بابت گھرو ادراڪ ماڻي سگهي ٿو. پر جمالياتي حِظ به حاصل ڪري سگهي ٿو. جيئنءَ ته سرور سيف جون ڪھاڻيون حقيقت نگاريءَ جي دائري ۾ اچن ٿيون. انڪري سندس ڪھاڻين جا موضوع معاشري جا بنيادي ۽ عام نوعيت جا موضوع آھن. دنيا جھان جي حقيقت نگاريءَ واري تخليقي ادب ۾ اڪثر ساڳيا ساڳيا موضوع ورجايا ويندا آھن. حقيقت نگاري ائينءَ ئي ٿيندي آھي. اُن ۾ عمل ۽ پلاٽ جي برعڪس، ڪردارن کي وڌيڪ اھميت ھوندي آھي. حقيقت نگاريءَ ۾ سماج جي مُنجهيل ۽ ڏکين اخلاقي موضوعن جي فيصلن ڪرڻ جي ڇِڪتاڻ موجود ھُوندي آھي. حقيقت نگاريءَ ۾ سماجَ جي فخر لائق ڪردارن کي مثالي بڻايو ويندو آھي. حد کان وڌيڪ سَنسي خيزي ۽ مبالغه آرائيءَ کي بي مقصد سمجهيو ويندو آھي.  نه صرف معاشري جي وِچُولي/ ھيٺين طبقي جي زندگيءَ کي پيش ڪيو ويندو آھي. پر منطقيت کي به وڌيڪ اھميت حاصل ھوندي آھي. حقيقت نگار ڪھاڻيڪار ھُئڻ ڪري سرور سيف جي ڪھاڻين ۾ به موضوعاتي محدوديت ۽ يڪسانيت موجود آھي. اُنڪري سندس ڪھاڻين جي تنقيدي جائزي پيش ڪرڻ لاءِ سندس ڪھاڻين کي ھِتي موضوعاتي تقسيم ھيٺ رکجي ٿو: 

۱ ڳوٺاڻي تھذيب

سرور سيف جي ڪھاڻي “کوھيل کنڀ” ھڪ اھڙي ڪھاڻي آھي، جنھن کي پڙھڻ کان پوءِ اُھو چَئي سگهجي ٿو ته ھيءَ ڪھاڻي  “مختصر ڪَھاڻي” لِکڻ جي فن جو ھڪ شاندار مثال آھي. ھِن ڪھاڻيءَ ۾ “صادق” جو ھڪ ڪردار ڪمال جو ڪردار آھي. پاٺڪ جي اڳيان اُھو واحد ڪردار ئي سماج جي مخصوص جبري ساخت کي وائکو ڪندو وڃي ٿو. ڪھاڻيءَ ۾ ڏيکاريل آھي ته سرڪار پاران ڳوٺن کي بلڊوز ڪيو پيو وڃي. اُن ڏَس ۾ صادقَ جي ڳوٺ جي سامهون وارو ڳوٺ به مِٽيءَ جو ڍير بڻجي چُڪو آھي. ھاڻي صادق جي ڳوٺ جو وارو آھي. اُن ويل ھُو سوچي ٿو ته،

“ھي گهر جنھن ۾ بانبڙا پاتا ھُئائين، پنڌ ڪيو ھئائين، کيڏيو، ڪُڏيو ھو، اھو گهر ڇَڏي ويندو. ھيءُ اسڪول ھيءَ مسجد، ھي سڀ گهر گهٽيون ڪاڏي ڇڏي ويندو. ننڍڙي دماغ ۾ اھا ڳالهه ئي نه پئي ويٺس ته کانئن سندن ڳوٺ ڇو پئي ڦريو ويو؟ ڇو پئي سندن وستيون ويران ٿيون!؟”

منھنجي خيال ۾ ڪنھن به ڪھاڻيءَ جي منظر نگاري دراصل ڪھاڻيءَ جو ساھُ پساھُ ھُوندي آھي. ھِن ڪھاڻيءَ جي منظر نگاري به ڪھاڻيءَ جو ساھُ پساھُ آھي، ڇاڪاڻ ته اُھا ايتري ته حقيقي لڳي ٿي، جو فطري ڀائنجي ٿي. مثال طور: مذڪوره منظر نگاريءَ جو ھڪ جُزو حوالي طور پيش ڪجي ٿو:

“ننڍڙو صادق ڳوٺ جي گهٽيءَ جي آخري ڇيڙي ۾ بيٺو ھو. اداس مک مٿي ۽ منھن تي رءُ جا ھلڪا تھه، ڪڪوريل اکيون لوڻو ھڻي ڪَڏھن سامهون بيٺل ٽريڪٽر جي ٽرالي ڏي پئي ڏِٺائين، جنهن ۾ سندس گهر جا سڀ ڀاتي لَڏو سَٿي رھيا ھئا ۽ سڀني جون اکيون آليون ھيون. کيس لڳو پئي ڄڻ ته سڀ ھيڻا ۽ نيستا ٿي ويا ھجن. ڪڏھن اڇي نيل واري قبائين مسجد ڏي پئي ڏٺائين، جتي پاڻ روز ھٿ منھن ڌوئي سيپارو کڻي، وڃي ملان صالح جي اڳيان ٻين ٻارن جيان گوڏا کوڙي وڏي آواز سان پڙھندو ھو ۽ جُھومندو ھو...ياد آيس ته ڪيئن نه ڪالوءَ پِپُرَ تي چڙھي آکيري مان ننڍو طوطو پڪڙيو ھو! پوءِ ان جا کنڀ کوھي اسڪول ۾ کڻي آيا ھئا ۽ اھو طوطو کوھيل کنڀن جي ڪري نه آکيري ڏي وڃي سگهيو ھو ۽ نه وري ھنن ئي کنيو ھيس. بي وطن رلندو رھيو ھو، خبر ناھي ڇا ٿيس..”

ھيءَ ڪھاڻي پوڻن ٻن صفحن تي مشتمل آھي، پر ايتري مختصر ـ پڻي جي باوجود، جتي ھيءَ ڪھاڻي حقيقت نگاريءَ جي لوازمات تي پوري لھي ٿي، اُتي پنھنجيءَ سموري ساخت ۾ ڪِٿي ڪو جهول نٿي رکي. ڪھاڻيءَ جي ڪلائيمڪس ۾ طوطي واري ڳالهه کي صادق جي ڪردار سان اھڙي طرح ڀيٽيو ويو آھي، جو پڙھندڙن جي جذبن جو تجردُ، ڪنوارپ يا تزڪيه نفس catharsis ٿئي ٿو. ھيءَ ڪھاڻي آدرشي تعمير Ideological construction اُھا ڏِئي ٿي ته جن جا ڳوٺ بلڊوز ڪيا وڃن ٿا، تن جي حالت اُنهن کوھيل کنڀن وارن طوطي جھڙي ٿي ويندي آھي، جيڪو بي وطن ڀٽڪندو رھي ٿو. سماجي حقيقت نگاريءَ تي ٻَڌل ھِن ڪھاڻيءَ کي ھر دور جي حڪمرانن کي به پڙھڻ گُهرجي ته جيئنءَ کين اندازو ٿي سگهي ته وَستين ۽ ڳوٺن کي بلڊوز ڪرڻ سان غريب پورھيت ڳوٺاڻا ڪيئَن نه بي وطنيءَ جي عذابن کي ڀوڳين ٿا!

ھيءَ ڪھاڻي جيتوڻيڪ ٽياسيءَ ڌاري تخليق ڪئي وئي هئي، پر اڄ ٻه ھزار ايڪيھ ۾ به سنڌ ۾ ساڳيو منظرنامو نظر اچي ٿو. اڄ به ھِن ڪھاڻيءَ کي پڙھڻ کان پوءِ اُھو محسوس ٿئي ٿو ته جيستائين سماجن ۾ معياري تبديلون نٿيون اچن، تيستائين ادب به پُراڻو نٿو ٿئي.

۲ جاگيرداري نظام پاران ٿيندڙ استحصال

حقيقت نگاري جيئنءَ ته رُومانويت جي تحريڪ جي رد عمل ۾ آئي هئي. جيئن ته رومانويت پسنديءَ ۾ خيالن جي رنگيني ھوندي آھي. رومانويت ۾ حقيقت جي تَلخي لِڪائي ويندي آھي ۽ تخيل پرستيءَ کي عُروج ڏنو ويندو آھي، تيئنءَ اُن جي اُبتڙ حقيقت نگاريءَ واري تخليقي ادب ۾ سماج جا تلخ تجربا چِٽي طرح  ڏنا ويندا آهن. حقيقت نگاريءَ جون ڪَڙيون (حقيقتون) پڙھندڙن جي دلين ۾ لھي، تبديلي آڻڻ جو جذبو جنمين ٿيون. اُنھيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته پٺتي پيل سماجن جون معروضي حقيقتون خوبصورت خوابن جھڙيون نه ھونديون آھن. پر محڪوم ۽ پورھيت عوام جي جگرن جي رت سان ريٽيل ھونديون آھن. سرور سيف جي ڪھاڻين ۾ موجود حقيقت نگاري رُومانوي سحر مان ٻاھر نڪرڻ جي دعوت ڏيندڙ ۽ حقيقتن جي ڪڙاهٽ کي پاڻ ۾ سموھڻ واري حقيقت نگاري آھي. مثال طور سندس ڪھاڻي، “بئنسري کان رائفل تائين” سماج جي انتھائي تلخ تجربن جي ڪھاڻي آھي. معروضي سچ جي ڪھاڻي آھي. ھِن ڪھاڻيءَ ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته، “ملوڪَ” سان ڇا ٿيو؟ ملوڪُ، جيڪو مِينھين جي ڌڻَ سان ھوندو ھو، جنھن جي چَپن تي سدائين بئنسري ھئي ۽ چنگُ ھُوندو ھو، جنھنجي بئنسري جي مٺڙي ڌُن تي مِينھيون به ڪنڌَ ورائي پيون کيس ڏِسنديون ھيون، تنھن سان وقت ۽ حالتن ڪيڏو نه وڏو ظلم ڪيو ھو. پھريان ته وڏيري جي خاص ماڻهن سندس مينھون چوري ڪيون. پوءِ سندس مڱَ زينب ٻئي ھنڌ پرڻائي وئي. کيس وڏيري سان تِکي مِٺي ٿيڻ ڪري، پوليس کان ڪُٽرايو ويو. سندس ڀيڻ مريمَ کي اغوا ڪيو ويو ۽ پيءُ کي زخمي ڪيو ويو. اھڙين حالتن

“ملوڪَ” کي نازُوءَ ڌاڙيل سان مِلائي ڇڏيو ۽ ھُو پاڻ به ڌاڙيلُ بڻجي ويو. پوءِ نتيجو ڇا نڪتو جو نيٺ ملوڪ به ڌاڙيل ٿيڻ بعد پلاندَ ڪندو ويو. ھِن ڪھاڻيءَ ۾  نام نھاد وڏيرڪي ظلم کي نھايت فنڪاراڻي انداز سان بيان ڪيو ويو آھي. توڙي جو موضوعاتي طور تي ھيءَ ھڪ

“روايتي” ڪھاڻي آھي. ڇاڪاڻ ته ساڳئي موضوعَ تي اڳ به ڪافي ڪھاڻيون سرجيل آھن. پر ھِن ڪھاڻيءَ جو آرٽُ ھيءُ آھي ته ڪھاڻيءَ جي ٻوليءَ جو اسلوب، جاذب نظر ۽ پيارو آھي، جيڪو پڙھندڙ کي پاڻ ڏي بي ساخته ڇِڪيندو رھي ٿو. حقيقت نگاري ھونئن به حقيقتن کي بي ساخته پيش ڪرڻ جو رجحان ڏيندڙ رھي آھي. سرور سيف جي ڪھاڻين ۾ اظھاريت بي ساخته آھي. ٻيو ته ھُن وٽ ٻوليءَ مان ادبي رسُ چس جنمڻ جو فن آھي. انڪري سندس ڪھاڻين ۾ ھڪ عجيب قِسم جي ڇِڪَ آھي. ڪھاڻيءَ جي سگهاري منظر نگاري ڏِسي اُھو چَئي سگهجي ٿو ته ڪھاڻيڪارَ وٽ ڪَچي جي علائقي جو گَھرو مُشاھدو موجود آھي. ھن وٽ درياھَ جي آس پاس واري ايراضيءَ جي ٻيلن/ زراعت بابت به ڪافي ڄاڻ آھي. ھِن ڪھاڻيءَ جي منظرنگاري ڏسڻ وٽان آھي:

“ھيءَ ساڳئي ئي کينجھو ڍنڍ ھئي، جتي پنھنجو ٻاروتڻ گذاريو ھئائين. اھي ان ڍنڍ جا جوڀن ڏينھن ھئا. مڙس تار پاڻي ڪپر تي سبزي ۽ ساوڪ. چئو طرف ڇٻر جي ساواڻ. وڻن ۾ تترن ڳيرن ۽ ڪبوترن جي غٽر گون. ڪيڙو ڪيڙو، ٽھ ڪڪ چيھي جي چھڪار، ڪوئل جي ڪوڪو...قسمين قسمين اڀريل گاھ گل گل وليون ۽ ڪانڊيرا....جڏھن سج پنھنجو رنگ مٽائي نارنگي ڪندو ھو. اولھ لالي وھنتل ڳاڙھيسرو ٿي ويندو ھو. تڏھن مينھيون ورائي دز اڏائيندي، چڙن جون گهنٽيون وڄرائيندي، ڳوٺ واري ڳھڻ وٺندو ھو. وري جڏھن سج اکيون ڪڍندو ھو، پير ٽڙڪندا ھيس... پکي ٽيئون ٽيئون ڪندا اچي آکيرن ۾ آرامي ٿيندا ھئا. تڏھن پاڻ مال کي ڍنڍ ۾ لاھي انگوڇا ٻڌي، ڍنڍ ۾ تڙ ڪندا ھئا.”

ھِن ڪھاڻيءَ جي ٻين پاسن طرف ڏسجي ته ڪھاڻيءَ ۾ ڪي خالَ ۽ ڪيا حڪمت ۽ ڪا رمزيت به  موجود آھي. مثال طور ھِن ڪھاڻيءَ جي ڪلائيمڪس ۾ ڪو آرٽسٽڪ راز رکيل آھي يا ڪا فڪري ۽ روحاني مام آھي، جو ڪلائيمڪس ۾ ملوڪَ ڌاڙيلن وانگر خون ڪرڻ بعد واپسيءَ تي وري بئنسري تي سُر ڪڍي روئڻ لڳي ٿو. ساٿي ڌاڙيل سندس اُھا حالت ڏسندي رھجي وڃن ٿا!؟ ھِتي ٻيا سوال به اُڀري اچن ٿا، جيڪي ڪھاڻيءَ جا بظاھر ته جهول يا خالَ لڳن ٿا. پر ھڪ سُٺي پاٺڪ اڳيان اھي فڪر جا لمحا به ميسر ڪرڻ جا مُسبب آھن. ڪِن تخليقن ۾ شعوري طور به سموري منظر نامي کي عڪس بند نه ڪيو ويندو آھي، جيئن پڙھندڙ تخليقن ۾ پاڻ دلچسپي وٺي. پر متن مان سوال ھيءُ به اُڀري ٿو ته ڇا

“ملوڪ” پنھنجي ماضيءَ لاءِ روئي ٿو؟ يا پلاند ڪرڻ بعد پڇتاءَ خاطر روئي ٿو؟ ھُو وڏيري کي قتل ڪرڻ بعد وري بئنسريءَ جي سُرن مان ڇا ٿو چَوڻ چاھي؟ ڇا سندس اڳيان هاڻي  ڪا منزل نه رھي ھئي؟ يا سندس واپسي ناممڪن ھئي؟ اُنھيءَ ڪري سندس ڪيفيت اھڙي عجيب بڻجي وئي ھئي؟ هن ڪھاڻيءَ مان نفسيات جو هڪ سوالُ به پيدا ٿئي ٿو ته نيٺ انسان پلاند بعد ڪھڙين ڪيفيتن مان گذري ٿو؟ ڪجهه به ھُجي، پر اھڙن سوالن وسيلي ھيء ڪھاڻي، پاٺڪ جي لاشعور تي ديرپا ۽ پائيدار اثر ڇڏڻ ۾ ڪاميابي ضرور ماڻي ٿي. ھيءَ ڪھاڻي اُھو پيغام منتقل ڪرڻ ۾ به ڪامياب وئي آھي ته بُرائي، ناڪاريت ۽ ظلم جو بدلو ظلم ۽ ناانصافيءَ سان نٿو وٺي سگهجي. ھِن ڪھاڻيءَ جو ڪمزور پاسو ھيءُ  آھي ته ھن ڪھاڻيءَ ۾ نازُوءَ ۽ ملوڪ ڌاڙيلن جي ڌاڙن ۽ پوليس مقابلن ۾ سندس بھادريءَ کي گهڻو پڏايو ويو آھي. کين غريبن جو مددگار ۽ صرف نام نھاد وڏيرن ۽ سيٺين جو دشمن قرار ڏنو ويو آھي. منھنجي خيالَ ۾ اُھي ٻئي پاسا ھِن ڪھاڻيءَ ۾ ڏيکارڻ جي گُهرج نه ھُئي. اُھو پاسو اضافي ۽ غير ضروري آھي. ڇاڪاڻ ته ڌاڙيل بس ڌاڙيلَ ئي ٿين ٿا. انهن کي “ڌاڙيلي ھيرو ازم” سان ڳنڍڻ جا سماجَ تي ناڪاري اثر پون ٿا. نئون نسل به ڌاڙيل ڪلچر کان متاثر ٿيڻ لڳي ٿو. اُھو ٻوليءَ جي اسلوب مان پيدا ٿيندڙ ناڪاري ”ھيرو ازم” آھي، جنھن جو دليل ڪھاڻيءَ مان حوالي طور ڏجي ٿو:

“نازوءَ جو ٽولو ڏيھان ڏيھ مشھور ھو ڇا ته پاڻ ( ملوڪ) ڌاڙا ھنيائين، وارداتون ڪيائين. اھي بھادر دليون ڏيکارياريائين جو نازو ڪا ساعت سراپجي ويندو ھو. ڪيترا ويرا پوليس سان آمهون سامهون ٿيا. پر بازن جيان پوليس کي ٽوٽا چٻائيندا پاڻ سنگتين کي بچائيندا واءُ ٿي ويندا ھئا.”

حقيقت نگاريءَ ۾ خيالي”پلاءَ پچائڻ” جي برعڪس زندگيءَ جي حقيقي ڪردارن جي جوھر کي عڪس بند ڪيو ويندو آھي. جيئن موپاسان جا ڪردار آھن. سعادت حسين منٽؤَ جا ڪردار آھن. منٽؤَ کي ته سخت حقيقت نگار ڪوٺيو ويندو آھي. طبقاتي نظام جي خرابين کي ھُن تخليقن ۾ اوتيو ھو. جيئن پريم چند وٽ جاگيرداراڻي نظام جي خلاف بلند آواز ٻُڌي سگهجي ٿو. اُنهيءَ ڏَس ۾  اردو ادب ۾ حقيقت نگاري ڏسڻ لاءِ ڪرشن چندر، راجندر سنگ بيديءَ ۽ عصمت چغتائيءَ وغيره کي پڙھڻ گُهرجي. سرور سيفَ جي ڪھاڻين ۾ به رومانويت جيان آسماني رفعتن تائين پُھچ جي ڪوششن جي اُبتڙ، ٻھراڙيءَ جي زندگيءَ جا اصل ۽ حقيقي عڪس آھن. ھُن جي تخليقيت ۾ تخيلاتي قياس آرائي ڪانهي يا تصوراتي خُمار ڪونهي. پر زميني حقيقتن جي تشخيص ۽ تصوير ڪشي آھي. سندس ڪھاڻي “ٽاڪا ٽُٽي ويا” به ھڪ اھڙي ئي ڪھاڻي آھي. ھن ڪھاڻيءَ جو مرڪزي ڪردار “رسولو” آھي، جنھن کي ڀوتارَ “ڪانڊيري خان” پاران ڳوٺ جو وڏو بھادرُ سَڏيو ويندو ھو. ڳوٺ جو نام نھاد وڏيرو، جيڪو ھن کان اڳ “ھوندڙي” کي “ھڪ سو ڏھ” ۾ صرف اُنهيءَ ڪري ھَڻائي ٿو، جو ھُو سندس ونگارَ تي ڪونه ٿو پُھچي. ڀوتارُ ڪاليجي ڇوڪري، “اڪؤَ “ کي لوڻي کان وٺي اهڙي چماٽَ ٿو ھَڻي، جو بُولاٽي کائي ٿو وڃي، اڪؤَ جو ڏوھ صرف اُھو ھو، جو ھُو ڀوتار جي ڀرسان وڃي بيٺو ھو ته ھن انساني برابري ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي ھُئي. نيٺ وڏيري کيس ڳوٺ مان ئي ڪڍي ڇڏيو ھو. خود “رسُولو” ته ڀوتارَ جو خاص ماڻهو ئي ته رھيو ھو. ھِن ڪھاڻيءَ ۾ وڌيڪ ڏيکاريل آھي ته اُھو ساڳيو ئي ڀوتارُ آھي، جيڪو ڪمؤَ جي نياڻيءَ سان زيادتي ڪري، کيس مارائي ڇڏي ٿو. ائين جتي ھُن ڀوتارَ ڳوٺ ۾ وڏا ظلم ڪيا ھئا، اتي خود “رسولو” به ساڳئي ڀوتارَ جي چَوڻ تي نازؤَ سان ناحق وڙھي ٿو ۽ نازُو کيس ماري بي ھوش ڪري ڇڏي ٿو. اڄ ھُو اسپتال ۾ زخمن سان چُور آھي ۽ ھاڻي کيس ڀوتارَ جو اصلي چھرو سمجهه ۾ اچڻ لڳو آھي. پر ھاڻي ڪافي دير ٿي وئي آھي. ڪھاڻيءَ جي ٻئي مرحلي ۾ ٻُوڏ ڳوٺ کي وڪوڙي وئي آھي. “رسولي” کي چنتائون ورائي ويون آھن ته سندس ٻارَ ٻُوڏ ۾ الائي ڪٿي ھوندا؟ انهن کي مَڏُ ڪير ٻَڌي ڏيندو؟ کيس ننڍڙي “انؤَ“ جو پيار ياد آيو آھي. گهر واري زينو ياد آئي اٿس، جيڪا اڳ ئي ھَڏن جي مُٺ وڃي بَچي ھئي. جڏھن ھُو ٻَڄن ڏانھن ڳڻتين ۾ وٺجي بچاءَ بند تي پُھچي ٿو ته کيس معلوم ٿئي ٿو، جيڪي ڪُتا ھُن مينھيون وڪڻي ورتا ھئا، سي به سڀ ڀوتارُ کڻي ويو ھئس. سندس گهر وارن کي ته ڳوٺاڻن مَڏُ ٺاھيو ھو ۽ سندس گهر واريءَ کي ويھاريو ھو. پر زينو به سندس لاءِ واجهائي رھي ھئي. نانگَ بَلائون ٻاھر نڪري آيون ھيون. سندس ڇوڪرو تپجي پيو ھو. اُن وقت بندَ کي روڻ پئجي چُڪي ھئي. ھُو بچاءَ بند تي بيھي ٻيڙيءَ واري کي سَڏي ٿو ته اُتي بيٺل صوبيدار کيس لٺيون ھڻندي، بند جي روڻ طرف وٺي وڃي ٿو. لٺيون کيس ساڳين زخمن ۾ لڳن ٿيون. ڪلاڪ بعد ھُو ڏسي ٿو ته بند جي ٻنهي پاسي پاڻي ھو. ھر طرف روڄ راڙو ھو. ائين “رسولو” پنھنجي ٻچن تائين نه پھچي سگهيو ھو. ٻوڏ سندس ٻچا به لوڙهي ڇڏيا ۽ سڄي عمر جنھن ڀوتار وڏيري جا ناجائز ڪم ڪيائين، سو ئي سندس لاءِ چور ۽ ڦورو نڪتو. ائين سندس اندر توڙي ٻاھر جا ٽاڪا ٽُٽي ويا ھئا. ڪھاڻيءَ ۾ “رسولي” جي ڪردار جي منفيت ۽ اجگر درد کي نھايت ڪاريگريءَ سان سميٽيو ويو آھي. ھِن ڪھاڻيءَ ۾ ٻوليءَ جي استعمال ۾ شاعراڻو رنگ ڀريو ويو آھي ۽ فنڪاراڻي انداز ۾ تشبيھن جو استعمال ڪيو ويو آھي. ڪھاڻيءَ مان دليل طور اھڙو اقتباس ڏجي ٿو:

“ھُن (رسولو) جو ذھن ذھن ٽُڪرا ٽُڪرا ٿي رھيو ھو، جيئن سنڌو پنھنجي مست ڇولين سان ڪپر ڪيرائيندو آھي. ھن جي من ۾ مانڌاڻ ھو جيئن چاڪيءَ جو گهاڻو جيئنءَ ماٽيءَ ۾ جهيرڻو. ھو سوچي رھيو ھو ۽ روئي به رھيو ھو. جيئن ڪا پرديس ۾ پرڻيل ڇوري اباڻن لاءِ روئي. جيئن ڪا ولر کان وڇڙيل ڪونج ڪوڪاري.”

ھِن ڪھاڻيءَ ۾ فليش بيڪ نھايت فنڪاراڻي انداز ۾ ڏنل آھي. منظرنگاري به دل لڀائيندڙ آھي. ڪھاڻيءَ جي بيانيي ۾ نِج ٻھراڙيءَ جي ٻولي ملي ٿي، جيڪا ھِن ڪھاڻيءَ جي وڏين خوبين مان ھڪ اھم خوبي آھي. ڪھاڻيءَ ۾ ٻوڏ، بندَ ،ڳوٺن جي ماحول ۽ نام نھاد وڏيري جي ڪردار جي زبردست عڪاسي ڪئي وئي آھي. ھيءَ ڪھاڻي طبقاتي ڏاڍائيءَ کي وائکو ڪري ٿي. ڪھاڻيءَ ۾ ڏيکاريل آھي ته ڪيئَن نه پنھنجي ئي ديس جي ماڻهن کي ڀوتارن پاران ويڙھائي، ڏاڍايون ڪيون وڃن ٿيون! منھنجي خيال ۾ ھِن ڪھاڻيءَ جو اسلوب نھايت پُرڪشش آھي. ڪھاڻيءَ ۾ فني کوٽ ھيءَ آھي ته ھِن ڪھاڻيءَ ۾ ظالم ڀوتارَ جي ڪا به خراب پُڄاڻي نه ڏيکاري وئي آھي، جنھنڪري قاريءَ جي ظالم ڪردارن خلاف ڀڙڪندڙ جذبن کي catharsis نٿو حاصل ٿئي.

۳. پورھيت ٻارن جي تعليم

تعليم انسان جي بنيادي ضرورت آھي. طبقاتي سماج ۾ عوام جي ھيٺين پورھيت ڪلاس کي بنيادي تعليم کان محروم رکيو ويندو آھي. يا کين غير معياري تعليم ڏني ويندي آھي. معاشي اَڻ برابري سموري سماج کي بگاڙي ڇڏي ٿي. غربت جي لڪير کان به ھيٺ زندگي گذاريندڙ ماڻھو، جيڪي پيٽَ جي دوزخَ ئي نٿا وِسائي سگهن، سِي پنھنجي ٻارن کي ڪھڙي تعليم ڏرياري سگھن ٿا!؟ اُنھيءَ اجتماعي درد کي اڄ اسين پنھنجي آس پاس چڱيءَ طرح  ڏِسي سگهون ٿا. سرور سيف جي ڪھاڻين ۾ جيڪا حقيقت نگاري آھي، تنھن ۾ پورھيت ڪلاس جي اھڙن معصوم  ٻارڙن جا بي پناھُ اجتماعي درد آھن. اھڙا ٻارَ، جيڪي لاتعداد سبن جي ڪري معصوم ڄمار ۾ ئي پورھيو ڪن ٿا. ائين اهي تعليم وٺڻ جي قابل نٿا رھن، جن جو ھن دنيا ۾ خدا کان سواءِ ٻيو ڪير به ڪونهي، تن ٻارن بابت سندس ڪھاڻيون پڙھي، اکين مان ڳوڙھا وھي وڃن ٿا! سندس ڪھاڻي “اسان نه ماريو....” به ھڪ اھڙي ڪھاڻي آھي، جنھن ۾ ھڪ ڇولا وڪڻندڙ پورھيت جو پُٽ “اختر” اُنهيءَ ڪري اسڪول ۾ نٿو پڙھي سگهي، ڇاڪاڻ ته سندس بي ڏُوھي پيءُ کي ڏاڍن جي ھٿان ماريو وڃي ٿو. ھُو جيڪو اڃا معصوم آھي، جنھن کي اڃان پيءُ جي مدد جي ضرورت ھئي ڇاڪاڻ ته ھُو اڃا صرف چَئن سالن جو آھي، جنھن کي اُھا به خبر نه آھي ته موت ڇا ٿيندو آھي!؟ اُن جي پيءُ کي به قتل ڪيو وڃي ٿو. جڏھن کيس پنھنجي ڀيڻ چَئي ٿي ته، “اخو بابا مري ويو” ته ھُو پنھنجي معصوم سوچ جي ڪري تاڙيون وڄائي چَوي ٿو ته “اسان نه ماريو، ڪاري ڪُتي ماريو...”ڇاڪاڻ ته سندس اسڪول ۾ ٻار ائين ئي چَوندا ھئا. پوءِ جڏھن ھُو خود پاڻ ٻن سالن ۾  ڇُولا وڪڻي پنھنجي گهر جو خرچ پکو ھلائي ٿو ته پوءِ کيس پيءُ جي قتل ٿيڻ جو صدمو چڱي طرح محسوس ٿئي ٿو. هُو اُھو سوچي ٿو ته آخر سندس بابا کي ڇو ماريو ويو!؟ اڄ ھُو سوچي ٿو ته سندس مِٺڙي بابا کي نه ماريو وڃي ھا ته اڄ ھُو ڇولا نه وڪڻي ھا!

ھيءَ ڪھاڻي اڄ به سنڌي سماج جي حالتن سان ٺھڪندڙ لڳي ٿي. ڇاڪاڻ ته اڄ به ھتي به روز ڪئين بي گناھَ ماريا وڃن ٿا، جن جي مارجڻ جا سبب ئي معلوم ڪونه ٿا ٿين. اڄ به ھِتي ڪيترائي يتيم ٻارڙا ڇولا وڪڻي گهرن جا گاڏا گھلين ٿا. فني طرح ھِن ڪھاڻيء ۾ ڪي فني طور جهولَ به رھجي ويا آھن، جيڪڏھن اُھي جهولَ نه ھجن ھا ته  ھيءَ ڪھاڻي وڌيڪ سگهاري ۽ اثرائتي بڻجي پوي ھا. مثال طور: ڪھاڻيءَ ۾ معصوم “اختر” جي پيءُ  جي قتل پٺيان لِڪل ھَٿن کي اشاراتي طور تي به   ناھي ڏنو ويو. جيڪڏھن سندس پيءُ جي موت جو سبب صرف طبعي ھو ته اُھو به ڪھاڻيءَ ۾ واضح ڪيو وڃي ھا. ڇاڪاڻ ته اُھو حصو به پاٺڪَ جي تجسس جي ساخت ۾ آيو ٿي. وڌيڪ اُھو ته گهڻي ڪوشش جي باوجود، ھيءَ ڪھاڻي، “ٻاراڻي ادب” جي لاءِ تخليق ٿيل ڪھاڻي بڻجي رھجي وئي آھي. ساڳي طرح سرور سيف جي ھڪ ٻي ڪھاڻي، “سسڪندڙ آرزو” به ادبي درجه بنديءَ توڙي موضوعَ جي لحاظ کان “ٻاراڻي ادب” جي ڪھاڻي آھي. ھِن ڪھاڻيءَ جو ڪينواس به دنيا جي انهن لکين ٻارن جي ڏکن جي نمائندگي ڪري ٿو، جيڪي ٻارَ سرد جنگ جي زماني ۾ يعني بلاڪ سسٽم سياست جي ڪري ايشيا،بلاطيني آمريڪا، آفريڪا ۽ ايل سلواڊور ۾ بُکون ڪاٽي مري رھيا ھئا. سندن اھڙين بُکايل ۽ ڏکايل ڪيفيتن کي فوٽو گرافيءَ ۽ پينٽنگس ۾ محفوظ ڪيو ويو ھو. ٻيو ته ھِن ڪھاڻيءَ جا پيرَ به پنھنجي ديس جي زمين تي ڄمن ٿا. يعني ڪھاڻيءَ ۾ پنھنجي ئي وطن جي ھڪ ٻارَ کي فوڪس ۾ آندو ويو آھي، جيڪو پنج درجا پاس ڪري، وري انگريزيءَ پڙھڻ جو بي حد شوق رکي ٿو. پر کيس اسڪول مان اُنهيءَ ڪري خارج ڪيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته سندس پيءُ غريب آھي ۽ اسڪول وارا کائنس فيون گُهري رھيا ھئا. ننڍڙو سُڏڪا ڀري روئندو رھي ٿو. پر کيس اسڪول مان ٻاھر ڪڍيو وڃي ٿو. نيٺ کيس پيءُ چَوي ٿو ته، “بابا اسين غريب آھيون. غريب انگريزي تعليم ناھن وٺندا” ائين اُھو ٻارُ به انگريزي تعليم کان محروم ٿي وڃي ٿو. مجبور ٿي سندس پيءُ کيس مدرسي ۾ داخل ڪرائي ٿو. پوءِ ھُو پِنَ جون مانيون پِنندو رھجي وڃي ٿو. ھِن ڪھاڻيءَ ۾ منظرنگاري نھايت فنڪاراڻي نموني سان ڪئي وئي آھي. فڪري سطح تي ڪھاڻي ترقي پسند فڪر جو اُولڙو آھي. ڪھاڻيءَ ۾ جنھن نوع جي موضوع کي کَنيو ويو آھي، سو نھايت اھم آھي، ڇاڪاڻ ته پنھنجي سنڌي سماج ۾ ئي ڏِسون ته اڄ به ڪئين ٻارڙا غربت جي ڪارڻ تعليم جھڙي زيور کان محروم آھن. ادبي ۽ تنقيدي لحاظ کان جيڪڏھن نظر ڪجي ته ڪھاڻيءَ ۾ ڪجهه فني نقص آھن، تن کي به مد نظر رکيو وڃي ھا، ته وڌيڪ بھتر ھو. جيئن ته ماضيءَ ۾ ڪھاڻين/ فڪشن ادب بابت سنڌيءَ ۾ تنقيدي پاسو وڌيڪ ڪمزور رھيو آھي، جنھنڪري ستر، اسيءَ وارن ڏھاڪن ۾ ڪھاڻين تي فني يا ٽيڪنڪي تنقيد موجود نه ھئڻ ڪري، ڪھاڻيڪارن کي موثر تنقيدي رھنمائي حاصل ٿي ڪونه سگهي ھئي. ماضيءَ جي سنڌي ادبي تنقيد، عروض جي بحثن کان اڳتي نڪري، ترقي پسندي ۽ رجعت پسنديءَ جي بحثن تائين محدود رھجي وئي ھئي. ھيءَ ڪھاڻي به تنھن دَور ۾ سرجيل آھي. ھن ڪھاڻيءَ جي ٽيڪنڪي سَطح ڏانھن اچون ٿا ته ھڪ ته ھِن ڪھاڻيءَ کي تاثراتي بڻايو ويو آھي، تاثراتي ڪھاڻيون ڪمزور ڪھاڻيون ٿين ٿيون. ٻيو ته ڪھاڻي ضمير غائب ۾ سرجيل آھي، جيڪا ضمير متڪلم ۾ فني لحاظ کان لِکي وڃي ھا ته وڌيڪ بھتر ھو. جيئنءَ ته ڪھاڻيءَ جو بيان ڪندڙ پاڻ به استاد آھي، جيڪو خود ڪھاڻيءَ جي اندر به ڪرداري سَطح تي موجود آھي، پر سندس عملي ڪردار بحيثيت “حساس استاد” جي به غائب آھي. ڪھاڻيءَ ۾ ھُو ان ٻارَ جو درد پنھنجي اندر ۾ ته محسوس ڪري ٿو، پر ڪھاڻيءَ جي متن ۾ ھُو به ڪردار ھئڻ جي باوجود عملي طرح اُن ٻارَ جي ڪا مدد ڪندي ڏيکاريو ويو آھي، جنھنڪري اھا ڳالهه ھڪ باشعور قاري پرکي وٺي ٿو. طبقاتي سماج ۾ طبقاتي تعليم رائج ھوندي آھي. اُتي ھڪ استاد جو ڪردار ڪھاڻيءَ ۾ ھاڪاري يا ناڪاري ھو ته ان کي واضح ڪرڻ جي ضرورت ھئي. ڪھاڻيءَ مان اُنهيءَ ڪري ظاھر نٿو ٿئي ته خود ليکڪ عمل جي ڪھڙي پاسي بيٺو آھي؟ ٽيون ته ھِن ڪھاڻيءَ ۾ اُھو ناھي ڏيکاريو ويو ته مذڪوره ٻارُ ڪھڙي قِسم جي اسڪول ۾ پڙھڻ ٿو چاھي؟ جيڪڏھن سرڪاري اسڪول ۾ آھي ته موجوده وقت ۾ ڇھين ڪلاس ۾ داخلا جي ته ڪا به في نه ورتي ويندي آھي ۽ نه وري ڪا ماھوار في ورتي ٿي وڃي، ته پوءِ ڪھاڻيءَ ۾ ٻار اسڪول مان ڇو ٿو خارج ٿئي؟ جيڪڏھن پرائيويٽ اسڪول ۾ پڙھڻ ٿو چاھي ته پوءِ اُھو ڪھاڻيءَ ۾ ڇو واضح ٿيل نه آھي؟ ۽ غريبن جا ٻارَ ڀلا ڳرين فين واري نجي اسڪولن ۾ ڪٿي پڙھي سگهن ٿا؟ لڳي ٿو ته ڪھاڻي ماضيءَ جي اِھڙي دَور ۾ لِکي وئي آھي، جڏھن سرڪاري اسڪولن ۾ به ماھوار في ورتي ويندي ھئي. ھِن دَور کي مد نظر رکندي، ھن ڪھاڻيءَ ۾ ڪجهه ترميم ڪئي وڃي ھا. پوءِ ئي ھِن ڪھاڻي مجموعي ۾ شامل ڪيو وڃي ھا ته وڌيڪ بھتر ھو.

۴ سماج ۾ سڱاوتي تڪرار

سرور سيف جي ڪھاڻين ۾ جتي نام نھاد وڏيرڪي ظلم جي خلاف احتجاج ۽ مزاحمت موجود آھي. اُتي عورتن سان ٿيندڙ بي واجبيءَ خلاف به زبردست آواز اُٿاريل آھي. جيئنءَ سندس ھڪ ڪھاڻي، “جيئڻ وھ ٿيوم” سنڱاوتي تڪرار کي موضوع بڻائي ٿي. ڪھاڻيءَ ۾ ڏيکايل آھي ته علي بخش عرف علؤَ ۽ نازان ٻنهي زال مڙس جو ھڪٻئي سان زبردست پيار ھو. علي بخش جي شادي سندس چاچي پنھنجي نياڻي عيوضي ڏيڻ جي شرط واري رسم تحت ڪرائي ھئي. پر جڏھن علي بخش پنھنجي چاچي جو “کاٽو پُٽ” نه رھيو ھو ته سندس چاچي، علي بخش جي عيوضي ۾ نالي ڪيل سنڱ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. نتيجي ۾ نازان جي مائٽن به علي بخش کان سندس زال نازان ڇِني ورتي ۽ زبردستيءَ سان نازان کي ڪورٽ چاڙھي پنھنجي مڙس کان آزادي ڏياري ڇڏي، جنھن جي صدمي ۾ علي بخش گذاري ويو ۽ نازان جي زندگي زھر ٿي وئي. ھيءَ ڪھاڻي سماج جي معروضي وجود جو جُز آھي. ڪھاڻيءَ جي پلاٽ ۾ ڪا مصنوعي گهڙاوت نظر ڪونه ٿي اچي. اڄ به اسان پنھنجي سنڌي سماج ڏانھن ئي نظر ڪريون ٿا ته، “نازان” ۽ “علي بخش” جھڙا ڪئين ڪردارَ ڏسون ٿا، جن جون حياتيون سنڱاوتي تڪرارن جي ڪري تباھ ٿي ويون آھن. ھيءَ ڪھاڻي حقيقت نگاريءَ جي مثالي ڪھاڻي آھي. ڪھاڻيءَ ۾ ٻھراڙيءَ جي ماحول کي اصلوڪي رنگ ۽ نھايت ڪرافٽ سان پيش ڪيو ويو آھي. ائين چَئجي ته سرور سيف جي ھيءَ ڪھاڻي دراصل سنڌي سماج ۾  زندگيءَ جي مختلف پھلوئن ۽ زاوين کي سمجهڻ جي ھڪ سٺي ڪوشش آھي. ٻھراڙيءَ ۾ سنڱاوتي رسمن تي سرور سيف جي ڪھاڻي “ڇپر ڪالهه ڇڏي ويا” به ھڪ اھم ڪھاڻي آھي. ھِن ڪھاڻيءَ ۾ ساڳئي موضوعَ جي ھڪ ٻي باريڪ بيني موجود آھي. پراڻي ۽ نئين سوچَ جو ٽَڪر ڏيکاريل آھي ۽ اُھو ٽَڪر نھايت آرٽسٽڪ انداز ۾ پيش ڪيو ويو آھي. ھيءَ ڪھاڻي ثابت ڪري ٿي ته سماج ۾ نوَن ۽ پُراڻن خيالن جو ٽَڪر ڪارڻ به رُومانوي زندگي تباھ ٿي ويندي آھي. ھِن ڪھاڻيءَ ۾ وڌيڪ ڏيکاريل آھي ته ناھيد ۽ سندس ڀاءُ جون شاديون سندس پيءُ ڏي وٺ واريءَ پراڻي رسم تحت ڪرائي ٿو. سندن پيءُ جي چُونڊ ته لاجواب ھئي. ٻنهي کي سُونھن ۽ سوڀيا صُورت ۽ سيرتَ وارا شريڪ حيات مليا. ناھيد جو مڙس ڪراچيءَ ۾ ملازمت ڪندو ھو ۽ پاڻ سَسُ ۽ سُھري سان گڏ ڳوٺ ۾ رھندي ھئي. ناھيد جي ڪتابن پڙھڻ جي عادت ڏسي، ڳوٺ جي ماين سندس سَسُ کي ٽُوڪيو ھو، جنھنڪري سَسُ به ناھيد کي اُٿندي ويھندي ويڻ وجهڻ لڳي. سَسُ جي شڪايت ناھيد مائٽن ۾ پھچي وڃي پيءُ سان ڪئي، سندس پيءُ ڪاوڙ ۾ ايندي دير نه ڪئي، ڏي وٺ جي رسم ڪري پنھنجي پُٽ کان  طلاق ڏياريائين، جنھن تي پلاند ۾ ناھيد جي مڙس به پنھنجي ڀيڻ کي طلاق مليل ڏسندي، پنھنجي زال کي  گهر ۾ ويھارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ ناھيد کي طلاق به نه ڏنائين. ڪھاڻيءَ جو ڳرُ ھيءُ ٿو نڪري ته سمورو ڏوھ ناھيد جو ھو. ناھيد پنھنجي پيءُ سان سُسُ جي شڪايت ڪري چَئن ماڻهن جون زندگيون تباھ ڪري ڇڏيون. اڳتي وقت گذرڻ سان ناھيد جو ڀاءُ به زال جي ڏک ۾ ڀَنگ ۽ چَرس واپرائڻ لڳو. ناھيد جو پيءُ فالج جو شڪار ٿي ويو. ھاڻي ناھيد روئندي اياز جي وائي ڳائيندي رھي ٿي:

ور ور ڏيندم ڪيترا

اوٺي ڳوٺي وڍ

ڇپر ڪالھ ڇڏي ويا 

ھِن ڪھاڻيءَ جي بصيرت، عقل، فھم ۽ شعور Insight of recognition کي ڏِسجي ته ھيءَ ڪھاڻي ثابت ڪري ٿي ته سماج ۾ عورت جو استحصال رڳو مرد نٿو ڪري، پر ھڪ عورت خود پاڻ سان پاڻ به ظلم ڪري ٿي ۽ ڪِن عورتن جي پنھنجي اڻ سھپ ڪارڻ، سندن پنھنجن سڄڻن ۽ عزيزن جون حياتيون تباھ ٿي وڃن ٿيون. پوسٽ ماڊرن فيمينزم جو به ساڳيو چَوڻ آھي ته عورت جي استحصال جا انيڪ سبب ٿين ٿا. ھيءَ ڪھاڻي آدرشي طور سِيکاري ٿي ته دنيا ۾ انسان جي سڀ کان اھم شيءِ سندس ڪردار آھي. “جيڪو انسان پوکي ٿو، سو ئي لڻي ٿو.” اُھو لوڪ ڏاھپ جو مقامي معيار اڄ به سؤ سيڪڙو صحي آھي، جيئن ھِن ڪھاڻيءَ ۾ ناھيد جي غلطي گهرَ ڦٽائي ڇڏي ٿي. ھيءَ ڪھاڻي فني طرح ڪافي اثرائتي ھئڻ جي باوجود پنھنجي پويان ڪجهه فڪري سوال ڇڏي وڃي ٿي، جيڪي ڪھاڻيءَ جي درست ٽريٽمينٽ نه ھئڻ جي ڪري پيدا ٿيا آھن. ڪھاڻيءَ ۾  جڏھن ناھيد جو پيءُ پراڻن خيالن جو ڏيکاريل آھي ته پوءِ ناھيد کي پڙھائي ڪيئَن ٿو؟ ۽ ايترو ڪجهه ڇا ٿو پڙھائي، جو ھوءَ شاديءَ بعد گهر ۾ ھر وقت ڪتاب پڙھندي ٿي رھي؟ ڪھاڻيءَ ۾ ڏيکاريل نه آھي ته ناھيد ڪا ليکڪا آھي يا شاديءَ بعد به پنھنجي تعليم جاري ٿي رکي؟ ٻيو ته ناھيد جو پيءُ بقول سندس ته پراڻن خيالن جو آھي ته پوءِ ھُن جي ڪتاب پڙھڻ تي کيس سَسُ جي ٽوڪ جو ٻڌي ايڏو وڏو قدم طلاقن ڏيارڻ تائين ھڪدم ڪيئَن وڃي ٿو، جو پُٽ کي به ڏي وٺ جي رسم جي ڪري ننھن کي طلاق ڏياري ٿو؟ اھو ته تڏھن ٿئي ھا، جڏھن ناھيد جو پيءُ به جديد خيالن وارو ھجي ھا!

ڪارو ڪاري ڪلچر

سرور سيف جي ڪھاڻي، “کير جھڙي ڪاري” سندس ڪتاب جي ٽائيٽل ڪھاڻي آِھي. ھيءَ ڪتاب جي ھڪ اھم ۽ سٺي ڪھاڻي آھي. ھِن ڪھاڻيءَ جو موضوع “ڪارو ڪاري ڪلچر” جي چوڌاري ڦري ٿو. ڪھاڻيءَ ۾ ھڪ اھڙيءَ نوجوان عورت جي زندگي ڏيکاريل آھي، جيڪا شاديءَ کان اڳ پنھنجي مائٽن جي گهر ۾ ڏاڍي خوش ھوندي ھئي. سندس پيءُ کيس ھڪ پوڙھي سان پرڻائي ڇڏيو، جيڪو سندس جسماني گُهرج پوري ڪرڻ جي به لائق ڪونه ھو. نيٺ ھوءَ ھڪ ٻئي نوجوان ڇوڪري سان دل لڳائي ويٺي، پر اُھا خبر پَوڻ تي مائٽن ۽ سندس پوڙھي مڙس کيس ماري ڪُٽي، “ڪاري” قرار ڏئي ڇڏيو. جڏھن ته ھوءَ جسماني طور به پاڪ ھئي. آخر کيس ھڪ سردار جي ڪوٽ ۾ قيد ڪرايو ويو، جتي سماج پاران ٻيون به ڪاريون “قرار ڏنل موجود ھيون. اُتي نه صرف سردار ساڻس جنسي ۽ جسماني زيادتي ڪري ٿو، پر نوڪر چاڪرَ به ڪُتن جيان سندس جسم کي پَٽيندا رھن ٿا. ھيءَ ڪھاڻي وقت Time جي لحاظ کان ھڪ تجربي جي متحمل بڻي آھي. ھن ھڪ ئي ڪھاڻيءَ ۾ فليش بيڪ ته آھي. پر جيئن جيئن ڪھاڻي اڳتي وڌندي رھي ٿي ته ڪھاڻيءَ ۾ ٽئي زمان ماضي، حال ۽ مستقبل بي ساخته طريقي سان ڪھاڻيءَ جي تخليقي سفر سان گڏ تبديل ٿيندا وڃن ٿا. ھن ڪھاڻيءَ جو اردو ترجمو ھڪ ٻئي ڪھاڻيڪار ۽ محقق جھانگير عباسيءَ به ڪيو آھي. ھِن ڪھاڻيءَ جي اھم ٽيڪنڪ ھيءَ به آھي ته ڪھاڻي ھر ڀيري ھر نئون رخ فليش بيڪ وسيلي ماضيءَ جي پس منظر مان اخذ ڪري، اڳتي وڌي ٿي. اهڙيءَ طرح هيءَ ڪھاڻي ھڪ ئي وقت مرڪزي ڪردار جي داخلي ۽ خارجي تضادن Conflict کي سھڻي نموني عڪاسي ٿي. اھو سڀ ڪھاڻيءَ جي پلاٽ جو ڪرشمو آھي، جنھن کي ٽينڪي سطح تي پلاٽ جو اظھار Exposition به چئبو آھي. ھن ڪھاڻيءَ ۾ زمانن جي مَٽجڻ وقت مونجهارو خلقيو ويو آھي، جيڪو ھڪ نقص نه پر پلاٽ جي مختلف عنصرن مان ھڪ حصو  Complication آھي. ھِن ڪھاڻيءَ کي بار بار ۽ گھريءَ نگاھَ سان پڙھبو ته پلاٽ جو ھڪ ٻيو عنصر سلجهاؤُ Denouement نظر نه ايندو. جڏھن ڪنھن به ڪھاڻيءَ جو Crisis حل طرف نه وڃي ته اُن جو مقصد آھي ته ڪھاڻيءَ ۾ نتيجو خود پڙھندڙن تي ڇڏيل آھي ته اُھي پاڻ فيصلو ڪن ته ان ڪھاڻيءَ جو نتيجو ڇا ٿي سگهي ٿو. ساڳئي وقت پڙھندڙ اھو به ڏسن ته سندن آس پاس جي سماجي ماحول ۾ اھڙن جهيڙن ۽ بحرانن Conflicts and Crisises جو ڪو حل موجود به آھي يا نه؟

ھِن قِسم جون سرور سيف جون ڪھاڻيون فڪري سطح تي فيمينسٽ ڪھاڻيون به سَڏي سگهجن ٿيون. جديديت پُڄاڻان عورت زاد تحريڪ جو به چوَڻ آھي ته سماج ۾ عورت مختلف قِسمن جي جبر ھيٺ رھي ٿي. عورت سان ٿيندڙ ظلم کي رڳو ڪنھن ھڪ زاويي سان سمجهي نٿو سگهجي. پنھنجي سنڌي سماج ڏانھن ئي نگاھَ ڪجي ته سنڌي سماج ۾ عورت مختلف نوع جي موت جھڙن مسئلن جي سامهون آھي، جن کي مُنھن ڏيندي، ڪيتريون ئي عورتون مارجي وڃن ٿيون. جيئن سرور سيف جي ڪھاڻي، “ڪارو ماڻهو ڳاڙھو درياءُ” ۾ ڏيکاريل آھي ته ھڪ عورت “خيران” به ڪاري ڪري ماري وڃي ٿي. جڏھن ته ساڳئي ڳوٺ ۾ اڳ به چار ناريون درياھَ جي ڪنڌيءَ آڻي ڪُھي ڪَپي، درياھَ ۾ اڇلايون ويون ھيون. خيران، جيڪا احمدؤَ جي پُڦاٽ ھئي، ساڻس نينھُن لائي ويٺي. ٻئي ننڍي ھُوندي ئي گڏ رانديون رونديون ڪندي، وڏا ٿيا. احمدوءَ جو مُوھ ۽ خيران جي  پريت ڏسي، جڏھن احمدؤَ جي پيءُ خيران جي پيءُ کان پُٽ لاءِ سنڱُ گُهريو ته ڄڻ جھنگ کي باھ لڳي وئي. خيران جي چاچي ۽ سوٽن فساد برپا ڪري وڌو ۽ نيٺ کيس سندس مرضيءَ جي خلاف پنھنجي سوٽ علڻ سان زبردستي پرڻايو ويو. ھوڏانھن “احمدؤَ “جي مائٽن به سندس شادي ھڪ ٻيءَ سدا ملوڪ ناريءَ سان ڪرائي ورتي. پر پوءِ به خيران ۽ احمدؤَ جو ھڪٻئي سان عشق ختم ڪونه ٿيو. لِڪَ ڇَپَ ۾ روحَ رھاڻيون ڪندا رھيا. ھڪ رات اھڙي به آئي. جڏھن ٻئي تاڙجي ويا. پوءِ ھڪ رڙِ ٻُڌڻ ۾ آئي”ڪارو آ تنھنجي ته...!” ڪھاڙين جا چمڪاٽ ٿيا. احمدو ڌڪ گُسائي ڀَڄي نڪتو ۽ خيران کي درياھَ ۾ ڪُھي ڪَپي ٽُڪرا ڪري اُڇلايو ويو. ھِن ڪھاڻيءَ ۾ سماج کي ھُوبھو پيش ڪيو ويو آهي. سماج جي ڪڙاهٽ محسوس ڪرائي وئي آھي. جاگيردار ذھنيت جي تلخي ۽ اصليت کي سموھيو ويو آھي. شعور ۽ تعليم جي مفلسيءَ جي آئينه داري ڪئي وئي آھي. ڪھاڻيءَ ۾ معروضي سماجي تلخين سان گڏ اندر جي رومانس کي نرملتا عطائڻ لاءِ جماليات خلقي وئي آھي. پر ڪھاڻيءَ جي پُڄاڻيءَ جو فيصلو پڙھندڙن تي ڇڏيو ويو آھي. پڄاڻيءَ جي عدم موجودگيءَ جو دليل ھيءُ آھي ته ڪھاڻيءَ ۾ ڏيکاريو نه ويو آھي ته احمدو جڏھن خيران جي قتل ٿيڻ بعد پنھنجي ماءُ ۽ وطن جي محبت ۾ ڳوٺ واپس اچي ٿو. اُن وقت علڻ ۽ خميسو جيڪي کيس ڪارو ڪري مارڻ چاھين ٿا، تن ھٿان ھُو مارجي وڃي ٿو يا بچي نڪري ٿو؟ پوئتي سندس ماءُ ۽ گهر وارن جو ڇا ٿو ٿئي؟ ڪھاڻيءَ کي اھڙي لمحي پڙھندڙن جي سپرد ڪرڻ به ھڪ منفرد آرٽ آھي. جڏھن نتيجا حڪمتن ۽ رمزن جي ڇانوُرن ۾ پناھون ڳوليندا ھجن. اھڙو آرٽ به ھِن ڪھاڻيءَ ۾ نھايت ڪرافٽ مئنشپ سان ڏنل آھي. ھِن ڪھاڻيءَ جي خوبي اُھا آھي ته اُھا فڪري دنيا ۾ وڏن جنسي ۽ نفسياتي سوالن کي جنم ڏيندي حيرانيءَ ۾ وجهي ٿي. مثال طور ڪھاڻي قاريءَ لاءِ ھي سوالَ به ڇڏي وڃي ٿي ته ڪھاڻيءَ ۾ جڏھن احمدؤَ جي شادي ٻئي ھنڌ ٿي وڃي ٿي ۽ خيران جي به علڻ سان شادي ٿي وڃي ٿي ته پوءِ به ٻنهي جي پيار ۾ ڇو ڪمي واقع نٿي ٿئي؟ الڳ الڳ شادين بعد سندن وري سندس لِڪي ملڻ حقيقت نگاري به آھي يا نه؟ جذبي جي اڳيان ڪو منطق بيھي سگھندو آھي يا نه؟ ھيءَ ڪھاڻي قاريءَ جي لاشعور کي موٽائي رکڻ جي صلاحيت رکي ٿي ۽ شعور تي سوالن جنمڻ ڪري وڌيڪ ڀرپور تاثر سان زنده رھڻ جي صلاحيت رکي ٿي. سرور سيف جي ھِن ڪھاڻي مجموعي

“کير جھڙي ڪاري” تي “ڪارو ڪاري ڪلچر” جي ھڪ ڇاپ آھي. توڙي جو ڪن ٻين موضوعن تي به ڪھاڻيون آھن. پر ڪافي ڪھاڻيون ساڳي موضوع “ ڪارو ڪاريءَ” جي ور چڙھيل آھن. ڪھاڻي، “اڄ لبن تي ڪا لھؤَ جي ڌار آ” به ڪارو ڪاري ڪلچر جي ڪھاڻي آھي. ھيءَ سموري ڪھاڻي صرف تاثراتي ھجڻ ڪري پنھنجو تخليقي اثر ضايع ڪري وجهي ٿي.

مجموعي طور، سرور سيف ھڪ اِھڙو حقيقت نگار ڪھاڻيڪار آھي، جنھن جون ڪي ڪھاڻيون تاثراتي آھن. ڪھاڻين ۾ واقعن جو باترتيب ھُجڻ ئي چٽائي جنميندو آھي. تاثراتي ڪھاڻيون معروضي طور ڪمزور ٿين ٿيون ۽ حقيقت نگاريءَ جي دوران به سُونھن ڪونه ٿيون. ڇاڪاڻ ته حقيقت نگاري معروضي سچائيءَ تي تخليقي ايمان آڻي ٿي. تاثراتي ڪھاڻيون موضوعي سطح تي ذھني تصورن جي ميراث ٿين ٿيون. ذھني تصورَ رومانويت جي کيتي آھي. حقيقت نگاري خود رومانويت جي رد عمل ۾ اُڀرندڙ رجحان/ تحريڪ آھي. ٻيو ته اڪثر تاثراتي ڪھاڻيون، تاثراتي خطن جيان لڳنديون آھن. انھن ۾ ڪھاڻي پڻو نه رھندو آھي. مثال طور: سرور سيف جي ڪھآڻي، “مارل ڌيءَ” به ھڪ تاثراتي ڪھاڻي آھي. ھيءَ ڪھاڻي”توڙي جو ڪھاڻيڪار جي نئين ڪھاڻي آھي، پر تاثراتي ھئڻ ڪارڻ، ھن ڪھاڻيءَ ۾ ايتري فڪري سگهه نه آھي، جو متاثر ڪري سگهي. ڪھاڻيءَ جو پلاٽ، اسلوب ۽ پيشڪش توڙي مُوضوع ساڳيو روايتي نوعيت جو آھي. ڪھاڻيءَ ۾

“سنجها” ھڪ ڇوڪري يونيورسٽيءَ ۾ ڪنھن نوجوان سان پريم ڪري ٿي، جنھنڪري سندس قبيلي وارا سندس پيءُ کي زخمي ڪن ٿا.سنجها کي ڪاري ڪري ماري وجهن ٿا يا اغوا ڪن ٿا. اُن بابت  خود  ڪھاڻيءَ ۾ ڪجهه به واضح نه آھي. ھِن ڪھاڻيءَ جي موضوع توڙي ٽريٽمينٽ ۾ ڪا خاص فني مھارت رکي وڃي ھا ته بھتر ھو. سرور سيف جي باقي ڪھاڻين ۾ سندس ھڪ نئين لکيل ڪھاڻي “ست نام” فلسفي جي لحاظ کان ھڪ زبردست ڪھاڻي آھي. ڇاڪاڻ ته ھيءَ ڪھاڻي لاشعوري طور سماج ڏانھن ھڪ اھم پيغام منتقل ڪري ٿي ته ماڻهؤَ جي ذھني تصورات/ روحانيت عارضي طور تبديل ٿيندي آھي. پر مستقل طور ماڻهو زندگيءَ جي وڏن حادثن کي مُنھن ڏيڻ بعد به پنھنجي اصليت ۽ پسنديده تصوراتي دنيا/ روحانيت ڏانھن واپس وڃي ٿو. پر ڪھاڻي، “سندر سپنا ڀورا ڀورا” ڪا خاص ڪھاڻي نه آھي. ڪھاڻيءَ ۾ صفدر نالي ھڪ نوجوان لَو ميريج ڪرڻ بعد سُھري جي شرط تي سندن گهر رھڻ تي مجبور ڏيکاريل آھي. ڪھاڻي ڪو جاندار ڪلائيمڪس ميسر ڪري نه سگهي آھي. ھِن ڪھاڻيءَ ۾ تاثر جي وحدت تخليق ڪرڻ لاءِ وڌيڪ محنت جي ضرورت ھئي. ساڳيءَ طرح ڪھاڻي، “اسين جاڳيا آھيون” به موضوعاتي طور تي نام نھاد وڏيرڪي پس منظر جي روايتي پڻي جو شڪار ٿيل ڪھاڻي آھي. ھيءَ ڪھاڻي نعري بازيءَ جي ور چڙھي وئي آھي. ساڳيءَ طرح ڪھاڻي، “ھيڏا ھاڃا” ھڪ فيمنسٽ ڪھاڻي آھي، جنھن ۾ ھڪ نوجوان عورت کي پوڙھو مڙس ڏنو وڃي ٿو. ھِن ڪھاڻيءَ ۾ ادبيت گهٽ آھي ۽ ھيءَ ڪھاڻي به ترقي پسنديءَ واري نعري بازيءَ جو شڪار ٿيل آھي. سرور سيف جي ڪھاڻين جي پيشڪش “ڪھاڻي کڻت” وارو آھي. موضوعاتي طور ھُن وٽ سڀ کان وڌيڪ ڇانيل موضوع سنڌي عورت ۽ سندس ڏک درد ۽ غم آھن، جيڪي ڏک درد غم ھوءَ سنڌي سماج ۾ ڏسي ٿي. عام طور سندس موضوع بک، بد حالي آهن. حقيقت نگاريءَ تي الزام آھي ته حقيقت نگاري سماجي لقائن جو رڳو خارجي اظھار بڻجي وئي آھي. پر سرور سيف جي ڪھاڻين ۾ خارجيت/ معروضي صورتحال سان گڏ ڪردارن جي موضوعي/ اندر جي حالت کي نھايت سٺي نموني اظھاريو ويو آهي. حقيقت نگاريءَ وارو تخليقي ادب تاثر ۾ خشڪ ۽ ڪَڙو سمجهيو ويندو آھي. پر سرور سيف جي ڪھاڻين ۾ لفظن جي ترڪيبن، خوبصورت منظر نگاريءَ، خوبصورت تشبيھن ۽ ٻوليءَ ۾ شاعراڻي انداز جي ڪري لطافت ۽ جاذب نظري نظر اچي ٿي. حقيقت نگاريءَ متعلق چَيو ويندو آھي ته اُن ۾ حقيقت پسندي ۾ قابل تعريف ڪردارن کي نظر انداز ڪيو ويندو آھي. پر سرور سيف جي ڪھاڻين ۾ سماج جا اُھي ڪردار ئي مرڪزيت جو اُھڃاڻ بڻجن ٿا، جيڪي پورھيت آھن. اُھي عورتون آھن، جن کي بي گناھ قتل ڪيو وڃي ٿو. سرور سيف وٽ سگهاريون ڪھاڻيون آھن. پر سندس ڪيتريون ئي ڪھاڻيون  ڪمزور فني ٽريٽمينٽ جي ڪري تاثر ۾ وحدت جنمي نه سگهيون آھن. سرور سيفَ جي ڪھاڻين ۾ ٻھراڙي ته سگهاري نموني عڪس بند ٿيل آھي. پر سنڌ جي شھري ماڻهن جي مسئلن ۽ نئين حسي ادراڪ کي سندس ڪھاڻيون ڇُھي نه سگهيون آھن. ستر، اسي ۽ نوي جي ڏھاڪن کان پوءِ به ڪيتريون ئي سنڌي سماج مٿان ڪربلائون گذريون آھن، تن ڪربلائن کي سندس ڪھاڻيون فوڪس ۾ آڻي نه سگهيون آھن. ٻئي طرف جديد سنڌي ڪھاڻيءَ جو فني تخليقي سفر ڪافي اڳتي نڪري آيو آھي، جيڪو سندس فني ڪرافٽ جي ڀاڳ جو حصو بڻجي نه سگهيو آھي. ھِن ڪتاب جون ڪمزور ڪھاڻيون سِکيا گھر آھن، جن مان اصلاح وٺي سرور سيف جھڙا سٺا حقيقت نگار ڪھاڻيڪارَ اڳتي تخليقي سفر کي وڌيڪ سگهارو ۽ روان رکي سگهن ٿا.

 

(“سڦلتا” جي آگسٽ-سيپٽمبر ۲۰۲۱ع واري پرچي ۾ ڇپيل)

No comments:

Post a Comment